Monday, August 15, 2016

گروپ فوٽو جي حڪمراني


چوڌري نثار الزامن جي ڀريل ٽوڪري پيپلز پارٽيءَ جي مٿان هاري آهي، جيستائين الزامن جو جواب اچي، تيستائين روڪ ردعمل ۾ کيس ذهني مريض ڪوٺيو ويو آهي. ردعمل ۾ پ پ جي چيئرمين سميت ڪيترن  ئي ٻين مرڪزي اڳواڻن ڳالهايو آهي، پر سڀني انهيءَ شخص کي ڳالهايو آهي، چوڌري نثار بيشڪ درست نه سهي پر هن جي ڪا پارٽي به آهي، ان جي پارٽيءَ جي ڪا لائين هوندي، ان کان پڇي سگهجي ٿو ته چوڌري نثار ڪنهن جي ڪڇ ۾ ويٺو آهي، ڪنهن جي بَڇ تي ڳالهائي ٿو، پر مسلم ليگ (ن) هنن جي ڪنهن به ميار جي مخاطب ناهي، ان جي باوجود به ناهي ته چوڌري نثار جي پارٽيءَ سندس الزامن کان لاتعلقي ناهي ڏيکاري، جنهن کي جيتري به چڙ لڳي آهي، چوڌري نثار تي لڳي آهي نه ئي (ن) ليگ پنهنجي وزير داخلا کان پُڇاڻو ڪيو آهي نه وري پ پ حڪمران ليگ کان پڇاڻو ڪيو آهي، ائين ٿو محسوس ٿئي ته هو چاهن اهو ٿا ته اِتي ئي ٺهيو ٿي وڃي جيڪر!!
چوڌري نثار اهڙو پهريون ڀيرو ناهي ڳالهايو، هو اهڙا ڪيئي ٻول پهرين به ٻولي چڪو آهي ۽ پنهنجي مخالفن جو پَٽڪو رولي چڪو آهي، پر پوءِ ڪوئي ”هٿ“ هن جي وات تي اچي ويندو آهي، پوءِ ٻُڌڻ ۾ ڪجهه ناهي ايندو. اڳي هو اهڙيءَ طرح اعتزاز احسن سان ٻکيو هو، اسلام آباد ۾ ڌرڻي جا ڏينهن هئا، پيپلز پارٽي پنهنجو تعارف واپس وٺڻ جي ڌمڪي ڏني ته حڪومت چوڌري نثار جي نِڙي بند ڪري ڇڏي، پوءِ اهي راز پڌرا ٿي نه سگهيا، جن جو واعدو انهيءَ گهرو وزير ڪيو هو، ائين ٿو لڳي هن هر ڪنهن جا اهڙا فائيل هٿ ڪري رکيا آهن جو واري واري سان هر ڪنهن کي ڊيڄاري ٿو ڇڏي ۽ الزام هڻي آيل به ٽوڙهي خير ۾ پنهنجو خير ٿا سمجهن.
هڪٻئي جي پٺيان حڪمراني ڪندڙ پارٽين کي پاڻ ۾ ڪو پرابلم ڪونهي، پر ٻنهي وٽ ڪي ”اٿرا پُتر“ آهن، جيڪي وقت سِر ڪم اچڻ لاءِ ڪي فائيل ٺاهي ٿا رکن، اهي ڪڏهن ڪڏهن اٽڪي ٿا پون، جڏهن گهڻي کول ٿي ٿيڻ لڳي ته پارٽي قيادتون خير ڪرايو ڏين. هاڻي به چوڌري نثار جن الزامن سان آڏو آيو آهي، پنهنجي انهيءَ پوزيشن تي نه رهندو، گهڻو ڪري خير ٿي ويندس. تعارف ڪرڻ جو وڏو معاهدو ٿيل آهي، انهيءَ تان ٿورو ڪو هٽي ٿو ته فائيل ڇنڊي کنيا ٿا وڃن ۽ اهڙيون پريس ڪانفرنسون ٿين ٿيون. عوام اجايو ڪن ڏيئي بيهي ٿو، پر اهڙن ڊرامن جي بقايا قسط ڪڏهن ناهي هلندي.
چڱي ڀلي جي نه سهندڙ هڪٻئي جي اهڙو ٿا سهي وڃن جو ڏسندڙ حيران آهن، سبب اهو آهي جو ٻيئي سياسي ايٽمي قوتون آهن. هڪٻئي جا بيشڪ مخالف آهن، پر وڙهي سگهڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. هو هڪٻئي جا ڪارا چٺا ٺاهيو ويٺا آهن، هڪٻئي جي ڪمزورين کان واقف ئي نه بلڪه پاڻ ئي هو ٻئي هڪٻئي جون ڪمزوريون آهن. دشمن به آهن، دوست به آهن، اهڙا آهن جو هڪٻئي کي سهندا به ناهن ۽ هڪٻئي کانسواءِ رهندا به ناهن. توائيءَ ۾ تعارف کسيندا آهن، ڪا ڳالهه ڳڻي وري ويجها ٿيندا آهن. الزامن، جوابن، تنقيد ۽ تعاون جا ٻه ٽي پيرڊ هر سال هلائيندا آهن. جهڙي به اٿن پر هڪٻئي جي جمهوريت کي بچائيندا به آهن. رڳو ”وقت جي تقاضا“ هنن جي اڳي پوءِ ٿي وڃي ٿي، جيڪو حڪومت ۾ آهي، ان جي وقت جي تقاضا هڪڙي آهي، جيڪو ٻاهر آهي، ان جي ٻي آهي. هڪٻئي کي سمجهائي وٺندا آهن ته هنن لاءِ خير هوندو آهي، سمجهه ۾ نه ايندو اٿن ته پوءِ جيڪو ڏسو ٿا پيا!
اقتدار هڪ پڪل فصل آهي، هرڪو پنهنجي پنهنجي فصل جي جهار ٿو هڪلي. اهڙو فصل جنهن جو ٻج ۽ پاڻي عوام آهي، هي ٻيئي ٻارِ کڻندڙ آهن، هي ”بٽئيءَ جا ڀائيوار“ آهن. هڪ حد تائين اختلاف ڪندا آهن، سهندا به آهن، هڪٻئي کي لوڏيندا گهڻو آهن، پر ڪِرڻ ناهن ڏيندا. پير ڪڍڻ جا نقصان سَٺيو ويٺا آهن. وڏي نقصان جي صورت ۾ ورديءَ وارن کان ڊڄندا آهن ۽ ننڍو نقصان هنن جو اهو ٿي سگهي ٿو ته وچئون عمران خان نه اقتدار ۾ اچي وڃي، جيڪو هنن جي غلطين جو کٽيو کائڻ لاءِ ويٺو آهي. هو جي هڪٻئي کان اجنبي به ٿي ويندا آهن ته عمران خان جو سوچي ويجهو اچي ويندا آهن، جيڪو ٻنهي ڌرين جي مخالف ڌر آهي.
هنن مان جيڪو به جنهن تي الزام هڻي ٿو انهن جي صفائي ڏيڻ بدران جوابي الزامن سان سامهون ٿيندا آهن. هڪٻئي جون اهڙيون ته ڪچيون ڪن ٿا جو ٻيهر جيڪر جيل ۾ هجن پر جن کين جيل ۾ وڌو، انهن به بعد ۾ سمجهوتا ڪيا، جيئن ته ٻيو ڪو ناهي، جمهوريت جو متبادل جمهوريت ئي آهي، ان جو کين وڏو فائدو ٿو ٿئي. عوام اهڙو ليکو ئي نه سکيو آهي جنهن سان کير کير ٿئي ۽ پاڻي پاڻي ٿي وڃي. انهيءَ ڪري هڪٻئي جون اڌ پڌريون ڪري به هي اقتدار ۾!! عوام جو حال نارائڻ شيام جي هن شعر جهڙو آهي ته:
”فرصت ڏي زمين ته اُڀ ڏانهن به ڏسان“
انهي ڪري وڙهندي وڙهندي به هي هڪٻئي کي پنج سال پُورا ڪرائيندا آهن. اهو البته آهي ته هڪٻئي جي چڱائين لڱاين جا فائيل ٺاهيندا ويندا آهن. احتساب لاءِ نه بلڪه ڊيڄارڻ لاءِ ۽ ڊيڄاري چُپ ڪرائڻ لاءِ. هو هڪٻئي جو ناحق به نروار ڪن ٿا، انهيءَ ناحق جا خير خواهه به آهن. هو هڪٻئي کي ڪمزور به ڪندا آهن ۽ وٽامن ڊي به ڏيندا آهن.
اڄ ٻيئي پارٽيون ٻکيل ته نظر اچن ٿيون، پر اها زور ڏيڻ واري مَلهه آهي، ڪيرائڻ واري ناهي، سندرن ۾ ته سندن هٿ پيل آهن، پر اهي ڇڪي مٿي جهلڻ لاءِ به آهن، هو سمجهن ٿا ته ٻنهي سان عمران خان جي مَلهه آهي، ٻنهي کي هڻي نه وڃي. انهيءَ ڪري هو پنهنجي ”ڪلهه“ کي وري ”اڄ“ بنائڻ نٿا چاهن. اڳ ڪيرائڻ جي سياست هئن، هاڻي بدنامي ڪري به بچائڻ جي سياست ڪن ٿا. هيٺئين سطح تي هنن جي ماڻهن جا بيشڪ هڪٻئي جي ڳچيءَ ۾ هٿ آهن، پر اعليٰ سطح تي اعتبار جو جهان جڙيل آهي. هنن جي تنقيد ڪڏهن به تحريڪ جي صورت نه وٺندي. هو هڪٻئي کي عمران خان کان ڊيڄاريندا ضرور پر وقت اچڻ وقت ساٿ هڪٻئي جو ڏيندا. هي حڪمرانيءَ جو هڪ گروپ فوٽو آهي.
(روزاني عبرت)  



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو