Sunday, August 21, 2016

نصيحت ڀريون ڳالهيون؛ توحيد جي تعريف ۾




چؤ ته الله هيڪڙو، وائي ٻي م سک،
لکيون  پيو  لک،  سچو  اکر  من  ۾.


شرح؛- هن بيت جي شرح شافي ٻن پهلن تي مشتمل آهي. هڪ ظاهري شرعي پهلو ۽ ٻيو باطني پهلو شرعي پهلو. 
 هي بيت ڀٽ ڌڻي جو سورة اخلاص جي پهرين آيت جو هوبهو ترجمو آهي- سورت اخلاص مڪي آهي نه مدني انهي سورت سونهاري ۾ چار آيتون آهن هر هڪ آيت سرتاج سنڌ جي هن بيت مذڪور ۽ هيٺين نمبر وار بيتن جو پورو پورو شرح آهي. نمبر اول بيت جو شرح هي پهرين آيت اخلاص جي (قل هوالله احد) آهي يعني چئو ته اهو الله هڪڙو آهي) شان نزول ان سورت سونهاري جو ٻن روايتن سان مروي آهي. 1- قريشن جي هڪ گروه محبوب مدني کي چيو ته تون اسان کي انهي الله جي وصف واکاڻ ٻڌاءِ جنهن جي عبادت ڏي اسان کي سڏي رهيو آهين پوءِ اها سورت سونهاري نازل ٿي. 
2- تفسير معلم ۾ آهي ته يهودن جي هڪ ٽولي چيو ته اي ابو القاسم پنهنجي پروردگار جي اسان کي صفت ساراه ٻڌايو ته اسان توتي ايمان آڻيون ڇو ته اسان تورات ۾ ان الله جي صفت لکيل ڏٺي اهي پوءِ اها سورت نازل ٿي. حديث ۾ آهي ته اخلاص سورت کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان ثواب ڏهن سيپارن جو حاصل ٿيندو آهي ۽ ٽن ڀيرن پڙهڻ سان ساري قرآن ڪريم جي ختم ڪرڻ جو ثواب ۽ اجر پڙهندڙ کي درگاه پاڪ جي مان پلئو پوندو آهي. 
شيخ ابو علي رودباري جو چوڻ آهي ته شرڪت دائر آهي عدد ۽ تلقب ۽ علت ۽ معلول ۽ شڪل ۽ ضد ۾ پوءِ الله تعالى هو الله احد فرمائي عدد ۽ ڪثرت جي نفي ڪرڻ فرمائي ۽ الله الصمد فرمائي تقلب ۽ تنقص کان پاڻ کي پاڪ ڪيائين ۽ لم يلد ولم يولد فرمائي علت ۽ معلول کي نفي ڪرڻ فرمايائين ۽ ولم يکن له ڪفواً احد فرمائي اضداد ۽ اشڪال جي نفي ڪرڻ فرمائيان. 
2- باطني پهلو سان انهي سورت سونهاري کي اخلاص جي امتيازي لقب سان نروار ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اها سورت سونهاري عاشقن عارفن واسطي خاص درس معرفت حق جو آهي تنهن ڪري سدائين سالڪ سورت اخلاق کي نماز تهجد واري ۾ فاتح پڙهڻ کان پوءِ بطور تڪرار پڙهندا رهندا آهن. تنهن ڪري جناب سرتاج سنڌ به هر هڪ آيت اخلاص جي ۾ بطور معنى ۽ تشريح جي چار بيت نمبروار چوڻ فرمايا آهن جن جو بيان ترتيب سان تفصيل وار ٿيندو رهندو.
پهرين نمبر بيت ۾ ڀٽ ڌڻي فرمائي رهيو آهي ته اي انسان تون اُنس ۽ الفت سان سچو انسان بڻي هڪ الله جو درس دل جي دهلن ۽ زبان کي چوراءِ نه فقط چوراءِ پر انهي اسم ذات کي پنهنجي قلب واري پٽي تي لکي لکي اهڙي ته مشق ڪر جو تنهنجو اندر اجرو ٿي آئينده ديد ار نما جو لائق ٿئي غير الله کي ڪڏهن به دل ۾ رهڻ جو دنگو نه ڏي ۽ نه زبان سان غير جي ٻولي ٻول هن بيت جي تائيد تقويت ۾ اخلاص جي پهرين آيت مذڪوره شرح جو ڪم ڏئي چڪي آهي انهي آيت جي ٽن اسمن مان صوفين جي اصطلاح موجب ٽن مقامن ڏي اشارو آهي. 
هو جو اشارو مقام اول ڏي آهي جو مقام مشتاقن مقربن جو آهي ۽ اسم الله جو اشارو ٻي مقام ڏي آهي جو مقام اصحاب اليمين جو آهي جو مقام اولىٰ کان ڪجهه گهٽ آهي ۽ اسم احد جو اشارو مقام ثالث ڏي آهي جو مقام اصحاب الشمال جو آهي، هي مقام سڀني مقامن کان گهٽ ۽ خسيس آهي. لطيف لاثاني لاڏلو لامڪاني ٻي مقام کان مافوق ٿي مقام اولى جو مصداق ۽ مستحق نظر اچي ٿو ڇو ته سندس ابيات ترجمئه آيات مان سندس قرب ۽ ڪماليت واري تصوير اهل بصيرت وارن اڳيان نروار ٿي رهي آهي موجب قول ديوان مخفي جي.
 هر که ديدن ميل دارد درسخن بيند مرا درسخن مخفي چنالم بوئي چون در برگ گل هن ساري تحقيق انيق مان ظاهر آهي ته لطيفي لات جي نظريه اقدس موجب سچو انسان اهو آهي جنهن جي دل واري پٽي تي الله جو اسم ذاتي اڪريل ۽ لکيل آهي جنهن اسم ذات جي انس الفت کان انسان گهڙي به غافل نه رهي وگر نه انسان جي عالي درجه کان هٽي حيواني درجه جو حقدار رهندو جيئن جو ڀٽائي رحه جي نظريه جي تائيد مزيد فقير خاڪ جي زيرين مخمس مان پڻ ظاهر آهي جو مخمس هوبهو هيٺ درج ڪجي ٿو.


آس    الف        اُنس  سان  انسان ٿي حيوان نه ٿي
قرب وڙ سڪ سرس سان  انسان ٿي حيوان نه ٿي
جوش  جذبي    جنس  سان انسان ٿي حيوان نه ٿي
پي  پيالو  پرت    جو  پير    مغان      عبداللطيف
باغ  سڪ  سنڌي  سخن  جو باغبان    عبداللطيف

ميٺ سک ميٺاج سک ماکي جي مک جي ماٽ سک
کير  کنڊ   ٿي پاڻ  ۾    پائڻ          ڳراٽي ڳاٽ سک
ميٺ  مان  ماکي  بڻي  اڃ  عشق  جي   اوساٽ سک
پرت  سک  جو   پرت     وارن   پاسبان عبداللطيف
باغ  سڪ  سنڌي  سخن     جو    باغبان عبداللطيف

فڪر   ڦرحي   تي   لکي ڪو انگ عبرت خيز ٿي
رمز  وحدت  جي  رڱڻ  سان روح جي رنگريز ٿي
انگ  اڪرائي     اندر  ۾  پاڻ  وڃ    انگريز     ٿي
راه  وحدت  رم ز جو  روح    و    روان عبداللطيف
باغ  سڪ  سنڌي   سخن  جو     باغبان  عبداللطيف

دل   به   هڪ   دلدار   هڪ دل ڏي فقط دلدار کي
يار  سان  ياري  رکي   دل ڏي نه ڪنهن اغيار کي
ديد  دل  سان  ماڻ  پو    منٺار   جي        ديدار کي
نحن   اقرب  نيهن   جو     نالو      نشان عبداللطيف
باغ     سڪ     سنڌي    سخن جو باغبان عبداللطيف

هوت  هڪ  هرهنڌ  حاضر وات وائي ٻي نه سک
ٿي  نه ٽيڏو  وجهه   ٻيائي کي نه   انڌي وانگي ٻک
جسم  جي ۾   جان    هڪڙي  روح رهبر ساڻ رک
درد   دل   جو   درد   افزا     داستان      عبداللطيف
باغ     سڪ    سنڌي     سخن جو باغبان عبداللطيف

عبرتي   اک   ساڻ   اچ   تون  انجمن   اوطاق   ۾
ڳول   پنهنجو    يار  وڻ  ٽڻ  ۽  زمين   افلاڪ ۾
فرش   عرشي     انفسي  ايوان         ۾     آفاق ۾
آفتاب    عشق         جو   آ     آسمان عبداللطيف
باغ   سڪ   سنڌي سخ ن جو باغبان عبداللطيف

عشق  وارن  جي  اڳيان     اشياءَ    عالم     آيتون
رمز   وارن   لاءِ  دنيا   ۾    رموزي       راحتون
سوز سڪ وارن جون عبرت جي اندر سڀ ساعتون
ذوق   ذاتي  جي  ڪري   زينت    زمان عبداللطيف
باغ  سڪ   سنڌي   سخن   جو   باغبان  عبداللطيف

وره   جي   وائي   سدائي  ورهه  واڻن    کي وڻي
ورهه   وارن   کي    وسيلو    ڄاڻ    ٿي پيرن پڻي
بره جي   شهباز    سان    ب رميچي ڇا اڏندي چڻي
ورهه  واري   وات جي   ظاهر    زبان عبداللطيف
باغ   سڪ   سنڌي   سخن     جو باغبان عبداللطيف

سور   سک  ڇا  پور ۾   پلپل   پنهل   جو   پور رک
سور سارا    سڀ   سٽي   سيني   سڄڻ جو سور رک
دلربا   ديدار   دي   ديدا ر  ٻيا       سڀ      دور رک
سالڪن    جي    سوز     سڪ جو ساريان عبداللطيف
باغ   سڪ   سنڌي    سخن جو       باغبان عبداللطيف

سنڌ    ٿي     سر سبز    ساري     سنڌ جي سردار سان
باغ        ۾     آئي    بهاري       باغبان       بيدار سان
وئي    ٽڙي   ٽانگر جي     ٽاري     ڀٽ ڌڻي ڀوتار سان
بلبلن    جي    ڏڻ جو     سونهون   ۽    شبان عبداللطيف
باغ    سڪ    سنڌي     سخن       جو باغبان عبداللطيف

سنڌ    جي     سرتاج تي    اڄ    سنڌ      کي    پڻ ناز آ
جا     بجا      ورسي      ملهائڻ     جو       عيان آواز آ
سنڌ   ڇا     ٻي   هنڌ    جٿ   ڪٿ     ڀٽ   ڌڻي ممتاز آ
پاڪ         پاڪستان   ۾   آ              آستان عبداللطيف
باغ       سڪ     سنڌي        سخن جو باغبان عبداللطيف

موج     دريا    جي    سپن   جو    گهوٽ   گوهر آ لطيف
سنڌ جي   صوفين      سندو       سرتاج      سرور آ لطيف
بخت    ۽         اقبال     جو        اقبال         برتر آ لطيف
لاڏلو    لاهوت    جو      ۽        لامڪان        عبداللطيف
باغ        سڪ     سنڌي     سخن جو     باغبان عبداللطيف

رمز       روحاني        سان       ڀريل    آ رسالو شاه جو
مي    محبت   سان       پيالو       پير         مقالو شاه جو
نيهن         وارن        ڏي         نياپو     آ   نرالو شاه جو
ڪاپڙين      جي      ڪاروان     جو  ڪاربان عبداللطيف
باغ    سڪ         سنڌي       سخن    جو باغبان عبداللطيف

خاڪ      ڀٽ     ڇا      سنڌ    ساري    باغ ٿي سرتاج سان
رات   گوندر       جي   گذر     ٿي     روز شادي ڪاج سان
ويو      لطيفي   ٿي     لقا         محبوب   جو     معراج سان
غرق      رحمت     هو   به-      هردم    بيگمان عبداللطيف 
باغ    سڪ    سنڌي       سخن     جو     باغبان عبداللطيف

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو