Monday, August 15, 2016

ڦُٽي ڪو ڪِرڻو پاڻمرادي احتساب جو!


وڏي دل وارا آهيون اسان پاڪستاني، اسان جون دليون ڪڏهن به جذبن کان خالي ناهن هونديون ۽ اسان جي روايت آهي ته هر طرح جي ولولن ۽ جذبن جو اظهار ڌوم ڌام سان ڪيو وڃي، نه ته خبر ڪيئن پوي ته هي قوم زنده دل آهي يا نه؟ شايد ان ڪري خوشي هجي يا غم، هر موقعي تي اسان رستن تي نڪرندا آهيون ۽ اهڙي جذبي سان نڪرندا آهيون جو ٻين جو ٻاهر نڪرڻ مشڪل ڪري ڇڏيندا آهيون، مذهبي تهوار هجي يا قومي، جيستائين شهر جي مرڪزي رستن کي بلاڪ نه ڪريون، اسان جي ڪابه خوشي يا غم مڪمل ئي ناهي ٿيندو.
گهڻي پراڻي ڳالهه ناهي، رمضان جي آخري ڏينهن افطار کان هڪ ڪلاڪ اڳ ٻاهر نڪرڻ جو اتفاق ٿيو، رستي ۾ بدترين ٽريفڪ جام هئي، اڌ ڪلاڪ جو سفر سوا ڪلاڪ تائين وڌائي ڇڏيو، ڪارڻ؟ اڌ کان وڌيڪ رستا، حددخلين، ريڙهن ۽ خريداري لاءِ بيٺل گاڏين والاري ڇڏيا هئا، نتيجي ۾ مشڪل سان گاڏي گذارڻ لاءِ جاءِ ملي. هر قسم جي گاڏين جا مالڪ رستن کي پنهنجي جاگير سمجهندي انهن کي رستن جي وچ ۾ بيهاري خريداري ۾ مصروف ٿي ويندا آهن، باقي رهيل ڪسر موٽرسائيڪلن وارا پوري ڪندا آهن، جنهن تي سٺ سالن جا پوڙها به پاڻ کي هالي ووڊ جو هيرو سمجهڻ لڳندا آهن ۽ وڏي فخر سان جام ٿيل ٽرئفڪ وچان گذري ويندا آهن، جيڪي گهڻا جذباتي هوندا آهن، اهي فوٽ پاٿ تي به چڙهي ويندا آهن، ٽريفڪ وارڊن هجي يا نه، ڪا پرواهه ناهي، اهي به وڏن صاحبن جا نوڪر آهن، پوءِ انهن کي ڪير روڪي پاڻ کي خطري ۾ وجهندو.
جشن آزادي جي موقعي تي به اهڙي ئي قسم جو جوش ۽ خروش نظر آيو، 14 آگسٽ کان ٻه هفتا پهرين هر هنڌ وڏن روڊن ڀرسان قومي جهنڊن ۽ جهنڊين جا اسٽال لڳايا ويا، پڙهيل لکيل محب وطن وڏين وڏين گاڏين تي سوار ٿي وطن سان محبت طور چنڊ ۽ تارن وارا جهنڊا خريد ڪرڻ ته آيا، پر شهري شعور گهر ڇڏي آيا. نتيجو؟ ڪيترائي سئو فوٽ ويڪرا روڊ محلي جي سوڙهين گهٽين جو ڏيک ڏيڻ لڳا، ٽرئفڪ جام، پر مجال آهي جو هڪ گاڏي به پنهنجي جاءِ تان هيڏي هوڏي ٿئي يا اسٽال پنهنجي جاءِ تان پوئتي هٽايو وڃي. ڪڏهن شهرن جا روڊ رستا عيد بازارن جو منظر پيش ڪندا آهن ته ڪڏهن ٻڪرا پڙي بڻجي ويندا آهن ۽ پوءِ سڄو سال رستن تي ڪچرن جا ڍير لڳل هوندا آهن.
غم جو اظهار به اسان اهڙي ئي طرح پسند ڪندا آهيون، بلڪه ان کان به ٻه قدم اڳتي وڌي ويندا آهيون، پنهنجا ته خير پنهنجا آهن، اسان کي ته ٻين جو ڏک به گهڻو غمگين ڪري ڇڏيندو آهي، ايستائين جو پاڻي، بجلي، گئس کان ويندي ڪشمير مسئلي تائين هر ڳالهه تي غم رستن تي ٽائر ساڙي، گاڏين جي ڀڃڊاهه ڪري ظاهر ڪندا آهيون.  شهري شعور کان لاتعلقي، قانون جي ڀڃڪڙي ۽ عدم برداشت به اسان جي سڃاڻپ جو خاص حصو بڻجي وئي آهي ۽ ان جو جواز اسان اهو پيش ڪندا آهيون ته ٻيا به ائين ڪن ٿا. شهري فرضن کان ڪوتاهي جو رڳو اهو مثال آهي، نه ته ڏٺو وڃي ته زندگي جي هر شعبي ۾ شارت ڪٽ اسان جي مزاج ۾ وسي ٿي. هونئن ته اسان کي ڪرڻ لاءِ وڏيون وڏيون ڳالهيون آهن، قانون، ڪرپشن، انفراسٽرڪچر تي جيترو به بحث ڪرايو وڃي، پر جڏهن ڳالهه شهري ذميوارين جي ايندي آهي ته اسان کان وڏو غير ذميوار ڪير به ناهي.
قانون ڪهڙي شئي آهي؟ اصول ڪنهن تفريحي ماڳ جو نالو آهي؟ اسان رڳو ٽرئفڪ سگنل جي کُلڻ جو انتظار نٿا ڪري سگهون، قطار ۾ بيهڻ کي پنهنجي توهين سمجهون ٿا، گهرن جو ڪچرو رستن تي اڇلائي پنهنجي فرض کان لاتعلق ٿي وڃون ٿا ته پنهنجو گهر ته صاف ٿي ويو، ان نفسا نفسي ۾ اسان پنهنجي ملڪ جي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
ڪالهه جشن آزادي تي گهرن تي جهنڊا چاڙهيا ويا، ريليون ڪڍيون ويون، قومي گيت ڳايا ويا ته:

"موج بڑھے، یا آندھی آئے
دیا جلائے رکھنا ہے
گھر کی خاطر سو دکھ جھیلیں
گھر تو آخر اپنا ہے "
پر ان ڏيئي کي ڪيئن ٻاري رکون، جڏهن انهن 69 سالن ۾ اسان هن ملڪ کي ڪجهه ڏيڻ بجاءِ صرف ورتو ئي آهي، پر کڻي اهو چئو ته ڦريو ۽ لٽيو آهي.
جي نه، هتي حڪمرانن جو ذڪر ناهي ٿي رهيو، مون ۽ توهان جهڙن جو ذڪر ٿي رهيو آهي، اسان پاڻ ڪهڙو هن ڌرتي جي دامن کي گلن سان سينگايو آهي جو حڪمرانن کي پاراتا ڏيندا آهيون؟ هڪ ذميوار شهري طور اسان ڪهڙا فرض پورا ڪري رهيا آهيون؟ حقيقت ته اها آهي ته اسان کي حڪمرانن تي آڱريون کڻڻ جو ڪوبه حق ناهي، ڇوته ملڪ کي هن حال تائين پهچائڻ ۾ اسان جو به اوترو ئي هٿ آهي، جيترو حڪمرانن جو.
جشن آزادي جي موقعي تي خوب خوشيون ملهايون وڃن، ريليون ڪڍو، پر پنهنجو احتساب به ڪيو وڃي، ويهو ۽ سوچو ته اوهان هن ملڪ کي ڇا ڏنو آهي، ڪجهه ڏنو به آهي يا نه. پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ اسان ڪهڙو مثال قائم ڪري رهيا آهيون، انهن جي ڪهڙي تربيت ڪري رهيا آهيون ۽ ان نقصان جو ازالو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، اسان پنهنجون شهري ذميواريون ڪهڙي ريت پوريون ڪري رهيا آهيون؟ ٿورو پنهنجي ڀرپاسي نظر وجهي ڏسو، ها، جڏهن فارغ ٿيو ته روڊن رستن تان جهنڊيون به کڻي وٺجو، ياد سان ڇتين تان جهنڊا به لاهي وٺجو، نه ته موسم جي سختي سبز جهنڊن کي ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيندي.
(روزاني عبرت)  


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو