Thursday, August 18, 2016

جنرل ضياءَ جو آخري تحفو


مرحوم جي زندگيءَ جو سڄو واقعو جنهن جو راوي پي ٽي وي جو اڳوڻو مئنيجنگ ڊائريڪٽر اختر وقار عظيم آهي. واقعو جنرل ضياءَ جي مرحوم ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ جو آهي ۽ راوي پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ”هم ڀي وهين موجود ٿي“ ۾ لکيو آهي، ان واقعي مان اوهان کي نه رڳو اهو اندازو ٿيندو ته شهادت کان ڪجهه ڏينهن اڳ مرحوم جي ذهني حالت ڪهڙي هئي پر اهو به پتو پوي ٿو ته مرحوم جي اصل وراثت ڪهڙي آهي.
واقعو ٻڌائڻ کان اڳ مان هي اعتراف ڪرڻ گهران ٿو ته اسان سڀ ڪالم نويس تجزيانگار سماجي معاملن تي غور فڪر ڪندڙ جڏهن لکڻ ويهندا آهيون ته موضوع ڪهڙو به هجي، ٽي ڀيرا لکڻ کانپوءِ اسان جو فرض ٿئي ٿو ته اسان شهيد صدر ضياءُ الحق جو ذڪر ضرور ڪيون. اسان جو ڪو دليل، ڪو تجزيو ان وقت تائين مڪمل ٿيندو ئي ناهي، جيستائين اسان شهيد صدر جو ذڪر مبارڪ نه ٿا ڪري وٺون.
افغانستان، هيروئن، ڪلاشن ڪوف، سوويت يونين جو زوال ته ان سان منسوب پر ڪراچيءَ ۾ گند ڪچري جو مسئلو هجي ته به ان جو نالو وٺون ته نعت خوانن جو عروج هجي يا سينيما جو زوال اسان جهڙا تجزيا نگار ڪٿان نه ڪٿان ڪڙيون ملائيندي ملائيندي ضيا دور يا ضيا جي پاليسين تائين ڳالهه کڻي ئي ويندا آهن.
اڄ ڪلهه جا ٻار جڏهن اهڙا تجزيا پڙهن ٿا ته انهن کي لڳي ٿو ته جنرل ضيا کان اڳ پاڪستان ۾ کير ۽ وهسڪيءَ جون نديون وهنديون هيون، سرمائيدار مزدور جي گهر جو پاڻي ڀريندو هو ۽ سمورا پاڪستاني هر وقت پنهنجي هندو، احمدي ۽ مسيحي ڀائرن کي ڀاڪُر پائي فيض احمد فيض جو ڪلام ڳائيندا رهندا هئا.
سچي ڳالهه هي آهي ته اهڙو ڪجهه به ڪين هو، وري شهيد جنرل آيو ته ڇانئجي ويو، باقي ته سڀ ڪجهه اوهان کي خبر آهي وري هن جا آخري ڏينهن اچي ويا.
شهادت کان ٽي ڏينهن اڳ 14 آگسٽ هئي، جنرل کي پنهنجي فطري ذهانت سبب اندازو ٿيڻ لڳو هو ته سندس زندگيءَ کي خطرو آهي، پنهنجي پاڇي کان به ڊڄندو هو، صدر ۽ فوج جي سربراهه طور جيڪي به ذميواريون هيس گهر ۾ ويٺي ئي پوريون ڪندو هو.
هاڻي 14 آگسٽ واري تقريب جو ڇا ڪيو وڃي حڪم ٿيو، جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي آرمي هائوس جي احاطي ۾ ئي ڪيو وڃي. اختر عظيم جي قيادت ۾ پي ٽي وي جي هڪ ٽيم ريهرسل لاءِ 14 آگسٽ کان هڪ ڏينهن اڳ آرمي هائوس پهتي ۽ جنهن وقت ڪيمرا مين اهو چيڪ ڪري رهيا هئا ته تقريب جي فلم بندي ڪهڙي ڪهڙي زاويي کان ڪئي وڃي، شهيد صدر پاڻ تشريف کڻي آيو ۽ گهمي ڦري پنهنجو پاڻ کي ڪيمرا جي اک سان ڏسڻ لڳو.
بقول عظيم صاحب جي شهيد صدر آرمي هائوس ۾ لڳل وڻن جي پٺيان بيٺو ٿي ۽ جنهن هنڌ کيس پرچم ڪُشائي ڪرڻي هئي، ان ڏانهن گهوريندو ڏسندو رهيو، هڪ ڊنل ڊڪٽيٽر اڃا به خطرناڪ ٿيندو آهي ۽ شايد اها عادت به کانئس پوءِ ايندڙ حڪمرانن جنرل ضياءَ مان ئي سِکي هئي ته پنهنجي عروج جي زماني ۾ پنهنجو پاڻ کي ئي نشانو بڻائڻ جي مشق ڪندا آهن.
جنرل ضيا پنهنجي خيالي سوچ ويچار کانپوءِ فيصلو ٻڌايو ته هي وڻُ سيڪيورٽي رِسِڪ آهي، ان پٺيان بيهي سندس ڪوبه دشمن مٿس فائر ڪري سگهي ٿو، هن لڳ ڀڳ 30، 40 وڻ وڍڻ جو حڪم صادر ڪيو، جنهن تي فوري عمل ٿيو. ان جي چئن ڏينهن کانپوءِ اسان جي محبوب صدر جو جهاز هوا ۾ ڦاٽي پيو.
پاڪستان جا موجوده حڪمران ڪنهن زماني ۾ پنهنجو پاڻ کي جنرل ضياءَ جي نظرياتي اولاد سمجهندا هئا، اڄ ڪلهه هن جو نالو وٺندي شرمائن ٿا، پر وڻ وڍي پنهنجي زندگي محفوظ ڪرڻ جو جيڪو انوکو فلسفو شهيد صدر پيش ڪيو هو ان تي پوري طرح ڪاربند آهن.
جڏهن اخبارن ۾ پوڙهن ۽ پراڻن وڻن جا وڍيل ٿُڙَ ڏسندو آهيان ته سوچيندو آهيان ته اسان جا ايندڙ نسل موٽر وي تي گاڏيون ته ڊوڙائيندا، لش پش بسن ۾ به ويهندا پر ساهه ڪيئن کڻندا. وڻن ڏانهن اسان جي حڪمرانن ۽ ساڻن گڏ گارگند ڪندڙن جو رويو اهڙو آهي جهڙو اسان جو هن ڌرتيءَ سان آهي ۽ ان جي سڪندڙ دريائن سان آهي. اسان هڪ پريڪٽيڪل قوم آهيون، پر ڪجهه ماڻهو چوندا ته اسان هڪ جڳاڙي قوم آهيون ۽ هر مسئلي جو عارضي حل ڪڍي ٿا وٺون.
اڌ ملڪ وڃائي چئون ٿا ته دشمن جي سازش هئي، آمريڪا رُسي ٿو ته چين سان پڪي ياريءَ جو نعرو هڻون ٿا جيڪي اسان جي اونداهين راهن ۾ اسان جي پنهنجن هٿان مرن ٿاانهن جي نالن سان روڊ منسوب ڪيون ٿا، بجلي نه ٿي اچي ته يو پي ايس هلي پيو، غربت جو علاج نه ٿو ٿي سگهي ته هلو لنگر کوليون ٿا.
پر ڇا هن وقت تائين ڪو اهرو جڳاڙ خلقيو آهي، جنهن سان اسان ۽ سڪل درياءَ وري وهڻ لڳن، ڇا ڪو اهڙو طريقو آهي جو سئو سال پراڻا وڻ ڏينهن ۽ هفتن ۾ وري ڦٽڻ لڳن.
پنجاب جي ڪيئي ضلعن ۾ پاڻي سٺ فوٽن جي بور کانپوءِ نڪري ايندو هو، ڪجهه ضلعن ۾ هڪ هزار فوٽن تائين هيٺ وڃڻو پئي ٿو، ڪٿي ايئن نه ٿئي جو اسان زمين ۾ بور ڪندي ڪندي آسٽريليا وڃي نڪرون. لاهور کي استنبول بڻائڻ جون ڪاوشون ڪندڙ حڪمران ڪنهن ڏينهن پنهنجي گاڏين جي قافلي ۾ ويهي راوي درياءَ جي ڪناري سان اندروني پنجاب جو سفر ڪن ۽ ڪجهه ميلن کانپوءِ گاديءَ جي کڙڪيءَ جو دروازو هيٺ ڪن. جهڙي طرح جي دز اوهان جي نڪ رستي اوهان جي دل ۽ دماغ ۾ پهچندي ان کي وڃڻ ڏيو پوءِ پنهنجو پاڻ کان پڇو ته ڇا مان پنهنجي نسل لاءِ هي تحفو ڇڏي پيو وڃان.
(بي بي سي جي ٿورن سان)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو