Thursday, August 18, 2016

مُلڪ لاءِ ايندڙ ٽي مهينا ڇو اهم آهن؟


  • انهيءَ الميي کي ڇا چئجي جو ستر سالن جي عمر ۾ پير پائيندڙ پاڪستان جو رياستي، حڪومتي، انتظامي، عدالتي نيٽ ورڪ اڃا به پنهنجن پيرن تي بيهي ناهي سگهيو.
  • انهيءَ جو هڪڙو ئي سبب اهو آهي جو هن ملڪ کي اڌ کان وڌيڪ ڄمار غير سياسي ۽ غير جمهوري طاقتن پئي هلايو آهي.
  • ٻين ملڪن اندر ”اليڪشن“ ٿيندي آهي پر هتي سليڪشن ٿيندي آهي ۽ اهو اصول مٿان کان هيٺين سطح تائين لاڳو آهي.
  • ۽ جڏهن اليڪشن بدران سليڪشن ٿيندي ته پوءِ ميرٽ جي لتاڙ نه ٿيندي ٻيو ڇا ٿيندو.
  • عام طور تي چيو ويندو آهي ته ”سڀ ٺيڪ آهي“ پر هتي ڪجهه به ٺيڪ ناهي.
  • ۽ ڪجهه به ٺيڪ ناهي جو ان کان وڏو ثبوت ڪهڙو ٿو ٿي سگهي ته هر ٽئين سال چيف آف آرمي اسٽاف جي خالصتن انتظامي مقرري به هتي هڪ سياسي اشو بڻجي آڏو ايندي آهي.
  • فوج جو ادارو اسان وٽ بظاهر سڀ کان منظم ادارو سمجهيو ويندو آهي پر چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري ۾ ان اداري ۾ به سينئرز مٿان جونيئرز کي آڻڻ جي عالم آشڪار روايت رهي آهي.
  • ۽ اها به دلچسپ ڳالهه رهي آهي ته جن وزيراعظمن ميرٽ جي لتاڙ ڪندي پنهنجي ڀروسي واري جنرل کي چيف آف آرمي اسٽاف بڻايو تن ئي پنهنجن محسنن جي پُٺيءَ ۾ خنجر وهائي ڪڍيو.
  • ڀٽو ۽ نواز شريف ان جو وڏو مثال آهن. ڀٽي ضياءُ الحق کي ۽ نواز شريف پرويز مشرف کي پروموٽ ڪيو هو ۽ پوءِ ٻنهي جو حشر سڀني ڏٺو.
  • هاڻي وري نواز شريف جي حڪومت آهي ۽ وري کيس چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪرڻو آهي. ۽ چوڻ وارا چون ٿا ته وزيراعظم لاءِ اهو وڏو امتحان آهي.
  • ڇا حڪومت لاءِ واقعي به اهو وڏو امتحان آهي ۽ ان حوالي سان ايندڙ ٽي مهينا سندس حڪومت ۽ ملڪ لاءِ بيحد نازڪ ۽ حساس مهينا آهن ۽ جيڪڏهن آهن ته ڇو؟
  • جيڪڏهن چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري ميرٽ تي ٿئي ته پوءِ ڪهڙو امتحان. پر جيئن ته ميرٽ کي هڪڙن سياسي مفادن لاءِ پاسي تي رکيو ويندو آهي تنهن ڪري ”اشو“ بڻبو آهي.
  • هاڻي مسئلو رڳو نئين چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري جو ناهي پر في الحال موجوده فوجي سربراهه جي مدي وڌائڻ جو آهي.
  • بظاهر موجوده چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف مقرر وقت تي پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي پر پوءِ به اهو اشو يا بحث ختم ناهي ٿيو.
  • ضرب عضب آپريشن، ڪراچي آپريشن، پاڪ چين اقتصادي راهداري وارن منصوبن کي گهربل ٽارگيٽ تي رسائڻ لاءِ هڪ موقف اهو ڏنو پيو وڃي ته جنرل راحيل شريف کي اڃا موجود رهڻ گهرجي.
  • ان جي موجود رهڻ جا ٻه آپشن آهن يا ته ان جو مدو هڪ سال لاءِ وڌايو وڃي يا اسيمبلي مان چيف آف آرمي اسٽاف جو مدو ٽن بدران چئن سالن جو ڪرڻ لاءِ قانون پاس ڪيو وڃي.
  • جيڪڏهن حڪومت چيف آف آرمي اسٽاف جو مدو قانوني طور تي ٽن بدران چئن سالن لاءِ ٿي ڪري ته پوءِ جنرل راحيل شريف بظاهر مجبور هوندو ته اُهو آئيني ۽ قانوني طور تي پنهنجي ڊيوٽي مڪمل ڪري ۽ في الحال وقت تي رٽائرمينٽ نه وٺي.
  • اندريون رپورٽون آهن ته نواز حڪومت پوئين تجربي جي روشنيءَ ۾ ان معاملي تي ڪو ڦڏو ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهي ۽ جنرل راحيل شريف کي برقرار رکڻ لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪري رهي آهي.
  • جڏهن ته ڪن مبصرن جو خيال آهي ته پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جنرل راحيل شريف جي مدي وڌڻ ۾ خوش ناهن، باقي مجبور ٿي سگهن ٿيون.
  • ٻئي پاسي نواز شريف خلاف عدالت ۾ سندس نااهلي خلاف ريفرنس به داخل ٿيڻ لڳا آهن.
  • ڇا انهن ريفرنسز جو مقصد نواز شريف مٿان ڪو دٻاءُ وجهڻ آهي ان جو فيصلو وقت ٻڌائيندو.
  • سو جنرل راحيل شريف جو وقت تي رٽائر ٿيڻ، رٽائر نه ٿيڻ، سندس مدو وزير اعظم وڌائي يا قومي اسيمبلي ان جي هر صورت ۾ غير معمولي ۽ ڊرامائي رهندي. تنهن ڪري چيو وڃي ٿو ته ايندڙ ٽي مهينا ملڪ ۽ نواز حڪومت لاءِ ڏاڍا ڳرا آهن.
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ايندڙ ٽي مهينا ان ڪري به ڳرا آهن جو چوڻ وارا چون ٿا ته وزيراعظم نواز شريف جنهن به ڪم ۾ هٿ وجهندو آهي سو ڀلي جائز به هجي پر اهو ”تڪراري“ بڻجي ويندو آهي.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو