Thursday, August 18, 2016

واردات کانپوءِ جاڳڻ


ستر کان وڌيڪ لاش ڪرڻ کانپوءِ وڃي اسان جو وزيراعظم اگهور ننڊ مان جاڳيو ۽ کيس احساس ٿيو ته دهشت گرديءَ سان نبرڻ بابت سندس ٿڌي پاليسي يا هلڪي هٿ جا اگرا نتيجا نڪتا آهن. فوج جي زور ڀرڻ کانپوءِ سرڪار نيٺ دهشت گرديءَ کي منهن ڏيڻ جي اپائن کي اثرائتو بڻائڻ ۽ ڪميون ڪوتاهيون ختم ڪرڻ ڏانهن اڳتي وڌي آهي. اهو بهرحال اڃا ڏسڻو آهي ته سياسي قيادت هن معاملي تي يڪجاءِ متحد رهي ٿي، يا ايئن سستي ۽ لاپرواهيءَ جي ور چڙهيل رهي ٿي، جيئن ڊسمبر 2014ع ۾ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ٿيل ڪوس کانپوءِ اها ماٺي ٿي وئي هئي.
سرڪار جيڪي فيصلا ڪيا آهن، تن مان هڪ اهم فيصلو نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ۾ اڳڀرائيءَ جي نگرانيءَ لاءِ قومي سلامتيءَ بابت صلاحڪار ليفٽيننٽ، جنرل ريٽائرڊ ناصر جنجوئا جي سربراهيءَ ۾ اعليٰ اختيارن واري ڪميٽيءَ جو قيام آهي. مکيه ڳجهن ادارن جي سربراهن سان گڏوگڏ ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز جي هن ڪميٽيءَ ۾ شموليت دهشت گرديءَ سان نبرڻ لاءِ نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان ۾ فوج جي وڏي ڪردار جو اشارو آهي.
بهرحال جنرل جنجوئا کي فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ هڪ سٺو فيصلو آهي، جيڪو سڌي طرح وزيراعظم کي رپورٽ ڪندو. ڪميٽيءَ جي جوڙجڪ ڳجهن ادارن ۽ سلامتيءَ جي صوبائي خدمتن ۾ بهتر رابطي کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، جنهن جو ماضيءَ ۾ فقدان ڏٺو ويو آهي. نيشنل ايڪشن پلان جي ناڪاميءَ جي مُک ذميواري گهرو وزير چوڌري نثار علي خان تي اچي ٿي، جنهن جو ان ڏس ۾ لاپرواهيءَ وارو رويو دل ڏاريندڙ دهشت گرد حملن کانپوءِ منظر تان ئي سندس گم ٿي وڃڻ مان چٽي طرح عيان هو. ڪوئيٽا واري قتلام کانپوءِ به سندس غير حاضريءَ سندس بابت شڪ شبا پيدا ڪيا هئا.
جڏهن وري هو نمودار ٿيو ته مخالف ڌر جي ڪجهه سياسي اڳواڻن سان ذاتي سياسي وير پاڙڻ لاءِ آتو نظر آيو، جنهن سان دهشت گرديءَ جي معاملي تان، جيڪو سنئون سڌو سندس وزارت سان سلهاڙيل هو، تان ڌيان هٽي ويو. سو سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهڙو ماڻهو جيڪو حڪيم الله محسود جي موت تي ڳوڙها ڳاڙي ۽ لال مسجد جي مولانا عبدالعزيز جو دفاع ڪري، تنهن مان شدت پسنديءَ، مذهبي انتهاپسنديءَ خلاف ويڙهه جي اڳواڻيءَ جي اميد ڪري سگهجي ٿي؟
چوڌري نثار جي اهڙي اڍنگي رويي کيس پنهنجي ڪابينا جي ساٿين ۾ به تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي، انهن منجهان ڪيترن سان ته سندس ڳالهه ٻولهه وارو ناتو به ناهي، سو هن نازڪ مرحلي ۾ اهڙي اهم عهدي لاءِ مٿس اعتماد ڪري سگهجي ٿو؟ وزيراعظم جڏهن موجوده للڪار کي منهن ڏيڻ جو وچن ورجائي ٿو ته پوءِ وقت جي ضرورت اها آهي ته ان ذميواريءَ لاءِ هڪ اهڙو فعال ۽ بردبار ماڻهو هئڻ گهرجي، جنهن جا ارادا مضبوط هجن ۽ پنهنجي ڪردار تي پورو لهندو هجي.
ٻين فيصلن سان گڏوگڏ سرڪار اندروني سلامتي ۽ سرحدي سلامتيءَ جي انتظامن ڪاڻ سول نيم فوجي دستن جون اڻٽيهه نيون شاخون قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. سلامتيءَ جي اندروني توڙي ٻاهرين للڪارن کي ڏسندي هن فيصلي کي تڪراري نه ٿو سڏي سگهجي. پر رڳو فوج وڌائڻ جو مثبت نتيجو ان وقت تائين نه ٿو نڪري سگهي، جيستائين ان سان گڏوگڏ ٻيا اهم سڌارا نه ٿا آندا وڃن.
جنرل راحيل شريف جي ان خيال سان گهڻو اتفاق نه ٿو ڪري سگهجي ته جيستائين سڀئي لاڳاپيل ڌريون قومي ايڪشن پلان جي سمورن پاسن بابت مثبت نتيجا نه ٿيون ڏين ان وقت تائين پاڪستان ۾ دائمي امن ۽ استحڪام جو قيام هڪ ”پري جو خواب“ ڀانئجي ٿو. دهشت گردي سان نبرڻ واري پاليسيءَ جي ناڪاميءَ جو مُکُ ڪارڻ بندش پيل شدت پسند ۽ فرقيوار تنظيمن جي نون نالن سان ڪم ڪرڻ بابت انتهائي اثرائتي ڪارروائي ۽ ڪريڪ ڊائون ۾ انتظاميا جي نااهلي آهي. سياسي مصلحت خاطر قانون جو پسند ناپسند تحت استعمال به ملڪ اندر پرتشدد مذهبي انتهاپسنديءَ کي منهن ڏيڻ جي راهه ۾ وڏي رنڊڪ آهي. ان سان بندش پيل تنظيمن کي پاڪستان جي ڌرتي سرحد پار ڪاررواين لاءِ استعمال ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، جنهن سان به اسان جي سلامتيءَ لاءِ ويتر مسئلا پيدا ٿيا آهن.
بدقسمتيءَ سان پنجاب، جيڪو وزيراعظم جو اباڻو صوبو آهي اتي صوبي اندر آزاد نموني ڪارروايون ڪندڙ ڪجهه انتهاپسند گروهن خلاف منجهيل پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي. صوبائي حڪومت انهن ڳجهين رپورٽن کان لاڳيتو گوٿناٿ ۽ ڪن لاٽار وارو رويو روا رکيو پئي اچي ته ڏکڻ ۽ وچ پنجاب جا ڪجهه علائقا بندش پيل فرقيوار تنظيمن جو ٿاڪ ۽ ڀرتين جو مرڪز بڻيل رهيا آهن.
پنجاب سول فوجي دستن کي انهن علائقن ۾ ڪاررواين لاءِ فري هينڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، سو اميد ئي ڪري سگهجي ٿي ته هاڻي ڪنهن متڀيد کانسواءِ سڄي ملڪ اندر قانون هڪ پاليسيءَ تحت ئي لاڳو ٿيندو. پنجاب ۾ ان وقت تائين مذهبي انتهاپسنديءَ سان منهن نه ٿو ڏئي سگهجي. جيستائين سول آرمڊ فورسز کي ڇوٽ نه ٿو ڇڏجي. مخصوص شدت پسند گروهه ڪارروائيءَ کان آجا رهن ٿا، جن جي ماضيءَ ۾ اسان جا ڳجها ادارا سرپرستي ڪندا رهيا آهن.
ويڙهاڪن جي مالي امداد کي ٻنجو ڏيڻ به نيشنل ايڪشن پلان جي نقطن مان هڪ اهم نقطو آهي. پر ويڙهاڪ گروهن کي ملڪ ۾ توڙي ٻاهران فنڊ گڏ ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ڪائي ڪوشش ٿيندي نظر نه ٿي اچي. انتهاپسند فرقيوار گروهن جي سعودي عرب ۽ ڪجهه ٻين اسلامي ملڪن کان ٿيندڙ فنڊنگ تي گهرو وزارت جون اکيون ٻوٽيل رهيون آهن. سو اميد ڪري سگهجي ٿي ته انهيءَ اهم معاملي کي هاڻي اثرائتي نموني منهن ڏنو ويندو.
ساڳي نموني مدرسن ۾ سڌارا به اهم نقطو آهن، پر سرڪار ڪجهه ڌرين طرفان ٿيندڙ مزاحمت سبب ان ڏس ۾ ڪمزور ارادي جو شڪار آهي. مدرسن ۾ سڌارن تي عمل نه ٿيڻ جو هڪ سبب سياسي مصلحت به آهي، انهن سڌارن ۾ مدرسن جي تعليم جو باقاعده بڻائڻ به شامل آهي ته جيئن مدرسن جي طالبن لاءِ تعليم جي هڪ جهڙين سهولتن کي يقيني بڻائي سگهجي. سرڪار کي انهن مدرسن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن جا انتهاپسند گروهن سان ويجها لاڳاپا آهن. جناب جنجوئا ۽ سندس ٽيم لاءِ اها هڪ وڏي چيلينج هوندي.
ڪيترن ئي وچنن ۽ واعدن باوجود نيشنل ڪائونٽر ٽررزم اٿارٽي (نيڪٽا) کي اڃا مڪمل طور فعال نه ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ ان جو اڃا رڳو بنيادي ڍانچو ئي تيار ٿيو آهي، ان کي باصلاحيت عملي جي ڀرتين توڙي آفيس کان اڳتي ڪاررواين لاءِ سرڪار طرفان اڃا ڪي فنڊ نه مليا آهن. هن وقت اها پوليس فائونڊيشن جي هڪ ننڍڙي عمارت تائين محدود آهي. ڪميٽيءَ ۾ نيڪٽا جي سربراهه کي شامل ڪرڻ سٺو فيصلو آهي پر ان کان به وڌيڪ هن اداري کي فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي.
سول-فوجي قيادت ۾ اعتماد جو فقدان ۽ دهشت گرديءَ سان نبرڻ بابت سندن الڳ الڳ سوچ به نيشنل ايڪشن پلان تي سست اڳڀرائي جو اهم ڪارڻ بڻيل آهي، دهشت گرديءَ کي منهن ڏيڻ بابت سرڪار جي گوٿناٿ واري پاليسيءَ بابت فوج جي مونجهه سمجهه وٽان آهي، جيتوڻيڪ لڳي ٿو ته ڪوئيٽا سانحي کين هڪ صفحي تي آڻي ڇڏيو آهي ۽ نيشنل ايڪشن پلان جي بحاليءَ ۾ مدد ڪئي آهي. اميد ڪري سگهجي ٿي ته سرڪار هن ڀيري دهشت گرديءَ کي منهن ڏيڻ ۾ سنجيده هوندي ۽ اهو ته اها جاڳڻ لاءِ ٻئي ڪنهن رتوڇاڻ واري واقعي جو انتظار نه ڪندي.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو