Monday, August 15, 2016

لـطـيـــــف ؒ جـــــــي لات ؛ اَڄُ پڻ وايُون ڪَنِ،وَڻِجارا وَڃڻَ جُون


اَڄُ پڻ   وايُون ڪَنِ،    وَڻِجارا      وَڃڻَ جُون؛
هَلڻَ   هارا      سُپِرِين،         رُئان  تان نه رَهَنِ؛
آئُون جَھـلِيندِي ڪيترو؟ آيَلِ! سامُونڊين؛
پَڳَههَ   ڇوڙي  جَنِ، وِڌا     ٻيڙا  ٻارِ     ۾.
اڄ ڪلهه وڻجارن کي پرديس وڃڻ جي پچار لڳي پيئي آهي،منهن جي روئڻ سان ويندڙ نٿا رڪجن.اي امڙ! آئون انهن کي ڪيترو وڃڻ کان روڪي سگھنديس؟جن  پڳهه کولي ٻيڙيون پاڻيء ۾ ڇڏي ڏنيون آهن!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو