Saturday, August 20, 2016

ذهنن کي تبديل ڪرڻو پوندو


پوري سنڌ ۾ اهڙا واقعا ٿيندا رهيا آهن جن ۾ پسند جي شادي ڪندڙن کي بي دردي سان تڙپائي تڙپائي ماريو ويندو آهي پر عاشقن جو هي آواز هوندو آهي ها ها ها اسين باغي آهيون اسين باغي آهيون عشق جي آڙاهه ۾ پرواني وانگر پاڻ ساڙڻ وارا آهيون فتح هميشه عشق جي ٿيندي آهي پر هي واقعو انتهائي درد ۽ سور وارو آهي جنهن کي وسارڻ ڪنهنجي وس جي ڳالهه ناهي ، هي عشق ديوانگي جو نالو آهي پر هنگورجا واقعو ٿورو مختلف آهي ڇا ڪاڻ جو هن جوڙي کي گهر گهرائي زوري زبردستي جهلي  ٻنهين کي زهر پياريو ويو، پسند جي شادي ڪرڻ ڀلي گناهه هجي پر ايترو گناهه ناهي جو گهٽا ڏئي گوليون هڻي  ڪهاڙين جا وار ڪري ڪنڌ ڌڙ کان جدا ڪيو وڃي اهو تمام وڏو ظلم آهي اسلام ۾ اهڙو ڪو حڪم نامو نٿو ملي، جنهن سان ڪنهن کي بي دردي سان ماريو وڃي، سنڌ جي تاريخ اهڙا واقعا ورجائيندي رهندي آهي ، ها اهي عشق ڪندڙ جوڙا  در در، گهر گهر، شهرشهر ڀٽڪندا رهن ٿا، هو عشق جي آڙاهه ۾ پڪا ٿي الله پاڪ کي پنهنجي محبت جو شاهد بڻائي خوشيون ڳولهڻ لاءِ نڪري پون ٿا. انهن ويچارن کي اها خبر ناهي ته ڪو هو انهن جي جان وٺي ڇڏيندو ، جنهن جو ثبوت اهو مليو جو هنگورجن واسي پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي ڪنهن طرح سان راضي ڪري وري ڳوٺ  گهرائي انهن ٻنهين کي زبردستي زهر پياري خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڄي ٿي  ، پر انهن جي والدين کي ڪياس ڪو نه ٿيو جو اهڙي معصوم جوڙي جا ڏٺل خواب چڪنا چور ڪري کين ابدي ننڊ سمهاري وئي، جنهن ۾ هو هميشه لاءِ امر ٿي ويا، صديون انهن جي پيار کي ياد رکيو ويندو، طاهرا شاهه جنهن کي ڪامران جي مري و ڃڻ  جي خبر به ناهي هو هڪ اميد رکيون ويٺي آهي ته مان ڪافي بهتر آهيان، ڪامران به ٺيڪ هوندو ان جي صحتيابي لاءِ دعائون گهرندي هوندي ، ان کي ڪير پرچائيندو ان جي ته پوري دنيا لٽجي وئي ، جنهن  دنيا ۾ هنن ٻنهين جون يادون رهن ٿيون، ڪيئن فيس بڪ تي دوستي ٿي ڪيئن هڪ ٻئي جا واسطا وڌيا، ڪيئن هو پيار جي جذبي ۾ گهر کان ٻاهر نڪتا هنن کي ڪا خبر نه هئي ته هي ڏٺل خواب چڪنا چور ٿي ويندا انهن کي ڪهڙي خبر ته هي هڪ ٻئي کان جدا ڪري ڇڏيندو هي آهي عشق جو آڙاهه هر ڪو پڄي نه ٿو  سگهي ، زهر هنن جي پوري جسم ۾ ڦهلجي ويو انسان ٿي سوچو ڪيترو درد ٿيندو هوندو، ڪيئن دلين کان آهه نڪرندي هوندي ،  ڇا ا اهو نه سوچيندا هوندا ته الائي اسان بچون  يا نه  هي ڪهڙا والدين آهن جيڪي ٿوري ضد جي ڪري، انا جي ڪري نوجوان اولاد کي مارڻ لاءِ تيار ٿي  وڃن  ٿا. هن واقعي مان ڪيترائي سبق ملن ٿا جن تي هر پي ڀاءُ چاچي مامي مٽ مائٽ کي سوچڻ تي مجبور ڪندو، ها ها ها هي گناهه ئي سهي پر گهٽ ۾ گهٽ اهو ڪنهن کي اختيار ناهي ته انهن کي الله پاڪ جي طرفان ڏنل زندگي کسڻ جو فيصلو ڪري سگهي.،
ٿوري دير لاءِ اهو به تسليم ڪيون ته هو جيڪو فيصلو ڪن ٿا اهو غلط آهي پر ان جي زندگي تي اسان جو ڪو اختيار ناهي ان لاءِ انهن کي ڪهاڙيون هڻي ڪارو يا ڪاري قرار ڏئي انهن جي زندگي جو انت آڻيون ، پاڪستان ۾ ڪيترائي عورتن جي تحفظ  لاءِ قانون ٺهندا رهيا پر انهن تي عمل ٽڪو به نه ٿيو آهي، اسان فرسودا نظام هيٺ پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهيون ، ان سان گڏ ڪيتريون ئي سماجي تنظيمون عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن پر مان ائين چوان ته اهوو به فوٽو سيشن تائين ۽ اخباري خبرن تائين هونديون. ٻاهرين ملڪن ما ڪروڙين رپيا وٺي رهندو عورتن جي بي حرمتي ڪرائي، انهن کي شو پيس وانگر پيش ڪري نالو ڪمائي رهيا آهن، اهڙن سڀني ا دارن کي فوري بند ڪيو وڃي .
هنگورجا ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي زبردستي زهر پياريو ويو انهي خلاف قانوني ڪاروائي ڪير ڪندو، هنن کي زهر پيارڻ بعد فوري  خيرپور اسپتال نيو ويو جتي انهن جي حالت  خراب  ٿي  وئي جنهن کي فوري چانڊڪا اسپتال  منتقل ڪيو ويو جتي هو تڙپندو رهيا  طاهرا شاهه جي پڻ طبيعت نا ساز ٿي ان جو حوصلو بلند هو هو ميڊيا وارن کي ٻڌائي پئي ته  مان شادي ڪئي آهي ڪوئي ڏوهه ناهي ڪيو منهجا مائٽ مونکي ۽ منهنجي مڙس ڪامران لاڙڪ کي مارڻ چاهين ٿا  انهي ڪري خوف منجهان اسان  مجبور ٿي گهر کان ٻاهر نڪرڻ جو فيصلو ڪيو سي پر مونکي يقين ڏياريو ويو ته هو اسان کي نقصان  نه ڏيندا هو مونکي عزت سان رخصت ڪندا پر افسوس ائين نه ٿيو، هنن تي اعتماد ڪري پاڻ سان تمام وڏو ڌوڪو  ڪيو سي  هنن جهلي اسان کي زهر پياريو، اهڙا واقعا پهريان به ٿيندا رهيا آهن پر ڪنهن کي به انصاف ناهي مليو.
هي اسان جي سنڌ جنهن ۾ غيرت جي نالي سوين بي گناهه عورتن کي ڪاري جو الزام هڻندي انهن کي قتل ڪيو ويو اسان جا ذّهن تبديل ٿيڻا ئي ناهن پاڪستان ۾ عورتن مٿان تيزاب هارڻ جا ڪيترائي ڪيس ٿيا جن جي زندگي ختم ٿي وئي، پر انهن کي به اسان سنجيدگي سان ناهي ورتو ، قانون ته ٺهيا آهن پر انهن تي عمل ڪير ڪندو عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد کي بند ڪيو وڃي، انهن جي خلاف فوري قانوني ڪاروائي ٿيڻ گهرجي، جن قانون کي پنهنجي هٿ ۾ کنيو آهي عزت سڀني کي پياري آهي ڪوئي به هجي اهڙن واقعن کي طاقت سان نٿو روڪي سگهي، ان لحاظ صبر تحمل جي ضرورت هوندي آهي  عقل استعمال ڪرڻ جي هوندي آهي  هي زندگي الله پاڪ جي طرفان هڪ دفعو ملي ٿي ان جي حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي ، عشق عقل جي رهنمائي کي ختم ڪري ٿو بي وس ٿي هو هي دنيا ڇڏڻ لاءِ به تيار ٿي وڃي ٿو، الله جي رضا سمجهي ان تي به جيڪڏهن غور ڪري ته شايد هو ڪارو ڪاري جي الزام ڏيڻ کان بچي ويندا ، ڪي واقعا سچا به هوندا ڪي ڪوڙا به هوندا ان کي روڪڻ لاءِ پاڪستان جي دانشورن کي سوچڻو پوندو جيئن ڪو حل نڪري پنهنجي ذهنن کي صاف ڪرڻو پوندو .
ٿوري دير لاءِ اهو سمجهون ته جيڪي پيار جي پرڻي جو شاديون ٿين ٿيون اهي غلط آهن پر اهو اختيار اسان کي ناهي ته هن کي ماري ڇڏيون هن جي زندگي پنهنجي آهي غلط سهي هو پاڻ سوچي سمجهي سگهن ٿا ، سوال اهو آهي ته جن زور زبردستي سان انهن معصوم پيار ڪندڙن کي زهر پياريو چا هي پيار جو رشتو ختم ڪري سگهيا  هر گز نه هي هڪ جنون آهي جنهن ۾ جان جي پرواهه به نه ڪئي ويندي آهي ان لاء حڪومت وقت کي ان ڳالهه تي غور ڪڙڻو پوندو. جيئن ڪو ڪارو ڪاري جي ور چڙهي نه سگهي. اسلامي نقطئه نظر سان هر انسان کي پنهنجي طريقي سان زندگي گذارڻ جو حق آهي اسان سڀني کي سوچڻو پوندو ته آهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ اپاءَ وٺون ، اسان جي پاڪستان ۽ سنڌ صوبي ترقي ته تمام وڏي ڪئي آهي نوان شهر ٺهي ويا، نيون بلڊنگون ٺهي ويون، تعليم عام ڪئي وئي پر اهو علم الائي ڪٿي پڙهائن ٿا جنهن ۾ پيار محبت جو درس ڏنو ٿو وڃي
اسان کي پنهنجن ذهنن کي تبديل ڪرڻو پوندو جنهن جي تمام وڏي ضرورت آهي هي معاشرو پنهنجي مرضي  سان هلندو پر ان معاشري جا اسين حصو آهيون، ان ڪري تبدليءَ جي ضرورت آهي ۽ اهڙن واقعن  کي روڪڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي ..
(ليکڪ هيومن رائيٽس واچ پاڪستان  جو چيئرمين آهي)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو