Saturday, August 20, 2016

خلق، سسٽم جي حڪمرانيءَ وارو سوجهرو ڪڏهن ماڻيندي؟


سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس- جسٽس ظهير الدين جمالي چيو آهي ته سنڌ ۾ جيڪو سٺو ڪم ڪري ٿو ان کي بدلي ڪيو وڃي ٿو. ڪراچي جي اڳوڻي ڪمشنر سيد آصف حيدر شاهه جي ڪارڪردگيءَ جي ساراهه ڪندي هن سوال اٿاريو آهي ته آخر هن جي ڪهڙي خطا هئي جو کيس هٽايو ويو؟ ۽ بدلي ڪئي وئي؟
چيف جسٽس جي جواب ۾ سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر ضمير گهمرو چيو آهي ته آصف حيدر شاهه ٽريننگ تي ويل آهي، ان ڪري هن جي جاءِ تي مقرري ڪرڻي پئي. بئريسٽر جي ان بيان عدليه جي اعليٰ منصب تي ويٺل شخصيت کي مطمئن ڪيو هجي يا نه پر سنڌ جو عوام ۽ خاص ڪري ڪراچيءَ واسي ان ڄاڻ ۽ احساس سان اتفاق نه ٿو ڪري.
پيپلز پارٽيءَ جي اها تاريخ رهي آهي ته جڏهن جڏهن به اها اقتدار ۾ رهي آهي، ان متحرڪ ۽ مخلص آفيسرن لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن، جن آفيسرن بنگلن جي حاضري نه ڀري، انهن کي يا ته جبري موڪلن تي موڪليو ويندو آهي يا وري کين ٽريننگون ڪرايون وينديون آهن. سوشل ميڊيا تي جيڪا سيد آصف حيدر شاهه جي حوالي سان ڀرپور مهم هلي، گهٽ ۾ گهٽ ان ته اهو تاثر ڏنو ته سائين اِئين نه ٺهڻ جي نتيجي ۾ ڪيو ويو. ان معاملي تي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ به ڪجهه گونج ٿي پر جيڪو گجگوڙ انٽرنيٽ تي آڏو آيو سو وڏي ڪمال جو هو.
ڪراچيءَ جي ڪمشنر جي معاملي تي دنيا جهان هڪ آواز ٿي جيڪو هن کي جس ڏنو، سو سنڌ جي ٻين آفيسرن لاءِ اتساهه بڻجڻ گهرجي ها پر هنن ان معاملي تي اها عبرت حاصل ڪئي ته جي حاڪمن جا حڪم نه مڃبا ته پوءِ ڪرسي ۽ عهدو بچي نه سگهندو. ان ڪري انهن وڌ کان وڌ جي حضوريءَ جي سلسلي ۾ هڪ زبردست ڊوڙ ڪري ڏني ۽ ان ڊوڙ وارو عمل اڄ به پنهنجي پوئين رڪارڊ کي ڀيٽا ڏيندي نظر اچي ٿو.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس امير هاني مسلم ٻه ڏينهن اڳ رمارڪس ڏنا آهن ته سنڌ ۾ عهدن تي چونڊي چونڊي مخصوص آفيسر مقرر ڪيا وڃن ٿا. اهو سلسلو بند نه ٿيو ته توهين عدالت جي ڪارروائي ڪنداسين. جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهيءَ ۾ بئنچ سنڌ حڪومت جي آفيسرن خلاف توهين عدالت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي آهي، جنهن دوران جسٽس امير هاني مسلم سڌن لفظن ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلن جو مذاق نه اڏائي. جسٽس امير هاني پاران ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ايم ڊي بابت ڄاڻ وٺڻ واري سوال تي سرڪاري وڪيل ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري سروس طرفان لاتعلقي جو اظهار آڏو آيو آهي. جيڪا ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته صورتحال ڪيتري سنگين آهي ۽ معاملا ڪيترا خراب توڙي بگڙيل آهن.
سپريم ڪورٽ جڏهن سمري موڪلڻ بابت سوال ڪري ٿي تڏهن به سرڪاري همراهه سانت ۽ سڪتي ۾ وٺجي وڃن ٿا ۽ وري جڏهن سپريم ڪورٽ جو حڪم ياد ڏياريندي آفيسر عطا محمد پنهور کي وفاق حوالي ڪرڻ بابت پڇيو وڃي ٿو ۽ معلوم ڪيو وڃي ٿو ته آخر ڇا جي ڪري ان کي واپس وفاق ڏانهن نه موڪليو ويو آهي؟ تڏهن سيڪريٽري اسٽبلشمينٽ چوي ٿو ته قانون واري وزارت جي راءِ آهي ته هو سنڌ ۾ ئي مقرر رهي، ان ڪري اسان کيس نه هٽايو. اهي سوال سنڌ حڪومت جي وڪيل جا آهن ۽ سنڌ حڪومت ڪنهن جي آهي يا ان جا سڌا ۽ اڻ سڌا ڪرتا ڌرتا ڪير آهن؟ سا ڳالهه ڪا لڪيل ۽ ڍڪيل نه آهي.
سپريم ڪورٽ اهو سوال اٿاريو آهي ته عدالت روڪيو ته پوءِ سيڪريٽري اسٽبلشمينٽ آفيسر کي ڪيئن ٿو روڪي ۽ مقرر ڪري سگهجي؟ سپريم ڪورٽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ اهو به چيو آهي ته ڏسون ٿا سيڪريٽري اسٽبلشمينٽ عدالتي حڪمن تي عمل ڪيئن نه ٿو ڪري؟ ڇا اهو آفيسر ايترو طاقتور آهي جو عدالت جي حڪم باوجود سنڌ ۾ ئي مقرر آهي؟
مٿيان ٻئي عدالتي حوالا ۽ رمارڪس سنڌ حڪومت لاءِ خطري جي گهنٽي ثابت ٿين ٿا يا نه؟ پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي عوام کي خطري جا گهنڊ وڄڻ وارو تاثر ضرور مليو آهي. سپريم ڪورٽ ملڪ جو اعليٰ ۽ اهم ادارو آهي، جنهن ملڪي معاملن ۽ مسئلن تي ڏاڍا شاندار ۽ عوام دوست فيصلا ڪيا آهن. اهو منهنجو ذاتي رايو آهي ۽ ويجهي ماضيءَ جي تاريخ جو رڪارڊ به ان تي تصديق جي مُهر هڻي ٿو. گذريل ڪافي سالن کان عوام جي اهنجن جو ازالو جيڪڏهن ڪنهن حد تائين ڪنهن اداري ڪيو آهي ته اهو ادارو عدليه جو ئي آهي.
مٿي ذڪر آيل حوالا گذريل ٻن ٽن ڏينهن جا آهن ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي لاءِ چئلينج ٿي اڀريا آهن. سائين مراد علي شاهه جيڪڏهن چاهي ته سنڌ جي سمورن کاتن کي سختيءَ سان عدالتي حڪمن تي عمل لاءِ پابند بڻائي سگهي ٿو پر اهو معاملو جيترو چوڻ ۾ آسان آهي، اوترو ئي عمل ۾ ڏکيو آهي. ڇو ته  پيپلز پارٽي اڄ به دبئي فيصلن جي محتاج آهي.
مون کي چڱيءَ ريت ياد آهي ته قائم علي شاهه جي پوئين دور ۾ شڪارپور ۾ عوامي مڃتائن جي بُلندين کي ڇُهندڙ ايس ايس پي اظفر مهيسر کي رڳو ان ڪري بدلي ڪيو ويو هو جو هو بنگلن جي سلامي نه ڀريندو هو. هن 310 ڏينهن واري مختصر عرصي ۾ ڪمال طريقي سان خلق جي دلين تي راڄ ڪيو ۽ لکين ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو. شڪارپور ۾ هن شهر جي تمام وڏي مسجد ۾ جمع نماز کانپوءِ عوامي ڪچهري ڪئي هئي. تاريخي جگن ناٿ لائبريري ۾ سي ايس ايس جي تياري جي حوالي سان شاگردن کي شاندار ليڪچر ڏنو هو. هن هزارن جي ميڙ ۾ هڪ عوامي اجتماع دوران خلق کي چيو هو ته پوليس تي ڀاڙڻ بدران عوام پاڻ پوليسنگ وارو ڪردار ادا ڪري. هن آڏو جڏهن گرلس ڪاليج ۽ اسڪولن آڏو لوفر ڇورن جي شودگيرين ۽ بدمعاشين جون شڪايتون آيون هيون، تڏهن هن پوليس جا ڪن ته کڙا ڪيا ئي هيا پر عام ماڻهوءَ جي ضميرن کي به جنجهوڙي کين پنهنجي حصي جي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اتساهيو هيو. هن جو سوال اڄ به منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي. ڇا ته هن جي ڳالهه ۽ دليل ۾ وزن هو. هن چيو هو ته اوهان جي نياڻين کي جيڪڏهن ڪو لوفر تنگ ڪري ته پوءِ ڇا اوهان جي اها ذميواري نه ٿي ٿئي ته اڳتي وڌي ان جا هٿ روڪيو ۽ اهو پاڻ پڪڙي پوليس جي حوالي ڪيو.
غلام اظفر مهيسر عوام ۽ پوليس وچ ۾ جيڪا ويجهڙائي پيدا ڪئي هئي، اهڙي ويجهڙائي شڪارپور جي تاريخ ۾ ماضيءَ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن آفيسرن جي حصي ۾ آئي هجي ته ٻي ڳالهه آهي، باقي نه ته اونداهه ئي لڳي پئي آهي.
سپريم ڪورٽ جا اهي واضح فيصلا اڄ به رڪارڊ جو حصو آهن، جن ۾ آفيسرن کي ڪنهن به ناجائز سياسي فرمائش پوري ڪرڻ کان نه رڳو روڪيو ويو آهي پر اهڙي صورت ۾ لاڳاپيل عنصرن خلاف بنا ڪنهن دير جي شڪايت داخل ڪرائڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي پر بدقسمتي اها آهي ته سپريم ڪورٽ جي انهن واضح حڪمن باوجود هن وقت تائين به سنڌ جي ڪامورا شاهي مفاهمتي پاليسي جو ثمر حاصل ڪندي رهي آهي، اها پنهنجا به ڀڀ ڀريندي رهي آهي، حاڪمن ۽ سياستدانن جون جائز ۽ ناجائز فرمائشون به پوريون ڪندي آئي آهي. اهو ئي سبب آهي ته سنڌ جا ادارا ڀڙڀانگ، برباد ۽ تباهيءَ جي انتها وارا آثار ڏيکاري رهيا آهن.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي وڏ وزارت واري مراد ته الله پوري ڪئي آهي پر سوال اهو آهي ته عوام جي اندر ۾ جيڪي پلجندڙ مرادون آهن، انهن کي هو ڪهڙو دان عطا ڪري ٿو؟ هن جي وس ۾ آهي ته هو سموري سنڌ جي ضلعن ۽ تعلقن جي سمورن سرڪاري کاتن ۾ عوام دوست ڪردار ادا ڪندڙ ۽ پنهنجي ايمانداري ۽ اصول پرستيءَ واري هاڪ ۽ ساک ڇڏي ويندڙ آفيسرن جو رڪارڊ مختلف ذريعن کان حاصل ڪري ۽ ان جي آڌار تي سنڌ ۾ تقررين ۽ مقررين جي هڪ نئين تاريخ رقم ڪري. پر سوال اهو آهي ته سنڌ جي سائين کي صلاحڪارن واري پنهنجي لشڪرن مان ڪنهن اهڙي ڳالهه ڪن ۾ چئي به هوندي؟
اهي صلاحڪار ۽ وزير جيڪي سن ڪوٽا تي آيل آهن، اهي پنهنجي وڏڙن جي تاريخ جو لحاظ رکندي سدائين سانت ۾ رهڻ ۽ عوام کان لاتعلق رهڻ واري واٽ تي اڄ به پوري تسلسل سان وکون وڌائي رهيا آهن. عوام جي ٽئڪسن مان گڏ ٿيل خزاني مان وسيلا ۽ فائدا حاصل ڪري مزا ماڻي رهيا آهن. حقيقت ۾ اهي گاڏين جو پيٽرول نه پر عوام جو رت ساڙي رهيا آهن. خلق کي جَڪ ڏياري رهيا آهن. ماڻهو اندر جون مڪون اندر ۾ هڻي رهيا آهن، اهي بي وس ۽ لاچار آهن. نه چپ رهي ٿا سگهن، نه ئي ڪجهه چئي ٿا سگهن. عوام جي اهڙي سست طبيعت جو ئي نتيجو آهي جو مسئلن جي صورت ۾ عذابن ۾ ڀرپور واڌ آئي آهي. انهن مان ڇوٽڪارو ڪلهه به خواب هو اڄ به خواب آهي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ان ڳالهه ۾ تِر جيترو به وڌاءُ ناهي ته مسئلا رات وچ ۾ حل نه ٿيندا آهن پر سائين انهن جي ازالي لاءِ جنهن پاليسيءَ جي پڪ ڏياري رهيو آهي، تنهن جي ڪا جهلڪ ڏسڻ ۾ اچڻ گهرجي. سائين چوي ٿو ته اهڙو سسٽم جوڙي وڃبو جو ايندڙ وڏو وزير تبديل نه ڪري سگهندو. ان حوالي سان سائينءَ جون حڪمت عمليون ته پڪ سان ايندڙ ڏينهن ۾ ئي ڏسي سگهبيون پر گهٽ ۾ گهٽ ڪي اهڙا امڪان ته نظر اچڻ گهرجن، جن جي آڌار تي عوام کي اهو ويساهه ٿئي ته وقت هڪجهڙو نه آهي، اهو ضرور بدلبو.
پيپلزپارٽيءَ جي پوري تاريخ عوام کي خوابن جي پويان ڊوڙڻ وارا ڏس پتا ڏئي ٿي. پي پي جي منشور ۾ به طاقت جو سرچشمو عوام آهي پر حقيقت ۾ عوام سان جيڪو حشر نشر ٿيو آهي، اهو انتهائي المناڪ آهي، جنهن لاءِ جيترو ماتم ڪجي سو گهٽ آهي پر سنڌ کي ۽ سنڌ جي عوام کي ماتمن ۽ مذمتن کان اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي وڃي حڪمرانن جي حڪمت عملين ۾ ڪو ڦيرو ايندو.
 (روزاني عبرت) 
 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو