Wednesday, August 17, 2016

ديني ۽ دنيوي اسڪالرز کي هڪ ڪريو


14 آگسٽ هڪ اهڙو ڏينهن آهي، جيڪو هر پاڪستانيءَ جو ڏينهن آهي. حڪمران هجي يا اپوزيشن، ڪا به ٻولي ڳالهائيندڙ هجي، ڪنهن به فرقي سان تعلق هجي، ڪهڙي به صوبي جو هجي، ان ڏينهن تي نه ڪو اختلاف هجڻ گهرجي نه ڪا گلا. صرف ۽ صرف الله جو شڪر ۽ ان ڳالهه تي فخر ڪرڻ گهرجي ته اسان هڪ آزاد ملڪ جا شهري آهيون، جيڪو لکين انسانن جي قربانين سان حاصل ٿيو آهي. مان ته پاڻ انهن قافلن ۾ 5 سال جي ٻار جي حيثيت سان شامل هئس. مون کان ته مال گاڏيءَ جو اُهو ڊٻو به نٿو وسري، جنهن کي ڇت نه هئي. آگسٽ جو سج سڌي تپش ڇڏي رهيو هو پر مون کي پنهنجي هڪ ماءُ جي هنج ميسر هئي ۽ ٻيو مان پاڪستان جي آغوش ۾ وڃڻ جي لاءِ بي تاب هئس. اسان جي منزل لاهور هئي. منهنجي عظيم والد صوفي شير محمد جون نگاهون ٻاهر لڳل هيون. منهنجو ڀاءُ خالد مسعود مون کان وڏو هو، ان لاءِ هو به خبردار هو، اسان جي خاندان مان ڪو به بچي نه اچي سگهيو هو، پٽيالي راجپوري ۾ سڀ شهيد ڪيا ويا هئا.
.......
ان مقدس ڏينهن تي به جلسن ۾ هڪ ٻئي تي الزام لڳندا رهيا. ٽي وي چينل انهن کي سڌو سنئون نشر ڪندا رهيا. هڪ ڏينهن ته اُهي شڪايتون رڪجي ٿي سگهيون. هڪ ڏينهن ته زبانن کي ٻنجو ڏئي پئي سگهجيو. (منهنجي قلم هتي زبانن کي لغام ڏئي پئي سگهجيو- لکڻ جي لاءِ بي چين هئي) هڪ ڏينهن جيڪڏهن اهي طعنا ۽ تُنڪا  نه ڏجن ها ته ڇا انقلاب ۾ دير ٿي وڃي ها.
مان بار بار اتحاد، اتفاق تي زور ڏيندو رهيو آهيان. سڀني سان رابطن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. مون کي خوشي آهي ته آزاد ڪشمير، ڪي پي ڪي، ڏکڻ پنجاب، وچولو پنجاب، ڪراچي مان به دوستن ۽ ڀائرن، ڀينرن به ان کي وقت جي ضرورت قرار ڏنو آهي. ٻاهرين ملڪ آمريڪا، ڪئناڊا، برطانيا، آسٽريليا ۾ به پاڪستان جو درد رکندڙن چيو آهي ته يونيورسٽين ۽ ديني مدرسن جي استادن کي هڪ جاءِ تي ويهڻ گهرجي، لبرل اسڪالرز ۽ مذهبي عالمن کي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ گهرجي. ٻئي حلقا پاڪستان جي نعمتن مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن. ٻنهي جي سڃاڻپ پاڪستان ئي آهي، سبز رنگ ئي آهي، ٻنهي، هڪٻئي کان پري رهي ڪيتريون ئي غلط فهميون پالي رکيون آهن. ڪيترائي تاثرات پنهنجو پاڻ ئي پيدا ڪري ڇڏيا آهن.
ڪيترائي لکندڙ آهن، تجزيه نگار آهن، جيڪي شروعات ئي شڪ کان ڪن ٿا، مان شروعات اُميد سان ڪريان ٿو. مان سمورن عالمن ۽ اسڪالرز جي دل سان عزت ڪندو آهيان. اهڙي طرح قومي سياسي پارٽين جي سربراهن جو به احترام ڪريان ٿو. ڪنهن سان گڏ جيڪڏهن ڪيترائي هزارين ۽ لکين پوئلڳ آهن ته ڪو ته سبب هوندو، ڪو ته مقصد هوندو، سڀ محبت ڪن ٿا، سڀني کي ڪنهن محبوب سان عشق هوندو آهي پر انداز الڳ الڳ هوندو آهي. منزل سڀني جي هڪ هوندي آهي، پهچندا مختلف رستن کان آهن.
اها حقيقت آهي ته اسان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان انتشار جو شڪار آهيون،  ان جو بنياد فڪري آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ تسلسل ناهي رهيو. ڪڏهن سياسي قيادت ته ڪڏهن فوجي قيادت، ڪنهن به نظام کي جياپو ناهي مليو، ڪو به آئين پنهنجي اصل شڪل ۾ مسلسل ناهي هلي سگهيو. ان لاءِ پاڪستان ۾ استحڪام اچي ناهي سگهيو. اهو جيڪو چيو ويندو آهي ته هم آهنگي، روانگي اُها ناهي اچي سگهي. مسلمانن جي تاريخ ۾ اهڙا دور پهرين به آيا هئا، هن خطي ۾، جنهن کي اڳ برصغير چيو ويندو هو، هاڻ هن کي ڏکڻ ايشيا جو نالو ڏنو ويو آهي. هتي به اهڙا دور گذريا آهن. مغيله سلطنت جي آخري ڏهاڪن ۾ انتهائي شديد فڪري انتشار رهيو هو. مان هنن ڏينهن ۾ تحقيقات اسلامي اداري- اسلام آباد جي تصنيف ”ارڙهين صدي عيسوي ۾ برصغير جي اسلامي فڪر جا اڳواڻ“ جي ورقن مان گذري رهيو آهيان، جنهن جو مرتب ڪندڙ منهنجو ڀاءُ بزرگ ڊاڪٽر محمد خالد مسعود آهي. ان دور ۾ به سياسي بحران ۽ فڪري انتشار آهي. بظاهر تمام وڏي پريشان حالي آهي پر تحقيق ڪئي وئي آهي ته اهي حقيقتون سامهون آيون آهن ته ان انتشار جي دور ۾ به وڏين وڏين درسگاهن جا بنياد رکيا ويا. ڪيترن ئي اهم فڪري تحريڪن جي شروعات به انهيءَ صدي ۾ ٿي. اها ئي ويهين صدي آخرڪار پاڪستان جي قيام جو به سبب بڻي. اُتي اُها ڪشمڪش به نظر اچي ٿي ته جديد علم کي روايتي مضمونن سان گڏ پڙهايو وڃي يا نه. مسلمانن ۾ فقهي اختلاف، فرقي پرستي به انهيءَ دور ۾ پنهنجي عروج تي رهي پر عالمن ان لهر جو مقابلو ڪيو. ڪيتريون ئي تاريخ ساز لکڻيون انهيءَ دور ۾ قلمبند ڪيون ويون. هڪ فرق جيڪو مون محسوس ڪيو آهي ته انهن ڏينهن ۾ انتشار پکيڙڻ يا اختلافن جو سفر ڪرڻ جي رفتار تمام سسُت هوندي هئي ۽ اهو انسانن جي زبان يا ڪتابن وسيلي ڦهلجندو هو. هاڻ برق رفتار ميڊيا جي ڪري اهو انتشار به برق رفتار ٿي ويو آهي. ميڊيا تي پابندي لڳائڻ سان ته جمهوريت خطري ۾ پئجي ويندي. صحافت جي آزادي کي خطرو پيدا ٿيندو پر هن معاشري جي مملڪت جي نوجوان ذهنن کي جيڪي خطرا پيدا ٿي رهيا آهن، انتشار هر جاءِ تي پکڙجي رهيو آهي، ان جي دوا ڪير ڪندو؟ پر شايد اهو اوزار ٺاهيندڙ ۽ انهن رانديڪن سان کيڏڻ وارا چاهن ئي اهو ٿا. ريٽنگ انهيءَ سان وڌندي آهي.
هر قوم جا اجتماعي مفاد هوندا آهن، هڪ دائره ڪار هوندو آهي، جنهن کان اڳيان ناهي وڌبو. چاهي اُهي مذهبي اختلاف هجن يا سياسي. هڪ لڪير اچي ويندي آهي، جنهن کانپوءِ زبان خاموش ٿي ويندي آهي. ان لاءِ مطالعو ڪرڻ ضروري آهي، فڪري بنياد ضروري آهي. چوڻ جي لاءِ ته اسان صبح ۽ شام پنهنجي ملڪ کي نظرياتي چوندا آهيون پر ڪهڙو ادارو آهي، جيڪو انهن نظرين جي تحفظ جي لاءِ ڏينهن رات نگراني ڪندو هجي. آخر اها ڪنهن جي ذميواري آهي؟ جيڪو ڏسي ته ڪٿي ڪٿي حد پار ڪئي پئي وڃي ۽ ذهنن ۾ بگاڙ پيدا ٿي رهيو آهي؟ ان لاءِ ورهين تائين محنت جي ضرورت هوندي آهي.
سمورا مسلڪ، فرقا، درياهي سلسلا آهن جيڪي وهي رهيا آهن. ڪنهن جي ته ذميداري هجڻ گهرجي ته انهن درياهن مان نڪرندڙ لهرن تي نظر رکي، ته ڇا اُهي ذهنن کي سيراب ڪن ٿا يا ٻوڏ پيا آڻين؟ ڪو ته ڏسي ته انهن درياهن تي ڪٿي بند ٻڌڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو به جائزو وٺي ته اهي عاقبت سنوارڻ واري سمنڊ ۾ ڪرن پيا يا رستي ۾ ئي ڳوٺ، گهر برباد ڪري رهيا آهن.
مان ته پوءِ به اهو ئي مشورو ڏيندس ته وزيراعظم يا صدر مملڪت ديني ۽ دنيوي اسڪالرز کي هڪ جاءِ تي سڏائين. اُمت مسلمه ۽ خاص طور تي پاڪستان کي درپيش چئلينجن کي انهن جي آڏو رکن. اهي سڀ تاريخ جي اوڀارين ۽ لنهوارين جو مطالعو ڪري چڪا آهن. اهڙا فڪري انتشار وارا دور اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا آيا آهن، ان جي روشني ۾ مسئلن جو حل تلاش ڪري سگهجي ٿو. اسان جي قومي بنيادن کي ڌوڏيندڙ اقتصادي، سياسي، سماجي ۽ علمي طوفان، ٽاڪ شوز جا محدود بحث ۽ انهن گهٽ پڙهيل لکيل سياستدانن ۽ ماهرن جي دليلن سان نٿا روڪي سگهجن، جيڪي انهيءَ انتشار پکيڙڻ جا ذميدار به آهن. دردمند ٽي وي چينلز به جيڪڏهن سنجيده هجن ته بي بي سي وانگر سلسليوار بحث ۾ حقيقي ماهرن کي شامل ڪري، ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو. اربين روپيا ڪمائڻ کانپوءِ به جيڪڏهن لک جو نقصان ٿي وڃي ته قوم جي مستقبل خاطر برداشت ڪن. اهو مستقبل انهن جي پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن، پوٽن ۽ پوٽين ۽ ڏهٽن ۽ ڏهٽين جو به آهي.
رياست سُنڍ ناهي ٿي. هاڻ به ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شاهه ولي الله، شاهه عبدالعزيز، مولانا قاسم نانوتوي، احمد رضا خان، مولانا شبير احمد عثماني، سر سيد احمد خان، علامه اقبال، الطاف حسين حالي جي سوچ رکندڙ ماهر تعليم ۽ مسيحا موجود آهن، جيڪي جديد علم تي عبور رکن ٿا ۽ دل سان چاهين ٿا ته پاڪستان اڳتي وڌي ۽ دنيا جي امامت جو فرض انجام ڏئي.
مری صراحی سے قطرہ قطرہ نئے حوادث ٹپک رہے ہیں 
میں اپنی تسبیح روز و شب کا شمار کرتا ہوں دانہ دانہ 
ہوا ہے گو تند و تیز لیکن چراغ اپنا جلا رہا ہے 
وہ مرد درویش جس کو حق نے دیے ہیں انداز خسروانہ
توهان جو ڇا خيال آهي، توهان جي آسپاس به هي درويش موجود آهن، جيڪي پنهنجي طور تي انسانن کي اڳيان کڻي وڃي رهيا آهن. انهن سان ملو، انهن سان اسان کي ملايو، انهن جا نالا ۽ ايڊريس اماڻيو. 7806800-0331
اهو اسان ۽ توهان جي مستقبل جو سوال آهي.
(روزاني عبرت)  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو