Monday, August 15, 2016

سورٺ- راءِ ڏياچ


راءِ ڏياچ جُهوناڳڙهه جو راجا هو، کيس هڪ ڀيڻ هوندي هئس، جنهن سان هُو بيحد پيار ڪندو هو. جيتوڻيڪ هُوءَ پرڻيل هئي، پر کيس ڪو اولاد نه هو. هڪ ڀيري، هُوءَ ڪنهن رِشيءَ جا درشن ڪرڻ لاءِ ويئي ۽ کانئس اولاد لاءِ دعا پِنيائين. رِشيءَ کيس آسيس ته ڏنس، پر اِهو به چيائينس ته ”توکي هڪ پُٽ ڄمندو – پر جڏهن هُو وڏو ٿيندو ته اُهو تنهنجي ڀاءُ، راءِ ڏياچَ جي موت جو ڪارڻ بڻبو“.
ڀيڻ اهڙيءَ ڀيانڪ اڳڪٿيءَ تي ششدر ٿي ويئي ۽ واپس موٽي آئي. هُن اِها ڳالهه منَ ۾ رکِي. وقت گذرندو ويو، هُوءَ اُميد سان ٿي ۽ مهينا پورا ٿيڻ تي کيس هڪ پُٽ ڄائو. هُن رِشيءَ جي اڳڪٿيءَ کي ساريندي، اُن ٻار کي هڪ ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ وجهي، درياههَ ۾ لوڙهي ڇڏيو. درياههَ جي لهرن تي لُڏندِي، ترندِي، اُها پيتي ڀر واريءَ سلطنت ۾ پهتي، جتي هڪ راڳيءَ، جاجِڪُ اُها صندوق درياههَ ۾ ترندي ڏٺي. هُن ۽ سندس زال اُها پيتي درياههَ منجهان ٻاهر ڪڍي ۽ اُن اندر ٻالڪ کي ڏسي نهايت گد گد ٿيا ۽ اُن کي پنهنجو پُٽ ڪري نپايائون. هُنن اُن ٻالڪ جو نانءُ ٻِيجَلُ رکيو.
قدرت جا رنگ نيارا هوندا آهن! جنهن وقت چارَڻُ کي ٻِيجل هٿ آيو هو، لڳ ڀڳ ساڳين ئي ڏينهن ۾، راجا اَنِيراءِ، جيڪو تن ڏينهن ۾ اُن راڄ شاهيءَ تي راڄ ڪندو هو، کيس هڪ نياڻي ڄائي هئي. ڏُک جي ڳالهه اِها هئي ته نينگريءَ جي ڄمڻ کي سندس راجا پيءُ اَشُڀُ ڄاتو – ڇو ته هُوءَ راجا جي ڪيترين ئي راڻين منجهان اڳ ۾ ئي ڄايل 60 نينگرين کان پوءِ ڄائي هئي! ايڪهٺون ٻار ڄڻ ته ڪو اَڻ گهُريو ٻارُ هو، جنهن راجا کي ڏمرائي وِڌو هو، سو راجا ڇا ڪيو جو ڪاٺ جي هڪ پيتي گهُرائِي ۽ اُن ۾ اُن نينگريءَ کي وِجهي، ڪنهن درياههَ ۾ لوڙهي اچڻ جو حُڪُم ڪيائين. حُڪُم جي بجا آوري ٿي ۽ پيتيءَ کي نينگريءَ سوڌو درياههَ جي حوالي ڪيو ويو، جيڪا ترندي، اچي راءِ ڏياچ جي راڄ ۾ پهتي، جتي رتن نالي ڪنهن سُکئي ڪُنڀار اُها پيتي ڏٺي. هُن اُن صندوق کي درياههَ منجهان ٻاهر ڪڍيو ۽ اُن اندر نينگريءَ کي ڏسي خوش ٿيو ۽ کيس پنهنجي گهر کڻي آيو، جتي ٻنهي زال مُڙسن کيس پنهنجي نياڻي ڪري پاليو ۽ سندس نانءُ سورٺ رکيائون. نينگري اڄ ننڍي، سُڀان وڏي، جڏهن وڌي جواڻ جماڻ ٿي، ته اُها سندرتا ۾ پنهنجو مَٽُ پاڻ هئي، ڄڻ ته ڪا سُهڻي شهزادي هئي. سندس سُونهنَ جي هاڪ ڏيهان ڏيههَ پکڙجڻ لڳي.
اِنهيءَ وِچ ۾، ٻِيجَلُ وڏو ٿي، جاجِڪُ جو هڪ نماڻو پُٽ بڻيو. کيس اڪثر ڪري پنهنجي والد جون ڍڳيون چارڻ لاءِ جهنگ ڏانهن موڪليو ويندو هو. اهڙي ئي هڪڙي ڏينهن، جڏهن هُو گانيون چاري رهيو هو، ته کيس جهنگ اندران هڪ خدائي آلاپُ ٻڌڻ ۾ آيو. لڳي ائين رهيو هو ته اُهو مَنَ کي ڇُهندڙ سُريلو سُر ڪنهن هرڻيءَ جي آنڊن منجهان اچي رهيو هو، جنهن کي شڪارين شڪار ڪري، اُن جا آنڊا ڪنهن وڻ تي اُڇلائي ڇڏيا هئا. ٻِيجَلُ چرين وانگر اُنهيءَ آواز پٺيان ڊوڙڻ لڳو ۽ نيٺ هڪ هنڌ اِهو لقاءُ ڏٺائين. هُن اُنهن آنڊن کي کنيو ۽ اُنهن کي پنهنجي سُرندي تي تندن وانگر چاڙهي ڇڏيائين. اُنهيءَ ڏينهن کان پوءِ هُو جڏهن به پنهنجو سُرندو وڄائيندو هو، ته اُهو ساڳيو سُر سندس سُرندي جي تارن منجهان ٻُرڻ لڳندو هو. کيس مليل اِنهيءَ قدرتي ڏات، ڪلا سبب هوُ پنهنجي تر ۾ نهايت مشهور سازيندڙ بڻجي ويو هو.
راجا اَنيراءِ کي سورٺ جي لاثاني سونهن جي سُڌ پئجي چڪي هئي. کيس اِها خبر نه هئي ته سورٺ اُها ئي سندس ڌيءُ هئي، جنهن کي هُن آڳاٽو قبولڻ کان نهڪر ڪئي هئي. اِهو ئي سبب هو جو هُن اُن نينگريءَ سان وِهانءُ ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. رتن اُهو سَڱُ قبولڻ ۾ اُتساهت هو ۽ ڏاڍو گد گد ٿي رهيو هو. رتن پنهنجي ڌيءَ جي ڄڃ وٺي راجا اَنيراءِ جي محلات ڏانهن اُسهيو.
راءِ ڏياچ جڏهن اِهو ٻڌو ته جُهونا ڳڙهه جي سڀ کان سُندر ناريءَ جو وِهانءُ سندس ويري راجا سان ٿي رهيو هو ته هُو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو. هُن ڄڃ جي رستي روڪ ڪري، سورٺ کي سوگهو ڪيو ۽ کيس پنهنجي راڻي بڻائڻ لاءِ پنهنجي محل ۾ وٺي آيو، جتي ساڻس شادي رچايائين. راجا اَنيراءِ اِنهيءَ کي پنهنجو اَپمانُ سمجهيو ۽ راءِ ڏياچ کان اُن جو بدلو وٺڻ جو پِرڻ ڪيائين. هُن پنهنجون فوجون گڏ ڪيون ۽ جُهوناڳڙهه جي رياست جو گهيرو ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. پورو هڪ سال گذري ويس پر هُو جُهوناڳڙهه فتح ڪري نه سگهيو. کيس احساس ٿيو ته اِها سوڀ کيس ايترو آسانيءَ سان نصيب ٿي نه سگهندي، تنهنڪري هُو پنهنجون فوجون واپس ورائڻ تي مجبور ٿي پيو.
اَنيراءِ اُنهن ماڻهن منجهان نه هو جيڪي پنهنجو ويرُ پاڙڻ وساري ڇڏين ٿا. هُن ڇا ڪيو جو سونن سِڪن جو ٿالهه ڀري، پڙهو گهمايو ته جيڪو به ماڻهو راءِ ڏياچ جي سِسي وڍي، کيس آڻي ڏيندو، سونن سِڪن جو اُهو ٿالهه اُن کي اِنعام طور ڏنو ويندو. ٻيجل جي زال اُهو پڙهو ٻُڌو ۽ اُن آڇيل خزاني کي حاصل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيائين. کيس پڪ هئي ته سندس ڀتار کي سُر ۽ ساز جي جيڪا قدرتي ڏات مليل هئي، تنهن آڏو ٻيو ڪو به ماڻهو ٽِڪي نه سگهندو ۽ هُو اُهو اِنعامُ پڪ سان حاصل ڪري وٺندو. هُن راجا اَنيراءِ کي سُنهنَ ساک سان چيو ته سندس مڙس ٻيجل راجا جي ٿيل اپمانُ جو ضرور بدلو وٺندو ۽ راءِ ڏياچ جي سِسي آڻي سندس اڳيان رکندو.
ٻيجل جُهوناڳڙهه ڏانهن راهي ٿيو ۽ راءِ ڏياچ جي درٻار ۾ پنهنجو جادوءَ ڀريو سازُ وڄايائين.
محلين آيو مڱڻون، سازُ کڻي سُرَندو،
سِرِ جِي صدا سُرَ ۾، گهُور هَڻي گهُرَندو،
مٿي رِيءَ ملُوڪ جي، چارَڻُ نَه چُرَندو،
جهُوناڳڙهه جهُرَندو، پُوندي جهانءِ جهَروڪَ ۾.
(شاهه/ سُر سورٺ)
سُرُ تي موهت ٿي راءِ ڏياچُ کيس چيس ته گهُر، جيڪو گهُرڻو هجيئي.
ٻيجل کي جيئن جوڻس پڙهائي موڪليو هو، سو اُن کانئس سندس سِرِ جي صدا هنئي.
”چارَڻ! ٻولِج ڪِين ٻِيو، جو گهُرُئي سو گهورِيان،
گهر، سورَٺَ نه پڙي، جانِ تَندُن برابر توريان،
ڳُجِهي آهيم ڳالڙِي، آءُ اوري تان اوريان،
ڪِ ڪُلِهنئون ڪوريان، ڪِ جاجِڪ! جُسي سِين ڏيانءِ؟“
(شاهه/ سُر سورٺ)
قصو ائين ٻڌايو وڃي ٿو ته راءِ ڏياچ اُتي جو اُتي پنهنجي تکي ترار کنئي ۽ پنهنجن هٿن سان پنهنجو سِرُ وڍيائين! سِسي وڃي ٻيجل جي جهوليءَ ۾ ڪِري ۽ مڱڻهار اُهو کڻي هڪدم اَنيراءِ جي درٻار ۾ پهتو، ۽ راءِ ڏياچ جي سِسي پيش ڪندي، کانئس پنهنجو اِنعامُ گهُريائين.
اُميدن جي اُبتڙ، راجا اَنيراءِ پنهنجي ويرَوَٺُو سُڀاءُ تي کِکو وِکو ٿيو ۽ پنهنجي رقيبُ جي سخاوت ۽ سچائيءَ کان متاثر ٿيو. کيس پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو رنجُ ٿيس، سو اُنهيءَ ڏنجُ ۽ بُڇان وچان هُن ٻيجل کي هٿين خالي موٽائي ڇڏيو. ٻيجل پڻ دلبرداشتو ٿي جهُوناڳڙهه ڏانهن ڀڳو، جتي ڏٺائين ته سُهڻي سورٺ پنهنجي وَرَ، راءِ ڏياچ جي چِتا تي ڏاگهه چڙهڻ لاءِ تيار ويٺي هئي. پشيمانيءَ ۽ پنهنجيءَ خطا کي مات ڏيڻ خاطر ٻيجل پڻ اُن باهه جي آڙاههَ ۾ ٽپو ڏيئي، سڙي رک ٿي ويو.
اَڻموٽ قسمت جو لکيو، انصاف جون تقاضائون، ويرُ پاڙڻ جا پڇتاءَ، ڌن دولت جي لوڀُ، ساز ۽ سُر جو ٻَلُ، اهي سڀئي سُر سورٺ جا موضوع آهن.
اسان مان ڪيترائي ماڻهو وڏخيالي سوچ جا مالڪ هوندا آهن – بيشڪ، اسان منجهان ڪجهه ماڻهو حد کان وڌيڪ پُرعزم، وڏخيالي يا حريص هوندا آهن. پر سوچڻ جي ڳالهه اِها آهي ته جڏهن اسان جون سڀئي آسائون پوريون ٿي وڃن ٿيون، ته پوءِ آيا اسين اِن قابل آهيون جو شُڪر ڪري، سُک شانتيءَ، آنندُ کي ماڻيون. بس، اِها ئي سوچڻ جي ڳالهه آهي. ٻِيجلُ جڏهن سورٺ کي چِتا چڙهندي ڏٺو، ته هُن به پنهنجو پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو. شاهه لطيف چوي ٿو:
ٽيئي پرچيا پاڻ ۾، تَندُ، ڪَٽارو ۽ ڪَنڌُ،
تنهن جِهو ئي ناههِ ڪِينَ، جو تو چارَڻُ ڪيو پَنڌُ،
اِيءُ شُڪُر اَلحمدُ، جِئن مٿو گهُريئي مڱڻان!
(شاهه/ سُر سورٺ)
هِن کن پلَ جي دنيا ۾، سالڪ کي سنسارَ جا سمورا لڳ لاڳاپا تياڳي، نِرموهي واٽ جي چونڊ ڪرڻ جي صلاح ڏني ويندي آهي. جيستائين راءِ ڏياچ جو تعلق آهي، هُو سَچُ، سَتيَتا جو ڄڻ ته ڪو انساني روُپُ هو.
سَچُ، سَچُ، سَچُ! جيئن ساڌو واسواڻيءَ اسان کي سيکاريو آهي، سچُ جي اصولن تي سختيءَ ۽ ايمانداريءَ سان عمل ڪرڻ، اُن جي پيروڪاري ڪرڻ، اُن تي ثابت قدم رهڻ اعلى ظرف، جيڪو رب کي پسند هوندو آهي، ان جي نشاني هوندي آهي.
راءِ ڏياچ چوي ٿو:
”آءٌ مٿانهُون، مڱڻان! مُقابِلِ مَيدانَ،
گهوريان لَکَ، لطيف چئي، تنهنجي قدمن تان قُربانُ،
مَٿو هِيءَ مِزمانَ، هَلِي آءُ ته هِتِ ڏِيَئين“.
(شاهه/ سُر سورٺ)
حقيقت ۾، سندس قربانيءَ، سندس گهورَ، ٻلهاريءَ ٻِيجل جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي ۽ هُن پشيمانيءَ منجهان پنهنجو پاڻ کي ماري ڇڏيو، فنا ڪري ڇڏيو.
(روزاني عبرت)  


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو