Tuesday, August 16, 2016

پاناما ليڪس تي هڪ ٻئي سامهون آيل حڪومت ۽ مخالف ڌر


پاناما ليڪس واري معاملي تي روڊن تي آيل پاڪستان تحريڪ انصاف جو مارچ جاري آهي ته گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي پيپلز پارٽيءَ جي قيادت تي ڇتي تنقيد کانپوءِ پيپلز پارٽي ۽ حڪومت به هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آيل نظر اچن ٿيون. چوڌري نثار علي خان جي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ۽ سينيٽر اعتزاز احسن تي ذاتي نوعيت جي الزامن ۽ تنقيد کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن به ن ليگ جي حڪومت خاص ڪري چوڌري نثار علي خان کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي تي جنهن قسم جا الزام هنيا آهن ۽ جهڙي تنقيد ڪئي آهي تنهن مان لڳي ٿو ته مستقبل ۾ سياسي ماحول اڃا به گرم ٿيندو.
پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان ته چونڊن ۾ ڌانڌلين جو معاملو هجي يا پاناما ليڪس جو حڪومت کي لاڳيتي سوڙهو ڪندو رهيو آهي. سندس سياسي طريقيڪار تي اختلافن سبب هو مخالف ڌر ۾ هوندي به اڪيلو روڊن تي آهي جڏهن ته باقي مخالف ڌر حڪومت سان جيتوڻيڪ ساڳيا ئي اختلاف رکي ٿي جهڙا عمران خان کي آهن پر اها معاملن کي ڪنهن اهڙي هنڌ وٺي وڃڻ جي حق ۾ نظر نه ٿي اچي جتي موجوده لولي لنگڙي ئي سهي هن جمهوري نظام لاءِ ڪي سنگين خطرا پيدا ٿين.
پاڪستان ۾ قيام کان وٺي جمهوريت نه ته مضبوط ٿي آهي نه ئي وري پاتال ۾ ڪي پاڙون پختيون ڪري سگهي آهي. ملڪ ۾ جمهوري نظام هميشه ان ڪري به لوڏن ۾ رهيو آهي جو هتي جمهوريتن تي، عوام جي چونڊيل حڪومتن تي راتاها ۽ سياسي قيادت خلاف وٺ پڪڙ عام رهي آهي جڏهن ته ملڪ جي امن کي، استحڪام کي ۽ جمهوريت کي تين وال ڪندڙ آمر هميشه پڇاڻي کان آجا رهيا آهن. هتي ذوالفقار علي ڀُٽي جهڙو مقبول عوامي اڳواڻ ته سوليءَ چڙهي وڃي ٿو، محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف کان ويندي اهم سياسي اڳواڻ ته هٿ ٺوڪين ڪيسن ۾ عدالتن کي ڀوڳين ٿا ۽ جلا وطنيون برداشت ڪن ٿا پر عوام جي مينڊيٽ تي راتاهو هڻندڙ آمر ضياءُ الحق کان ويندي مشرف تائين پڪڙ کان آجا ۽ قانون کان ڏاڍا نظر اچن ٿا.
سو ملڪي تاريخ تي نظر ڦيرائڻ کانپوءِ جي ڏسجي ته پاڪستان ۾ گذريل اٺن سالن کان جيڪا جمهوريت آهي يقينن ان مان کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهائڻ جي اميد ته نه ٿي ڪري سگهجي پر ملڪ اندر جيڪو گند آهي، جيڪي ڪمزوريون آهن، جيڪي بحران آهن سي جمهوريتن نه پر آمريتن جا ڏنل تحفا آهن تنهن ڪري جهڙو تهڙو ئي سهي جمهوري نظام جي هلندو رهندو ته معاملا سنئين دڳ تي اچي سگهڻ جي اميد آهي، پر جي سياستدانن جي اُٻهرائي ۽ اقتدار جي حوس ۾ هڪ ٻئي خلاف باهوڙ جي نتيجي ۾ جي جمهوري نظام ئي لپيٽجي وڃي ٿو ته پوءِ وري به معاملا سڌا ٿيڻ بدران ويتر خراب ٿي ويندا. چوندا آهن ته بدترين جمهوريت به بهتر آمريت کان چڱي آهي سو جمهوري نظام هلندو رهڻ گهرجي.
جمهوريت جو موجوده نظام صرف ۽ صرف سياسي جماعتن جي بردبار ڪردار ۽ رويي سان ئي برقرار رهي سگهي ٿو. ڪنهن امپائر جي آڱر کڄڻ جو انتظار قطعي طور به جمهوري طريقيڪار ناهي. مخالف ڌر حڪومت تي جيڪا تنقيد ڪري ٿي، جيڪي مطالبا ڪري ٿي سو ان جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ولايت ۾ ڪمپنيون قائم ڪرڻ جن کي عام طرح آف شور ڪمپنيون سڏيون وڃي ٿو سي غير قانوني ڪم ناهي پر ان بابت شڪ شبها ان وقت جنم وٺن ٿا جڏهن اهڙيون ڪمپنيون عوام کان لڪائي قائم ڪيون ويون هجن. پاڪستان ۾ به پاناما ليڪس واري معاملي کان پوءِ سياسي ماحول گرم آهي.
پاناما ليڪس تي جيتوڻيڪ دنيا ۾ ٻڙڌڪ متو هو ڪئمرون کان ويندي آئس برگ جي وزيراعظم تائين ڪن استعيفائون ڏنيون ته ڪن وري پنهنجي پارليامينٽ ۽ قوم اڳيان وضاحتون به پيش ڪيون سو پاڪستان ۾ به حڪمران جماعت مسلم ليگ نواز جي سربراهه ۽ وزيراعظم ميان محمد نواز شريف کان جي قوم ۽ مخالف ڌر پاناما ليڪس بابت وضاحت گهري ٿي ۽ جڏهن وزيراعظم توڙي سندس جماعت چئي به رهي آهي ته هو صاف آهن، هنن ڪو غير قانوني ڪم نه ڪيو آهي ته پوءِ هن معاملي تي گوٿناٿ کان ڪم وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.؟ ايئن ڪرڻ سان معاملي سڌو ٿيڻ بدران گُمان وڌندا، جي حڪومت جا هٿ صاف آهن، جي وزيراعظم ۽ سندس خاندان ڪو غلط ڪم نه ڪيو آهي ته پوءِ کين مخالف ڌر جي تنقيد کي فوري ۽ سڌو سنئون جواب ڏيندي سڀ ڪجهه چٽو ڪري سامهون رکڻ گهرجي.
اهڙي صورتحال ۾ جڏهن حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آهن، گهرو وزير پ پ اڳواڻن تي ذاتي نوعيت جي تنقيد ڪري اڳ ئي دٻاءَ ۾ آيل نواز سرڪار خلاف هڪ نئون محاذ کولي ڇڏيو آهي، سرڪار جيڪڏهن پاڻ تان دٻاءُ گهٽائڻ گهري ٿي ته هڪ ته سياست ۾ ذاتيات تي لهي اچڻ واري روش کي روڪڻو پوندو ۽ ٻيو ته پاناما ليڪس واري معاملي مان هميشه لاءِ جند ڇڏائڻ لاءِ لازمي آهي ته جن ٽرمز آف ريفرنسز يعني (ٽي آر اوز) تي حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ اتفاق ٿيو هو تنهن کي اڳتي وڌائيندي معاملي جي جاچ شروع ڪرڻ گهرجي. ڇو جو هن معاملي ۾ دير ڪرڻ سان نقصان ڪنهن فرد يا جماعت نه پر جمهوريت ۽ جمهوري نظام جو ئي ٿي سگهي ٿو.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو