Monday, August 22, 2016

وال پــــيــــپـــــــر :ڪراچيءَ جي ڪارخانن ۾ ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ بند ٿيل روزگار جا دَرَ


ميڊيا اطلاع آهن ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ اندر مختلف صنعتي علائقن خاص ڪري سائيٽ، اورنگي ٽائون، بلديا لانڍي واري علائقي، ڪورنگي، نئين ڪراچي، سهراب ڳوٺ ۽ ٻين علائقن جي صنعتن ۾ هڪ منظم سازش ۽ رٿابنديءَ تحت ڌرتيءَ ڌڻين يعني سنڌي ماڻهن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪري ٺيڪيدار نظام لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ اهي ٺيڪيدار وري اهي ماڻهو آهن جن جو ڌرتيءَ سان ڪو تعلق ناهي، تنهن ڪري انهن جي ترجيح ڌرتي ڌڻي نه پر ڌاريا آهن، اهي ڌاريا جن هن شهر جي امن کي ٽياس تي ٽنگي رکيو آهي.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ڪراچي سنڌ جو اهڙو ته پرامن ۽ غريب پرور شهر هئي جتي بنا ڪنهن فتني فساط، لساني ۽ فرقيوار تحسب توڙي قبضي جي سوچ ۽ ذهنيت جي سڀ ماڻهو امن سان رهندا هئا، ڪير ڇا ٿو ڪري ان سان ڪنهن جو ڪو مطلب نه هوندو هو، هر ڪو پنهنجي دنيا ۾ مگن، نه فساد نه جهيڙو، نه دهشت گردي نه ٽارگيٽ ڪلنگ، نه ڀتو، نه زوريءَ فطرو وٺڻ جو رواج، نه ئي جانورن جون کلون نه ڏيڻ تي گوليءَ سان هڪ لحظي ۾ انساني زندگي ختم ڪرڻ جي ريت مطلب ته اها ڪراچي اڄ جي ڪراچيءَ کان الائي جي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ خوبصورت، پرامن، چڱي ۽ سهڻي هئي.
ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آهي ۽ سنڌ جي وارثن سان بلڪل ايئن ئي ٿيو آهي جيئن اسرائيل سوداگر فلسطين ۾ آيا ٽانڊو کڻڻ هئا پر ويا بورچي بڻجي ۽ فلسطيني آهن جو اڄ تائين دربدر ڌڪن ۽ ٿاٻن ۾، لاش کڻڻ ۾، حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ ۾ ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ٻن ويلن جي ڳڀي ۽ ڇت جي ڳولا ۾ مصروف آهن.
سنڌ سان به ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ بلڪل ايئن ئي ٿيو آهي. هڪ سازش تحت ورهاڱي کانپوءِ هندستان جي مختلف رياستن مان جيڪي ورهاڱي جا متاثر مسلمان ڀائر هيا تن کي اڄوڪي پاڪستان ۾ سمورن علائقن اندر برادريءَ جي بنياد تي ورهائي رهائڻ بدران سڀني کي سنڌ ڏانهن آڱر سان اڳتي جو رستو ڏيکاريندي ڀاشن ڏنا ويا ته ”پاڪستان آگي هي“ سو ايئن ئي انهن سڀني مسلمان ڀائرن جو ٿاڪ ۽ آماجگاهه سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ کي بڻايو ويو ۽ ڪراچي جتي صدين کان سنڌي اڪثريت ۾ هيا اوچتو ئي اوچتو آباديءَ جو توازن بگڙي ويو. ڌرتي ڌڻين جي آبادين کي غير قانوني ڪوٺي کين لڏايو ويو سندن آبادين کي بنيادي سهولتن کان محروم رکي نون آيلن کي سندن زمينون، وسيلا، روزگار، سهولتون مطلب ته سڀ ڪجهه ڏنو ويو، بلڪل ايئن ئي جيئن فلسطين جي ڌرتيءَ تي اسرائيلي طاقتور ۽ فلسطيني ٻن ويلن جي ڳڀي لاءِ پريشان آهن. ڪراچيءَ اندر ڌرتي ڌڻين سان به ته ايئن ئي ٿيو آهي.
ڪراچي ورهين کان وٺي بدامنيءَ جو ڳڙهه رهندي آئي آهي ۽ اهڙو ڦٽيل شهر پئي رهي آهي جنهن جا ڦٽ رت ڳاڙيندا رهيا آهن ۽ اهي ڦٽ پنهنجن نه پر انهن ڏنا آهن جن کي هٿ سان هتي آڻي رهائي هن شهر جو دعويدار بڻايو ويو آهي. سنڌ جي هن راڄڌانيءَ ۾  افغاني، بيهاري، بنگالي، برمي، گجراتي مطلب ته وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ کي جيئن وڻي تيئن ڪرڻ جي اجازت آهي ڪنهن فوٽ پاٿ تي قبضو ڪري، ڪنهن چوراهي يا پارڪ جي جاءِ تي ريڙهو هڻي يا ڪو دڪان ٺاهي ويهي رهي ان کان سڀ پڇاڻا معاف، جڏهن ته ڌرتيءَ جو ڪو ڌڻي جيڪڏهن اهڙي ڪا هُج ڪندو به ته اهو ڪاٺ ۾ هوندو. اهو عمل پنهنجي ئي ديس ۾ ڌرتيءَ ڌڻين تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي اها سازش آهي جيڪا ننڍي کنڊ جي ورهاڱي شرط ئي شروع ٿي وئي هئي.
ڪراچيءَ اندر مختلف صنعتي علائقن ۾ ڌرتي ڌڻين لاءِ روزگار جا در ڪي اڄ بند ناهن ٿيا. هتي مڪامي ماڻهن سان اڇوتن ۽ ريڊ انڊين وارو سلوڪ ڪا نئين ڳالهه ناهي. سنڌ ۾ اڄ جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي، جنهن جو ڳڙهه به سنڌ آهي ته تڪ به سنڌ ۽ ان هميشه سنڌ جي زور تي وفاق ۾ سياست ڪئي آهي ۽ سنڌ کي استعمال ڪري ئي وفاق اندر اقتدار ۾ مختلف حصن ۾ حصو به ورتو آهي ته ان جو باقي سياسي ڌرين کان وڌيڪ فرض ٿئي ٿو ته اها هن معاملي جو نوٽيس وٺي. خاص ڪري سنڌ جي وڏي وزير جو پورهئي بابت نئون صلاحڪار سعيد غني جيڪو هڪ متحرڪ نوجوان آهي تنهن کي هن معاملي بابت اڳتي اچي تفصيل سان جاچ ڪرڻ کپي.
ڪنهن به ڌرتيءَ تي جيڪڏهن ڪو ڪارخانو قائم ٿئي ٿو ته اهو صوبائي حڪومت جي اجازت کان سواءِ ۽ ان جي قاعدن ۽ قانون تي عمل کان سواءِ قائم ٿي نٿو سگهي. ۽ اهو ته عالمي اصول آهي ته جتي به ڪا صنعت ۽ ڪارخانو لڳي ٿو ته اتي روزگار جو سڀ کان پهريون حق مقامي ماڻهن جو يعني ڌرتي ڌڻين جو هوندو آهي. ڪراچي سامونڊي بندر گاهه آهي ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن شهر ۾ روزگار جا تمام گهڻا وسيلا هئڻ سبب نه رڳو وڏي تعداد ۾ غير قانوني پرڏيهي هن شهر ۾ روزگار سانگي اچن ٿا يا آندا وڃن ٿا پر ملڪ جي ٻين صوبن مان به ماڻهو وڏي تعداد ۾ ڪراچيءَ اچن ٿا. روزگار هر ڪنهن جو حق آهي پر صورتحال ان وقت خراب ٿئي ٿي جڏهن ان ڏس ۾ متڀيد ۽ تعصب کان ڪم ورتو وڃي ٿو. يعني ڌرتي ڌڻين کي پٺتي رکي، نظر انداز ڪري، نوڪريءَ کان ۽ مزدوريءَ کان ٺپ جواب ڏئي ان جي جاءِ تي ڌارين کي يا ٻين صوبن کان آيلن کي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو.
سو اميد ڪجي ٿي ته سنڌ سرڪار هن معاملي جو نوٽيس وٺندي، نه رڳو نوٽيس وٺندي جن ڪارخانيدارن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا در بند ڪرڻ جي جرئت ڪئي آهي تنهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ مقامي ماڻهن کي ترجيح جي بنياد تي روزگار ڏيارڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو