Saturday, August 20, 2016

ٻارن جي اغوائن جا واقعا


ٻارن جي اغوائن جون رپورٽون جيڪي ڪافي وقت کان وٺي سوشل ميڊيا تي بيان ٿينديون ٿي رهيون، تنهن تي حڪومت يا ٻئي ميڊيا تمام گهٽ ڌيان ڏنو پر جڏهن اهي وارداتون عام جام ٿيڻ لڳيون ۽ وڏن شهرن کان پوءِ ننڍن شهرن ۾ به ٻار اغوا ٿيڻ لڳا ۽ علائقائي رپورٽن به اچڻ لڳيون، ته انهن علائقائي رپورٽن کي نظر ۾ رکي پرنٽ ميڊيا به ان معاملي کي جاءِ ڏني پر پوءِ به اڃان ڪراچي جي پوليس ان معاملي تي انڪاري بيان آلاپي رهي آهي ته ٻار اغوا نه پيا ٿين، جڏهن ته ٻارن جي اغوائن جو معاملو هڪ حقيقي روپ وٺي چڪو آهي. ان بابت هاڻي ماڻهو احتجاجي بڻجي به نڪري پيا آهن ۽ خود ڪراچي کانسواءِ ٻئي هنڌ  جتي به پوليس ڪاروائي ڪئي آهي اتي مجرمن کي پڪڙيو به ويو آهي، جيڪي رپورٽون اخبار ۾ شايع ٿي چڪيون آهن ۽ ان واقعي جي حقيقت جو مثال منهنجو ميهڙ جو شهر به آهي جتان به هڪ ٻارڙي اغوا ٿي چڪي آهي .
جڏهن ته سوشل ميڊيا جنهن تي ٻارڙن جي اغوائن بابت جيڪي رپورٽون درج ڪيون ويون آهن انهن بابت مليل انگ اکرن جو جيڪو تعداد ظاهر ڪيو پيو وڃي اهو به تمام وڏو آهي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ لاهور جا ٻار آهن ۽ ان کان سواءِ ڪراچي ۽ ٻين علائقن جا ٻار به آهن، هن وقت جيڪي انگ اکر ملائي ٻڌايو ويو آهي ته پوري ملڪ مان جيترا ٻارڙا اغوا ڪيا ويا آهن انهن جو تعداد اٽڪل 900 جي لڳ ڀڳ وڃي پهتو آهي ۽ ان بابت جيڪي خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن، تنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اڪثر اهڙا ماڻهو عام سادي يعني فقيراڻي حالن ۾ گهمن ڦرن ٿا ۽ ڏينهن جي حصي ۾ شهرن جي مختلف جاين تان گهمي ڦري مڪمل جانچ پڙتال حاصل ڪري ۽ پوءِ پنهنجي ڪاروائي جو ٽائيم ٺاهي اغوائن جون وارداتون ڪن ٿا ۽ جن ماڻهن کي هن وقت تائين اغوا ڪندي پڪڙيو ويو آهي انهن جو لباس سادو يعني فقيراڻو ڏٺو ويو آهي
ٻارن جون اغوائون جيڪي هن وقت جهڙي ّنئين انداز سان ٿي رهيون  آهن تنهن مان لڳي ائين پيو ڄڻ ته هيءَ دهشتگردي جو ڪو نئون انداز ۽ نئون طور طريقو هجي، هونءَ به وهشت جو روپ رکندڙ ماڻهن ۾ اهو احساس هجي ئي ڪٿي ٿو جو اهي ڪنهن معصوم تي ڪهل کائيندا هجن يا انهن گلڙن جهڙن ٻارن جي مستقبل جو احساس رکندا هجن، هو ته هجن ئي دهشتگرد ٿا سو انهن جو ڪم هوندو ئي دهشت کي هٿي ڏيڻ ۽ عام توڙِي خاص ماڻهو کي پنهنجي دهشت، وهشت جو نشانو بڻائڻ،.هن وقت جتي اسان جو ملڪ دهشتگردي جي انتها تي پهتل آهي ماڻهن جو دهشتگردي جي تباهه ڪندڙ ڪاررواين سان ساهه سڪي ويو آهي اتي پريشاني جي هڪ نئين لهر پيدا ٿي پئي آهي جنهن اهو طئي ڪيو ويو آهي ته ننڍي ۽ نئين نسل کي ئي تباهه ڪرڻو آهي،، اهڙين ماڻهن مان رحم جي اميد ته ڪنهن کي پيدا ئي ڪونه ٿي سگهي، باقي هاڻي جيڪو ڪجھه به ڪرڻو آهي سو هاڻي حڪومت توڙي ماڻهن کي خود ڪرڻو آهي.
ٻارن جو اغوا هڪ جيءَ کي جهوريندڙ انتهائي ڏکائيندڙ وارداتون آهن جنهن جي روڪ ٿام ڪرڻ اسان جي پوليس آفيسرن توڙي هر ذميوار ماڻهو توڙي رضاڪار شهرين جو فرض آهي، اهو فرض نڀائڻ م ڪا به ڪمي ڪوتاهي نه ڪرڻ کپي، حڪومت کي هن معاملي تي بهتر کان بهتر اپاءَ وٺڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته هن وقت اسان جنهن دهشت گردي ۽ وهشت گردي جي ور چڙهيل آهيون، ان جو وڏو سبب حڪومتي ڪوتاهيون آهن، حڪومت ڀلي جو ڪجهھ اهڙن ماڻهن جي خلاف ڪاروايون ڪيون آهن، جيڪي ماڻهو انسان دشمن آهن، پر اهي ڪاروايون حڪومت جون سدائين اڻ پورين لٿيون اسان وٽ حڪومت ڪنهن به عمل کي روڪڻ لاءِ اڳواٽ هوشيار ٿيندي ئي ناهي، اها سدائين وقت گذرڻ کان پوءِ جاڳندي آهي جيئن هن دفعي ٻارن جي اغوائن جا واقعا ٿيڻ شروع ٿيا آهن ته ڪراچي جي پوليس ان کي غلط قرار ڏئي رهي آهي.
هي وقت آهي ته حڪومت باقائدي پنهنجي سيڪيورٽي کي الرٽ ڪري ۽ ٻارن جي ذميواري جا نوان ۽ جديد ترين منصوبا جوڙي  ٻارن جي گهر کان نڪرڻ تائين سواري جا جوڳا بندوبست مهيا ڪري يا جتي جنهن ٻار کي اها سهولت مهيا ناهي ته اهي والدين پاڻ اچي ڪري پنهنجي ٻارن کي اسڪول ڇڏي وڃن جيڪا ڳالهه پرائيويٽ اسڪول مينيجمينٽ جي چئرمين خالد شاهه به ڪئي آهي، ۽ ان کان سواءِ اهي ٻار جيڪي اسڪولن ۾ پڙهن ئي نه ٿا.
اغوائن جا واقعا اهڙن ئي ٻارن سان گهڻي قدر ٿيندا آهن، جيڪي ٻار خود آوارگي ور چڙهيل هوندا آهن، ڪي ماڻهو شديد غلطيون يا چئجي ته پنهنجي ٻارن سان نانصافيون ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته اها نانصافي ئي هجي ٿي ته ان جي سنڀال ڪرڻ کانسواءِ ان کي پڙهائڻ کانسواءِ ائين کلي عام ڇڏي ڏجي يا وري وڃي پري پري ڪنهن ٻئي شهر ۾ پورهئي لاءِ دڪانن فيڪٽرين ۾ کڇي اچجي يا وري پري ڪنهن مدرسي جي حوالي ڪجي، اصل ۾ مدرسن جي ڳالهه ڪرڻ مان اهو تاثر بلڪل به نه ورتو وڃي ته ماڻهو مدرسن ۾ ٻار نه پڙهائين پر ان رويي جي خلاف آهيون جيڪو اتي ٻارن سان پيش اچي ٿو، اتي پڙهندڙ ٻارن کي (جيڪا ڳالهه پيو ڪيان اها اڪثريت سان پئي هتي ٿئي )  نه والدين ۽ نه وري مدرسي جي انتظاميا کين ويلي جي ماني جو جوڳو بندوبست مهيا نه ٿي ڪري، پوءِ وري مولوي کين ٻاهران کاڌ خوراڪ جو بندوست لاءِ موڪلي ڇڏيندا آهن جيڪو عمل به اهڙي نموني نه هجڻ کپي ڇاڪاڻ ته اهو غير ذميداراڻو عمل پڻ آهي، ٻئي ڳالهه اها پئي ڪيم ته ٻارن کي کلي نموني جيڪي ماڻهو ٻاهرين علائقن ۾ پورهئي لاءِ دڪانن گيريجن يا فيڪٽرين ۾ ڇڏين ٿا اها به هڪ غير زميداراڻي عمل کي ظاهر ڪري ٿي ڇاڪاڻ ته اتي جيڪو ٻار ڇڏيو ٿو وڃي انهيءَ جي سنڀال اتان جا دڪاندار يا ڪي ٻيا ماڻهو ڪهڙي ڪندا، يعني اهڙن عملن تي به والدين کي ڌيان ڏيڻ جي انتهائي سخت ضرورت آهي.  جيتوڻيڪ مٿي بيان ڪيل ڳالهيون والدين جي ڪوتاهي ۾ ته اچن ٿيون پر ان کان به وڏي ڪوتاهي آهي اها آهي سرڪار جي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اها والدين کي سخت پابند بڻائي ۽ کين ٻارن کان پورهئي ڪرائڻ بجاءِ اسڪول موڪلڻ تي زور ڀري ۽ ٻارن کي ماهوار وظيفو به فراهم ڪري، جيڪو قانون حضرت عمر رضه به قائم ڪيو هو، ۽ اسڪول ويندڙ ٻارڙن جي ذميواري باقائدي سرانجام ڏني وڃي ان سان گڏ ٻارڙن کي اسڪول ٽائيم کان بعد گهرن ۾ انٽرٽيمنيٽ جوڳا بندوبست ڪري ڏنا وڃن، مثلن گيم، يا مزيدار ۽ معنيٰ خيز مواد مهيا ڪيو وڃي جي ائين به نه ٿئي ته شهر ۾ ٻه ٽي اهم انٽرتينمينٽ جا ادارا قائم ڪيا وڃن ، جتي به سيڪيورٽي جو انتظام هجڻ کپي، مطلب اهڙيون ته بهترين رٿائون جوڙيون وڃن جنهن سان اسان جا ٻار غلط ڪمن، غلط وارداتن ۽ اغوائن کان آجپو پائي سگهجن.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو