Wednesday, August 17, 2016

ٻار ڇو ٿا کڄن؟


والدين پنهنجي زندگي ڏکي گهاري پنهنجن ٻچن کي سُکَ پهچائن ٿا. پاڻ ننڊون ڦٽائي پنهنجي ٻچن کي ننڊون ڪرائن ٿا، اُنهن جو ڪُل اساسو سندن اولاد هجي ٿو، هو مرن جيئن ٿا ته صرف ۽ صرف پنهنجي اولاد لاءِ، هو ٻارن کي هميشه سکيو ستابو ڏسڻ ٿا چاهن، ڪامياب ۽ ڪامران ڏسڻ ٿا چاهين، هر وقت اولاد لاءِ دُعاڳو رهن ٿا.
ٻارَ ته هئين جا هار هجن ٿا،
ساهه جا سينگار هجن ٿا،
مَن جي لاءِ سهڪار هجن ٿا،
بس پيار ئي پيار، پيار هجن ٿا.
اهي ماڻهو ناهن پر حيوان آهن، جيڪي مائرن جون جهوليون اجاڙ ڪن ٿا. انهن مرن ماڻهن کي ڪهڙيءَ حوس اچي ورايو آهي، جيئن باز جهرڪي جهٽي کنيون وڃن، تيئن منٽ ۾ کنڀيو کنيو وڃن. بنا دير جي امڙن جون جهوليون خالي ٿيو پون ۽ اکيون آليون ٿيو پون.
سندن زندگي ويران بڻجي وڃي ٿي، ننڊ نيڻن کان ڪوهين ڏور ٿي وڃي ٿي. سندن بامقصد جيئڻ بي معنيٰ ٿيو پوي.
انهن جي اکين جا شيش محل جهڙا خواب ڀڄي ڀور ڀور ٿي وڃن ٿا. انهن جي نڙيءَ مان نه پاڻيءَ ڍُڪَ لَهي ٿو نه مانيءَ گرهه، روح جي سڏڪن مان صرف هڪ ئي آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، ”او! جاني ٻَچا موٽي آءُ، ماءُ توتان گهور وڃي.“ مَجال آ جو پاپين کي تِرَ جيترو ترس پوي.
اغوا جو سلسلو جاري ۽ ساري رکيو اچن. اغوا يا اغوا براءِ تاوان ته سالن کان ٻڌبو هو، پر هاڻ ته تاوان جي ڳالهه ئي ڪانهي. بس روز ٻارن کي کڻ کڻان لڳي پئي آهي، ڪو وقفو ئي ناهي، ٻارُ گهر کان نڪتو ناهي جهٽيو ناهي. ڄڻ شڪاري شڪار جي تاڙ ۾ هجن.
ڪيڏانهن ٿا کڻي وڃن، ڪا به خبر چار نٿي پوي، ڪهڙي ويس ويا؟ ڪهڙي ديس ويا؟ ڪهڙي مُلڪ ويا، مالڪ ئي ڄاڻي.
پويان خاندان جا ٽهڪ لڙڪن ۾ بدلجي وڃن ٿا.
روڄ راڙو، ماتم متل هجي ٿو.
سوال اهو آهي ته،
اسان جا ٻارَ کڄن ڇو ٿا؟
لاوارث ٿي مرن ڇو ٿا؟
انهن لاءِ ڀڀڙ ٻرن ڇو ٿا؟
ڄَرَ ۾ هو ڄَرنِ ڇو ٿا؟
حساس ۽ ساڃاهه وند ماڻهن جي ته ذهن ۾ ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا ته آخر ٻارن جي سِرَ تي اهڙي شامت ڇو؟ قهر جهڙي قيامت ڇو؟
ڇا هن ملڪ ۾ هر پاسي ڏوهن جي باهه ڪونه پئي ٻري جو هاڻ لاهي پاهي معصوم جانين جو شڪار پيو ٿئي؟ يا اهو سمجهيو ٿو وڃي ته اهو ڪم تمام سولو ۽ آسان آهي. ٻار معصوم به آهن نادان به آهن، ٽافي، چاڪليٽ آئيس ڪريم تي به گڏ هليا ٿا هلن، مزاحمت به ڪانه ٿي ٿئي. عمل جو ردعمل به ڪونه ٿو ٿئي. هينئر ويجهڙائيءَ ۾ پنجاب مان 7-8 سؤ ٻار اغوا ڪيا ويا آهن، جا هڪ حيراني ۽ عبرت جي ڳالهه آهي.
منهنجي خيال ۾ ان ڪُڌي عمل پويان ڪي مطلب هوندا، سنگين ڪارڻ هوندا، جيڪي ڏوهاري حاصلات لاءِ سرگرمِ عمل آهن، ٻيا سبب ڪهڙا ٿي سگهن ٿا؟ جيستائين منهنجو خيال آهي ته ٻارن کي کڻي وڃڻ جا هي سبب ڪار فرما ٿي سگهن ٿا مثلً؛
1. ٻارن کي دهشتگردي لاءِ استعمال ۾ آڻجي.
2. گداگريءَ جي پيشي لاءِ اپاهج ڪري پنرائجي.
3. جنسي ڏوهه لاءِ استعمال ڪجي.
4. منشيات جي خريد و فروخت ۽ فروغ لاءِ انهن کي استعمال ڪجي.
5. ڪمن ڪارن مزدوريءَ لاءِ وڪيو وڃي.
6. عرب امارات ۾ ٻارن کي اُٺن جي ڊوڙ/ ريس لاءِ ٻار گهربا آهن ۽ خريد ڪيا ويندا آهن.
7. انهن جا عضوا ڪڍي وڪيا ويندا هجن. مثلا ً گڙدا، جگر اکيون هَڏا وغيره.
انهن اغوا ڪارن کي ڪا چڱي خاصي رقم به ملندي هوندي، ٻارن جي ڪاروبارين وٽان، نه ته اهڙو رسڪي خطري وارو ڪم بنا سبب، بنا مطلب جي ڪير ڪندو؟ اِها دولت ئي آهي جا اسان کان انسانيت ڦري وڃي ٿي ۽ بي ضمير بنائي ڇڏي ٿي.
مٿين مقصدن کان علاوه ڪي ٻيا به ڀيانڪ سبب ٿي سگهن ٿا. هاڻي سوال اهو آهي ته ذميوار ڪير آهي؟ ان جي روڪٿام ڪير ڪري، ائين ٿي سگهي ٿو.
1. قانون سخت ۽ عبرتناڪ بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن کي جرئت نه ٿئي.
2. والدين کي گهرجي ته ٻارن کي سکيا ڏين ته اوپرن ڌارين جي چوڻ ۽ سڏڻ تي نه لڳن.
3. والدين کي گهرجي ته پنهنجي ٻچن جي پاڻ نگراني ۽ حفاظت ڪن.
4. ٻارن تي سختي نه هجي، جيئن هو پاڻ گهر کان راهِه فراريت اختيار نه ڪن.
5. اوپرن ۽ شڪي ماڻهن کي نظر ۾ رکن ۽ پوليس کي اطلاع ڏين.
6. اڪيلو ٻارن کي ٻاهر نه ڪڍن.
7. سُهڻي تعليم سان گڏ سُهڻي تربيت جو دَرسُ ڏين ته جيئن ڏوهارين جي چنبي کان بچي پون.
(State) حڪومت جي ذميواري آهي ته عوامي جان مال جي حفاظت ڪرڻ، پر آخر ڪيترن روڊن، رستن، چوواٽن ڳلين، محلن ۾ محافظ مقرر ڪري؟ ڪٿي ڪٿي؟ مان سمجهان ٿي ته اسان جي به ڊيوٽي آهي ۽ فرض به آهي ته ٻارن جي پرورش سان گڏ جان جي به حفاظت ڪيون، جيڪڏهن اسان ٻارن طرفان لاعلم، لاپرواهه ٿي وينداسين ته پوءِ اهو ئي چوڻو پوندو ته،
روح ٽياس ٽنگيل ڇو؟
جيجل جيءُ جهُريل ڇو؟
ويراڳي وجود بڻيل ڇو؟

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو