Wednesday, August 17, 2016

ڪومبنگ آپريشن


جڏهن مهانگائي عوام جي برداشت کان چڙهي وڃي، امان امان جي صورتحال بد کان بد تر ٿيندي نظر اچڻ لڳي، عورتن ۽ ٻارن جو گهمڻ ڦرڻ مشڪل ٿي وڃي. ٻار اغوا ٿيڻ لڳن. عورتن تي تشدد روز جو معمول بڻجي وڃي. حڪومتي عملداري ڍري نظر اچڻ لڳي ۽ اهڙين حالتن ۾ جڏهن ڪا احتجاجي تحريڪ شروع ٿئي ۽ حڪومت پنهنجي طاقت ۽ اثر رسوخ ذريعي ميڊيا ۾ عوامي احتجاج جون خبرون دٻائي، اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ته احتجاجي مظاهري ۾ ته ڪجهه به ڪونه هو، شرڪت ڪندڙن جو تعداد تمام گهٽ هو، ماڻهو بي دليا نعرا هڻي رهيا هئا، مظاهرين ۾ حڪومت جي حامين جو تعداد گهڻو هو ۽ وقت جي حاڪم جي حق ۾ نعرا هڻندڙ انتهائي پرجوش هئا ته هڪ ئي ڳالهه سامهون ايندي ته ڪانه ڪا گڙٻڙ ته ضرور آهي.
عوام حڪومت جي حق ۾ هجي ته اهو حمايت ۾ نعرا ناهي هڻندو، اهو مطمئن هوندو آهي، حڪومت مخالف جلسن ۾ شامل ٿيڻ جي ان کي ڪا ضرورت ناهي. ميڊيا زور شور سان حڪومت جي حمايت ڪري رهي هجي ۽ حڪومت مخالف جلسن جلوسن ۾ عوام جي شرڪت معمول کان وڌي وڃي ته واضح ٿي ويندو آهي ته حڪومت ڪيتري عوام دوست آهي ۽ عوام جي مسئلن کي ڪيترو سمجهي ٿي؟ حڪمرانن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڇو ڪونه ٿي اچي ته عوام جي سندن ڪارڪردگيءَ مان خوش آهي ته انهن کي حڪمرانن جي حق ۾ جلسا ڪرڻ ۽ نعرا لڳائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ انهن جو اطمينان ئي ان ڳالهه جو ثبوت هوندو آهي ته اهو حڪومت جي پاليسين مان خوش آهي، ان کي پنهنجي تڪليفن جي اظهار جي ضرورت ناهي پوندي.
اسلام آباد ۾ سارڪ جي هڪ اجلاس کي، اسان جي گهرو وزير چوڌري نثار جي تقرير تي شديد نفي جي عالم ۾ ڀارت جي گهرو وزير راج ناٿ کي واڪ آئوٽ ڪندو ڏسي مونکي لڳو ٿي ته موصوف ڪونه ڪو چڪر ضرور هلائيندو.. رات ئي اڃا مس گذري هئي ته ڪوئيٽا ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ايويئيشن جي صدر بلال انور ڪانسي گوليءَ جو نشانو بڻجي ويو، اهو ته اڃا هڪ اشارو هو، ڇو جو بلال ڪانسيءَ جو لاش اڃا ڪِرِيو ئي هو ته وڪيلن جا ڌڙا ڌڙ لاش ڪِرڻ لڳا. وڪيل بلال ڪانسيءَ جي حالت ڏسڻ لاءِ اسپتال ٻاهران گڏ ٿيل هئا ته اوچتو هڪ خوفناڪ ڌماڪو ٿيو ۽ هجوم جي صورت ۾ بيٺل وڪيلن کي بم مان نڪرندڙ اسٽيل بيئرنگن جيئرن انسانن کي ڌڙا ڌڙ لاشن ۾ تبديل ڪرڻ شروع ڪيو. هي سانحو ايڏو وڏو هو جو تحريڪ احتساب هر ڪنهن کان وسري وئي ۽ هر ڪو لاش ڳڻڻ شروع ٿي ويو. پهريون 20 لاشن جي خبر آئي، وري 25، پوءِ 53، 63 ۽ آخرڪار 93 لاشن جي خبر آئي. اهو آخري تعداد بلوچستان جي صحت واري وزير ٻڌايو پر آخر ۾ تصديق ٿي ته هن واقعي ۾ 80 ماڻهو اجل جو شڪار بڻيا.
اعليٰ عملدارن مان سڀ کان پهرين فوج جو سربراهه جنرل راحيل شريف ٻن پهرن جو ڪوئيٽا پهتو ۽ هڪ هڪ زخميءَ کان حال احوال وٺي کين حوصلو ڏيندو رهيو. لاتعداد زخمين کي هيليڪاپٽر ذريعي علاج لاءِ ڪوئيٽا موڪليو ويو، بعد ۾ خبر آئي ته وزيراعظم ميان نواز شريف به پنهنجون سڀ مصروفيتون رد ڪري ڇڏيون آهن ۽ هو به ڪوئيٽا پهچڻ وارو آهي. ٽي سال اڳ به 8 آگسٽ تي ڪوئيٽا ۾ هڪ پوليس آفيسر جي جنازي نماز پڙهندي پوليس جي اعليٰ آفيسرن تي حملو ٿيو هو، ۽ اهي وڏي تعداد ۾ شهيد ٿيا هئا. ڀارت جڏهن، پنهنجي ملڪ ۾ جهادي ڪارروايون ڪندڙن تي دهشت گرديءَ جو الزام هڻي ٿو ته اهو نه وسارڻ گهرجي ته اهو اسان جي ملڪ ۾ دهشت گردي ڪرڻ جو جواز ڳولي ٿو. پاڪستان ۾ جيڪا به دهشت گردي ٿئي ٿي، ان ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح ۽ ڪٿي نه ڪٿي ڀارت جو هٿ ضرور هوندو آهي. ڪل ڀوشن ڀارت جي ڳجهي اداري را ۾ اعليٰ آفيسر هو، جنهن کي پاڪستان جي ڳجهي اداري گرفتار ڪري تمام وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. جاچ دوران ان جي ڪارنامن جا تفصيل حاصل ڪيا ويا پر نامعلوم سببن جي ڪري انهن کي منظرعام تي نه آندو ويو. جڏهن ته پاڪستان سرڪار جي ذميواري هئي ته اها پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ ڀارتي مداخلت جا تفصيل منظر عام تي آڻي دنيا اڳيان حقيقت کي بي نقاب ڪري ها. ايئن ڇو نه ٿيو؟ اسان جهڙا عام شهري اهو راز سمجهڻ کان قاصر آهن؟
ڪوئيٽا ۾ دل ڌاريندڙ واقعي کانپوءِ فوجي سربراهه ۽ وزيراعظم گڏ ٿيا آهن. بي گناهه وڪيلن جو وهيل رت اڃا خشڪ ناهي ٿيو. بلوچستان ۾ ايجنسين جي ڏنل ڳجهين خبرن جي روشنائي اڃا تازي آهي. اهڙي صورتحال ۾ اميد ڪجي ٿي ته اسان جو وزيراعظم ۽ فوجي سربراهه، جيڪي هر سانحي تي فوري پهچي وڃن ٿا، سي ڪوئيٽا جي سوڳوار ماحول ۾ يقيني طور ڀارتي دهشت گرديءَ جي ازالي لاءِ غور ويچار ڪندا.
اسان کي ننڍي کنڊ ۾ رهندي سوين سال ٿيا آهن. تعداد ۾ هندو هميشه وڏي گهڻائيءَ ۾ رهيا آهن ۽ مسلمان گهٽ، پر ڌڪ تي ڌڪُ برابريءَ جو ئي لڳندو آهي. نه اهي اسان کي ڊاهي مٽائڻ جي حيثيت رکن ٿا نه ئي اسان، هڪ ٻئي کي ختم ڪرڻ جو دور ويو. ٻنهي ملڪن کي هڪ ئي وقت دانشمند قيادت جي گهرج آهي. جيستائين دانشمنديءَ ۾ توازن پيدا نه ٿيندو هي ٻئي ملڪ امن ۽ برابريءَ جي ماحول ۾ هڪ ٻئي سان گڏ نه ٿا رهي سگهن. جڏهن هڪ طرف راج ناٿ پيدا ٿيندو ته ٻئي طرف کان ان جو جواب ضرور ايندو.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو