Sunday, August 21, 2016

وال پــــيــــپـــــــر ؛ شام جي ڀيانڪ صورتحال ۽ موت جي مُنهن مان نڪتل معصوم عمران


وچ اوڀر ۾ بي چيني ۽ تشدد جو شڪار ماڻهن جو تعداد ڪروڙن ۾ ٿي چڪو آهي، جن ۾ لکين پناهگيرن پنهنجون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون آهن، اهي زنده ته آهن پر هُو اها ڳالهه سوچڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ته آخر سندن زندگي ڪهڙي رُخ طرف وڃي رهي آهي، سندس منزل سامونڊي لهرون آهن يا پوءِ اڳتي مشڪلاتن جو شڪار، ڪڏهن وري ترڪي جي سامونڊي ڪنارن تي منهن ڀر ليٽيل معصوم ٻار، جڏهن هن جو روح به دنيا مان پرواز ٿي ويو هجي ته ڪڏهن ڪوههِ سنجر تي معذوري جي حالت ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان پيل عزيز نالي معصوم ٻار جون اکيون سج کي تڪيندي سڙي ويون هجن، ڇوته وزني هجڻ ڪري سندس ماءُ پنهنجي ٻار کي کڻي ڀڄي نه پئي سگهي ۽ اهو ٻار معذوري سبب پاسو به تبديل نه پيو ڪري سگهي ۽ نيٺ اسپتال ۾ هن تڙپي تڙپي دم ڏنو. ڪالهه سڄي دنيا جي اخبارن جي پهرين صفحن تي عمران جون تصويرون بلڪل اهڙي طرح ڇپيل هيون، جيئن ايلان ڪُردي جون تصويرون ڪجهه مهينا اڳ سڄي دنيا جو ضمير جاڳائڻ جون ڪوششون ڪري رهيون هيون، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ماڻهن ايمبولينس جي ڪرسي تي ويٺل عمران جون تصويرون عالمي اڳواڻن جي ڳالهين جي وچ ۾ لڳائي ڇڏيون، ڇوته اها حقيقت آهي ته انهن سڀني ڳالهين ۽ سڀني پليٽ فارمز تي عمران موجود آهي، پر کيس ڏسڻ جي سگهه شايد ڪنهن وٽ به ناهي.
ٽن سالن جي ايلان ڪردي ۽ چئن سالن جي عمران جي تصويرن شام جي ڀيانڪ گهرو ويڙهه کي عالمي منظرنامي تي اجاگر ڪري ڇڏيو آهي، پر اهڙا ڪيترائي ٻار آهن، جيڪي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز نه بڻجي سگهيا، پر هو زندگي جا خواب کڻي ڦٽڻ کان اڳ ئي مرجهائجي ويا. ڪالهه به هڪ 8 مهينن جي ٻارڙي جي فوت ٿين جي خبر وڏين سرخين ۾ هلي، ان جي باوجود جو پناهگيرن جي معاملي کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ عالمي برادري پنهنجا محدود وسيلا استعمال ڪري رهي آهي. يورپي ملڪ انتظامي مسئلن ۽ اختلافي معاملن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ۾ آهن، پر ٻئي طرف گهرو ويڙهه، ڇڪتاڻ ۽ تڪرارن جو شڪار ملڪن ۽ خطن سان تعلق رکندڙ ماڻهو پنهنجي زندگين کي خطرن ۾ وجهندي امن ڳولڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. امن ۽ سڪون ڳولڻ جي تلاش ۾ هڪ ٻي شامي ٻارڙي ليبيا جي سامونڊي حدن ۾ ان وقت ٻڏي فوت ٿي وئي، جڏهن سندس گهر وارا ان ٻارڙي سان گڏ هڪ روشن مستقبل لاءِ هڪ ٽٽل ڦٽل ٻيڙي جو سهارو وٺڻ تي مجبور ٿي ويا، پر اها ٻيڙي کين يورپ پهچائڻ کان اڳ ئي سمنڊ جي لهرن سان جنگ وڙهندي ٻڏي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ مجموعي طور تي 6 پناهگير ٻڏي فوت ٿي ويا، ان حادثي ۾ پنجن سالن جي هڪ ٻارڙي به پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺي، رڳو هڪ نينگر کي بچايو ويو.
ريڊ ڪراس ۽ مائيگرنٽ آف شور ايڊ اسٽيشن MOAS جي سامونڊي ريسڪيو مشن ”فونيڪس“ ٻڌايو ته ان حادثي ۾ فوت ٿيل پنجن ماڻهن جي لاشن کي ڳوليو ويو آهي، پر آخري اطلاعن تائين هڪ معصوم ٻار لاپتا ڄاڻايو ويو هو، جنهن بابت خدشو ظاهر ڪيو ويو ته هن کي سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي، هڪ ٻئي حادثي ۾ 21 پناهگيرن کي بچايو ويو، جڏهن ته 27 شامي پناهگير ان ٻيڙي ۾ سوار هئا. مالٽا ۾ قائم ٿيل امدادي اداري MOASجي شريڪ باني ريگينا ڪاٽر ابورن شامي پناهگيرن جون جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته لڏپلاڻ واري بحران جي نتيجي ۾ هزارين ٻار مري رهيا آهن، جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته ساڳئي وقت ماڻهو سمنڊ ۾ ٻڏي فوت ٿي رهيا آهن، خاص ڪري معصوم ٻارڙي جو ائين ٻڏي فوت ٿيڻ انتهائي صدمي جو ڪارڻ آهي. ريگينا ڪاٽر ابورن جو چوڻ هو ته عالمي برادري کي گڏجي ان بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻا پوندا، اتر آفريقا ۽ ترڪي مان يورپ پهچڻ جي ڪوشش ڪندڙ پناهگيرن ۾ ٻارن جو هڪ وڏو تعداد شامل آهي. گڏيل قومن جي انگن اکرن موجب هلندڙ سال سامونڊي رستن ذريعي يورپ پهچندڙ پناهگيرن ۾ 27 سيڪڙو ٻار ئي هئا.
ٽن سالن جي شامي ايلان ڪردي جي لاش جي تصوير عالمي برادري ۾ هڪ ڀونچال پيدا ڪري ڇڏيو هو، پر هاڻي چئن سالن جي شامي ٻار عمران جي تصوير به پناهگيرن جي بحران جي نئين علامت بڻجي چڪي آهي، سندس جاري ڪيل تصويرن ۽ فوٽيج ۾ حلب جو رهائشي اهو ٻار زخمي حالت ۾ جيتوڻيڪ پنهنجي خيالن ۾ گُم ۽ خاموش آهي، پر سندس تاثرن ڪجهه چوڻ کانسواءِ ئي جنگ جي بي رحم ڪارروائين ۽ تشدد جي رازن کي دنيا جي آڏو کولي رکيو آهي.
ٻئي پاسي رومانيه به شام سان لاڳاپيل پنهنجي سرحدي علائقن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن غيرقانوني طور ايندڙ پناهگيرن جي سلسلي کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگهي، ان کان اڳ هنگري سميت ٻيا ڪيترائي ملڪ اهڙا ئي قدم کڻي چڪا آهن. رومانيه جيتوڻيڪ پناهگيرن جي معاملي تي پنهنجي ٺوس منصوبابندي بيان ناهي ڪئي، تنهن هوندي به سرحد تي ڪتن جو تعداد وڌايو ويو آهي، جڏهن ته نگراني لاءِ خصوصي هيليڪاپٽرن ذريعي به مدد حاصل ڪئي پئي وڃي. يارنهن مهينا اڳ رومانيه جي پاڙيسري ملڪ هنگري شام ۽ ڪروشيا سان لاڳاپيل پنهنجي سرحدي گذرگاهن کي بند ڪري ڇڏيو هو. هاڻي امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته شام کان رومانيه داخل ٿيندڙ پناهگير يوڪرائن رستي سلوواڪيه يا پولينڊ وڃڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا. واضح رهي ته گذريل سال گهٽ ۾ گھٽ 10 لک پناهگير بلقان رستي يورپي ملڪن ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا، پر بلقان جي رستن کي هلندڙ سال مارچ ۾ ان وقت باقاعده طور بند ڪيو ويو هو، جڏهن ترڪي ۽ يورپي يونين جي ڊيل طئي ٿي هئي، جنهن تحت انقره حڪومت کي پابند ڪيو ويو هو ته هو غيرقانوني طور تي ايجيئن سمنڊ رستي يورپي يونين ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ پناهگيرن کي روڪيندو ۽ يونان پهچندڙ پناهگيرن کي قبول ڪندو. هوڏانهن اتر فرانس ۾ واقع ڪيلي جي پناهگيرن جي ڪئمپ ۾ ملڪ ڇڏيندڙن جو تعداد 70 هزار تائين پهچي ويو آهي، جتي هو انتهائي بدترين زندگي گذاري رهيا آهن، ان جي ڪري انهيءَ ڪئمپ تي جهنگ جو نالو پئجي ويو آهي.جڏهن ته هلندڙ سال دوران يونان يا اٽلي پهچڻ جي ڪوشش ۾ ٽي هزار کان وڌيڪ پناهگير ۽ ملڪ ڇڏيندڙ سمنڊ ۾ ٻڏي فوت ٿي چڪا آهن، گذريل سال جي مقابلي ۾ اهو تعداد 50 سيڪڙو وڌيڪ ٿئي ٿو.

(روزاني عبرت)  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو