Friday, August 19, 2016

وال پــــيــــپـــــــر ؛ 7 ڪروڙ ماڻهن جي ڊيٽا نه هُجڻ وارو الميو!


شماريات کاتي جي چيف آصف باجوا سينيٽ جي قائمه ڪميٽيءَ آڏو اِهو انڪشاف ڪيو آهي ته مُلڪ جي 19 ڪروڙ 60 لک آباديءَ مان 7 ڪروڙ ماڻهن جو پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس ۽ نادرا وٽ ڪو به رڪارڊ ناهي. سندس چوڻ آهي ته اُهي 7 ڪروڙ ماڻهو ڇا ٿا ڪن، ڪٿي رهندا آهن ۽ اُنهن جي گذران جو ذريعو ڇا آهي؟ اِن حوالي سان اسان کي ڪا خبر ناهي. باجوا جو چوڻ هو ته مُلڪ ۾ آباديءَ جي تعين لاءِ آدمشماري ضروري آهي ۽ ماڻهن متعلق معلومات آدمشماري ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي. جڏهن ته مُلڪ ۾ ڌاري آباديءَ جي تعداد جي تعين لاءِ به اِهو عمل لازمي آهي. آصف باجوا جو چوڻ هو ته آدمشماري لاءِ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي تياري مڪمل آهي، پر دهشتگردي خلاف جاري جنگ سبب فوج جي عدم دستيابيءَ ڪري هيستائين آدمشماري ڪرائڻ ممڪن نه ٿي سگهيو آهي. هُن جو چوڻ هو ته آدمشماري ڪرائڻ جي لاءِ هڪ لک 66 هزار عملي جي ضرورت آهي، جڏهن ته اِهو ڪم فوج کان سواءِ ممڪن ناهي، نه ئي فوج کان سواءِ آدمشماري ڪرائڻ جو ڪو متبادل پلان موجود آهي.
ٻُڌايو پيو وڃي ته سينيٽ جي قائمه ڪميٽيءَ جي ميمبرن اهڙي صورتحال تي تشويش جو اظهار ڪندي حڪومت کي تجويز ڏني آهي ته اُها آدمشماريءَ لاءِ ڪو متبادل پلان تيار ڪري. موجوده حڪومت جيتوڻيڪ هلندڙ سال جي مارچ ۾ مُلڪ اندر آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو، پر سيڪيورٽي خدشن ۽ فوجي اهلڪارن جي دستياب نه هجڻ سبب گڏيل صلاح سان آدمشماريءَ جي مرحلي کي پوئتي ڪيو ويو ۽ هاڻ اِها اُميد ڏيکاري پئي وڃي ته هن سال جي نومبر يا ايندڙ سال مارچ ۾ آدمشماري ڪرائي ويندي. مخالف ڌر جون پارٽيون، حڪومت جي اِن موقف کي رد ڪندي اِهو الزام هڻي رهيون آهن ته حڪومت ڄاڻي ٻُجهي انهيءَ معاملي کي اينگهائي رهي آهي.
ڪنهن به مُلڪ جي ڀلائي بهتري، امن ۽ اتحاد لاءِ جيڪي عمل تسلسل سان ٿيڻ گهرجن، اُنهن ۾ آدمشماري مُهڙين فهرست ۾ اچي ٿي، جو اُن سان مُلڪ ۾رهندڙن جو تعداد، صوبن ۾ آباديءَ جو رجحان، ملڪ جي اندرين علائقن توڙي مُلڪ کان ٻاهر ٿيندڙ لڏپلاڻ جو پتو پوي ٿو. آدمشماري ان لاءِ به لازمي هوندي آهي جو انهيءَ ذريعي قومي مالياتي ايوارڊ جي ورهاست، حلقن جون تڪبنديون، صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ جي سيٽن ۾ آباديءَ جي حساب سان واڌارو ڪرڻ، صوبن جي نوڪرين توڙي ٻين اهم اسمن جو تعين پڻ آدمشماري جي انگن اکرن اچڻ کان پوءِ ڪيو ويندو آهي، پر بدقسمتيءَ سان گذريل ارڙهن سالن کان حڪمرانن اِهو انتهائي اهم فرض پورو ناهي ڪيو. هونئن ته ارڙهن سالن کان ٽياس تي ٽنگيل آدمشماريءَ واري مامري کان هر دؤر جي حڪومت ڪترائيندي رهي، پر موجوده حڪومت پڻ ساڳي روش اختيار ڪئي آهي ۽ اُها ايندڙ وقت ۾ انهيءَ مرحلي کي ممڪن بڻائيندي يا نه، تنهن بابت ته ڪجهه نٿو چئي سگهجي، پر جيڪو انڪشاف شماريات کاتي جي چيف ڪيو آهي سو انتهائي ڇرڪائيندڙ آهي. هڪ اهڙو مُلڪ، جيڪو جنگي حالتن مان گذري رهيو هجي، جنهن کي اندران توڻي ٻاهران ڪيترائي خطرا هُجن، اُن مُلڪ جي ادارن وٽ 7 ڪروڙ ماڻهن جو ڪو به رڪارڊ موجود نه هُجي ته ان کي تاريخي الميو ئي ڪوٺي سگهجي ٿو. ڳڻپ کاتي جي چيف مطابق اُنهن ماڻهن جي ڪا خبر ناهي ته اُهي ڪٿي ۽ ڪيئن ٿا رهن، اُنهن جي ڪرت يا ڪمائي جو ذريعو ڪهڙو آهي؟ اُهي صاف سُٿري ذهنيت جا مالڪ آهن يا اُنهن جي مَن ۾ ڪا مانڌاڻ متل آهي؟ اُهي آهن به يا اُنهن جو ڪو وجود ئي ناهي؟ اِهي سڀ اهڙا سوال آهن، جن بابت جڏهن سوچجي ٿو ته ڪيترائي خوف خطرا سوچ تي حاوي ٿي وڃن ٿا، پر سرڪار کي مٿي ۾ نه جونءَ نه لِيک! اُن کي بس بهانا گهرجن ٿا. هونئن به سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”نه“ کي نوَ ڪوٽ هوندا آهن. سو موجوده حڪومت به انهيءَ اهم معاملي اڳيان نوَ ڪوٽ اڏي ڇڏيا آهن. اِئين ڇو آهي، اُن جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، سڀ کان اهم ڪارڻ پنجاب جو رضامند نه هجڻ آهي، جو گذريل ڪيتري ئي وقت کان پنجاب جي ڀيٽ ۾ ٻين صوبن اندر تيزيءَ سان آبادي وڌي آهي.2011ع ۾ پڻ ڇهين آدمشماريءَ جو پهريون مرحلو، گھر شماري کي مڪمل ڪيو ويو هو، جنهن تي 3 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا هئا، پر ان جا انگ اکر ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ٻئي مرحلي، آدمشماري کي ملتوي ڪري، گھر شماري جي ظاهر ٿيل انگن اکرن کي رد ڪيو ويو ھو، ڇاڪاڻ ته ان گھر شماري جي ظاھر ٿيل انگن اکرن ۾ پنجاب صوبي جو حصو 5 کان 6 سيڪڙو گھٽجي ويو ھو. ان 2011ع جي گھر شماريءَ وارن انگن اکرن مطابق سڀ کان وڌيڪ ماڻهن جو انگ بلوچستان ۾ وڌيو هو، ٻئي نمبر تي سنڌ، ٽئين نمبر تي خيبرپختونخوا ۽ چوٿين نمبر تي پنجاب جي آدمشماري ۾ اضافو ٿيو هو. اهو ئي سبب هو جو وڌيڪ وسيلن جو خرچ ڪندڙ ۽ وفاق کان گھڻي ۾ گھڻو فائدو حاصل ڪندڙ پنجاب، 5 سال اڳ آدمشماريءَ جي پهرين مرحلي کي نه مڃيو ۽ ماڻهن جي ڳڻپ واري مرحلي کي شروع ڪرڻ نه ڏنو، پر هاڻ جڏهن 7 ڪروڙ ماڻهن جي ڊيٽا نه هُجڻ وارو انڪشاف ٿيو آهي ۽ سينيٽ جي قائمه ڪميٽيءَ پڻ حڪومت کي متبادل جي تجويز ڏني آهي، تڏهن ڏسڻو اِهو آهي ته حڪومت اُن تي عمل ڪري ٿي يا روايتي ڪاهليءَ کان ڪم وٺي ٿي. جيڪڏهن هن ڀيري به ڪاهليءَ کان ڪم ورتو ويو ته پوءِ ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين اِهو مرحلو پوئتي ٿي ويندو. تنهن ڪري سرڪار کي سينيٽ ڪميٽيءَ جي تجويزن تي ضرور غور ڪرڻ گهرجي.
 (روزاني عبرت) 
 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو