Saturday, August 20, 2016

وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار جو هڪ بهترين ڊرامو


ڪجهه سالن کان وٺي سنڌ ۾ خاص طور ۽ سموري ملڪ ۾ عام طور هڪ ڊرامو هلندڙ آهي. هونئن ته هي ملڪ پنهنجي ٺهڻ واري ڏينهن کان ئي هڪ ”هارر مووي“ وانگر رهيو آهي ۽ شايد واحد ”هارر مووي“ آهي جنهن ۾ مووي ڏسڻ واري جي نفسيات کي به نظر ۾ ڪونه رکيو ويندو آهي. هارر مووي ۾ به ڪٿي ڪٿي ڪي نه ڪي سين اهڙا ڏنا ويندا آهن جن ۾ ڪا مسخري، ڪو نغمو/ گيت ڏيکاريو ويندو آهي ته جيئن ڏسندڙن جي ذهن کي ڪو رليف ملي پر هتي سموري ملڪ جو ڪارونهوار فيس بوڪ تي رکيل هڪ ڪلپ وارو ئي رهيو آهي. ڪلپ ۾ ڏيکاريل آهي ته هڪ ڦورو ويران روڊ تي وڏي چادر ويڙهي فقيراڻو ويس ڪري ويٺو آهي. هڪ همراهه فقير تي ڪهل ڪري موٽرسائيڪل تان لهي پنهنجو پرس ڪڍي ٿو، جيئن ئي هو پرس کولڻ جي ڪري ٿو ته ٻي موٽرسائيڪل تي سوار ٻه ڦورو جهڙپ ڏيئي سندس پرس ڦري هليا وڃن ٿا. هي ان پرس کي واپس وٺڻ لاءِ انهن جي ڪڍ لڳي ٿو ته چادر ويڙهي، فقيراڻو ويس ڪري ويٺل همراه يڪدم چادر پري ڦٽي ڪندي ڀڄي اچي سندس موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿي وڃي ٿو. موٽرسائيڪل کي ڦرجندو ڏسي اهو همراهه پرس جو خيال لاهي موٽرسائيڪل ڏانهن پنهنجو سمورو توجهه ڏئي ٿو. هو موٽرسائيڪل واري جي ڪڍ لڳي ٿو پر ٿوري ئي دير ۾ بيهي پنهنجي کيسي مان موبائيل ڪڍي ڪنهن ڏانهن مدد لاءِ فون ملائڻ جي ڪري ٿو ته ٻي موٽرسائيڪل تي سوار ٻه همراهه جهڙپ ڏيئي سندس هٿ مان موبائيل کسي وڃن ٿا.
ڦورو طبقي (پير، مير، وڏيرا وغيره) (جيڪي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ عوام مٿان بنا وقفي حڪومت ڪندا رهندا اچن) کي نفسيات جي ڄاڻ آهي هو اهو سڀ ڪجهه ڪن ٿا جنهن سان ڦرجندڙ ڪڏهن پنهنجو ذهن سوچ ويچار لاءِ ڪم ئي نه آڻي. انساني دماغ کي استعمال کان روڪڻ لاءِ لازمي آهي ته ان کي تمام گهڻين سوچن ۾ سدا لاءِ ئي رڌل رکجي. عام مسئلن جهڙوڪ روزگار، بجلي، امن امان جا مسئلا ايترا هجن جو هو واندو ئي نه ٿئي ته انهن جي حل لاءِ ڪجهه سوچي. پيء/ماء ٻار کي اسڪول ڇڏي اچڻ کان گهر واپس موٽڻ تائين پريشان رهن ته ٻار صحيح سلامت گهر موٽندو يا ڪونه؟ ڦرجندڙ انهن سوچن مان واندو ٿيندو ته ٻيو ڪجهه سوچيندو. ڇو ته مونجهارا سوچ کي جنمين ٿا ۽ سوچون وري سبب ۽ حل ڳولي وٺنديون آهن جن جا پيرا گهڻو ڪري نام نهاد وڏن ماڻهن (ڦورو ڪلاس) ڏانهن ويندا ڏٺا ويا آهن پر مونجهارا گهڻا هجڻ دماغن کي مفلوج ڪن ٿا.
ڪجهه سالن کان وٺي وري هتي هڪ ڊرامو هلندڙ آهي. اها هڪ نئين ايجاد آهي، ڊرامو ايترو ته سنسني خيز آهي، مار ڌاڙ سان ڀرپور آهي، جو ڏسندڙ باقائدي سينيما ۾ موجود هجڻ، فلم جي دکدائڪ سين تي ڳوڙها ڳاڙڻ، هيري جو هيروئين کي گهوڙي تي چڙهي ڇڏائڻ لاءِ اچڻ تي تاڙيون وڄائڻ جهڙا عمل ڪري ٿو.
ڊرامو هي آهي ته هي جيڪو ڪجهه سنڌ ۾ ٿئي پيو اهو وفاق ٿو ڪري، وفاق وري سموري ڪم جو ذميوار صوبي کي قرار ڏئي ٿو. مسئلن جي فوٽ بال کي هر لڳندڙ ڪڪ سان عام ماڻهو جي اک ان بال جو پيڇو ڪري ٿي، ائين عام ماڻهو حقيقتن الجهي وڃي ٿو ته ڏوهي ڪير آهي، اسان سان هي ويڌنون ڪير پيو ڪري؟ روزانو ڪنهن نه ڪنهن ٽي وي چينل تي اهو مناظرو اوهان ڏسي سگهو ٿا جيڪي تمام وڏي ڪاريگريء سان سڀني مسئلن کي صوبن ۽ وفاق سان اهڙي نموني ڳنڍين ٿا جو ڪٿي جوڙ (جوڙ وارو هنڌ) جو نشان به نظر نه اچي. مثال امن رينجرس ڪرائيندي، ڪپتان وري سنڌ جو وڏو وزير آهي. وڏو وزير چئي امن امان رينجرس جو ڪم آهي، گهربل اختيار ڪونه آهن رينجرس چوي.
سنڌ پوليس محنت ڪري، چور پڪڙي ڪورٽن ۾ پيش ڪري ٿي، ڪورٽ انهن کي ڇڏي ٿي ڏئي. ڪورٽ چوي چالان ۾ جان ڪونهي، ڄاڻي واڻي چالان مضبوط نه ٿو ٺاهيو وڃي. چالان ٺاهڻ پوليس جو ڪم آهي، پوليس ٻڌي ٻانهي آهي، هڪ فون هن جي نوڪريء جو (ڪيريئر جو) فيصلو ڪري سگهي ٿي. حد ته اها جو ٿر ۾ ٻارن جي مرڻ کي به اهو چئي وفاق سان ڳنڍيو ويو ته وفاق کان امداد جو ٽڪو به نه مليو آهي. ساڳيو مثال ڪنهن طور تي بجليءَ لاءِ به ڏيئي سگهجي ٿو. بجلي وفاق جي، ورهاست سنڌ جي واپڊا ادارن جي. وفاق چوي بجلي چوري ٿي ٿئي، سنڌ چوي وفاق ٻه اکيائي ڪري بجلي ڏئي ئي ڪونه ٿو. قهر ڏسو جو ٻن ڏينهن جي برسات جو پاڻي جيڪو گهٽين ۽ گهرن ۾ بيٺو آهي ۽ ڪنهن مها ٻوڏ جو ڏيک ڏيئي رهي آهي تنهن جي نيڪال جو ذميوار به وفاق کي سڏيو وڃي ٿو.
ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ صوبائي صلاحڪار حيدرآباد ۾ ماڻهن جي ميڙ ۾ فرمايو ته واپڊا ۽ حيسڪو عوام دشمن ادارا آهن. سڄي ڳالهه جو مطلب ته برساتي پاڻي به وفاق کي ڪڍڻ گهرجي. کل جوڳي ڳالهه آهي ته هن وڌيڪ چيو ته موسميات جي اڳڪٿي ڪڏهن پوري نه ٿي ٿئي يعني برسات جي اڳڪٿي ڪري اسان کي آگاهه ڪيو وڃي ها ته…….اها هڪ گرامر جي گردان آهي جيڪا اسان کي ايتري ٻڌائي وڃي ٿي ڄڻ ڪي اسان کي ياد ڪري امتحان ڏيڻو آهي.
انهن کي اسان جي جهالت ۽ مسئلن کان لاتعلقي تي ايترو ڀروسو آهي ۽ هو سمجهن ٿا ته اهو سوال ڪنهن جي به ذهن ۾ ڪونه ايندو ۽ ائين تجربيڪار چور وانگر هو گوهيون ڏيئي پيرا وڃائي ڇڏيندا. ڏٺو وڃي ته اسان آهيون به اهڙا. ڀلا ٻڌايو ته اڄ تائين ڪنهن هنن کان سوال ڪيو آهي  ته ڪجهه سال اڳ جڏهن وفاق ۽ صوبي ۾ ساڳي پارٽيءَ جي حڪومت هئي تڏهن سنڌ ۾ ڪهڙيون کير جون نديون وهنديون هيون؟
پوئين حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي گڏ هيون. سڀ ڪجهه گڏ هڪ پليٽ ۾…. آخر ۾ ڊرامو ڪري ٻه چار بيان ڏيئي ايم ڪيو ايم کي مخالف ڌر جي سيٽ ڏني ويئي. ڪجهه فيصلا حڪومت ۽ حزب مخالف کي صلاح مصلحت سان ڪرڻا هئا…… پوءِ اهي ڪيا ويا….صلاح مصلحت سان.
سڄي ڳالهه جو مطلب آهي ته ذميواري ٻئي تي اڇليو ۽ پاڻ کي مظلوم بڻائي پيش ڪريو ڇو ته اڄ تائين جون ٿيندڙ سڀ چونڊون مظلوميت جي بنياد تي ئي کٽيون ويون آهن پوءِ ان آسان ۽ مددگار طريقي مان هٿ ڇو ڪڍن ڀلا….(پراڻي زماني جو هڪ لطيفو مشهور آهي ته هڪ گهٽ پڙهيل ماڻهو نماز پڙهائي رهيو هو، ٻاهران آيل ڪو مهمان به ٻين سميت ان پويان پڙهي رهيو هو. نماز دوران پيش امام ڪجهه غلط پڙهيو تنهن مهمان همراه درستگي خاطر ان کي صحيح آيت ٻڌائي جنهن تي امام هي پڙهي ان کي خاموش ڪرايو ”نصف لي و نصف ڪم، هاذا قومن جاهلن“ مطلب اڌ تنهنجو اڌ منهنجو هي قوم جاهل آهي)……
هي ڊرامو جنهن به لکيو آهي ڪمال جو لکيو آهي، انهن جي انساني نفسيات جي ڄاڻ ۽ انسان دشمني کي سلام ته آهي ئي گڏوگڏ دليپ ڪمار کي اداڪاريءَ ۾ مات ڏيندڙن کي به سلام آهي. پر سڀني کان وڏو سلام انهن کي آهي جيڪي سندن هر عمل تي ”مان قربان“ آهن.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو