Monday, August 22, 2016

ڪشمير، رت ۽ زهر


هندستان جي نام نهاد آزاديءَ جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي دهليءَ جي لال قلعي ۾ نريندر موديءَ جي تقرير ڪشميري عوام جي ڦٽڻ تي وڌيڪ لوڻ ٻرڪيو آهي، جيڪو گذريل ستر سالن کان ڀارتي رياست جي جبر ۽ تسلط کي ڀوڳي رهيو آهي پنهنجي 90 منٽن جي اڄ تائين جي سڀ کان ڊگهي تقرير ۾ مودي حوالن ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي اڳتي نڪري ويو. پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ”بلوچستان، گلگت ۽ پاڪستاني والاريل ڪشمير جي ماڻهن گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ منهنجو ٿورو مڃيو آهي ۽ مان انهن جو ٿورائتو آهيان!؟ ڪنهن به عقل واري ماڻهوءَ لاءِ ان ڳالهه تي يقين ڪرڻ مشڪل هوندو ته بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت جا ماڻهو پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ موديءَ جهڙي شخص جو ٿورو مڃين.
بلوچستان، گلگت، ڪشمير ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ ماڻهو اُن نظام جي معاملي، سياسي ۽ رياستي جبر ۽ استحصال کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن جو جارحاڻو ۽ جابر نمائندو هندستان ۾ مودي آهي ۽ جيڪو پاڻ اتان جي غريب عوام جون زندگيون زهر بڻائي رهيو آهي. جتي به سرمائيداري موجود آهي اتي غربت، جبر ۽ انساني حقن جو استحصال گهٽ وڌائيءَ سان هڪ جهڙو ئي آهي. موديءَ جو اهو بيان نه رڳو ڪشمير پر انهن ٻين محڪوم قوميتن جي جدوجهد لاءِ به هڪ زهريلو وارُ آهي، جنهن سان ريڊ ڪلف لائين جي ٻنهي پاسي انهن تي غداري ۽ ايجنٽ هئڻ جا الزام لڳندا.
والاريل ڪشمير ۾ مودي حڪومت ۽ ڀارتي رياست جي سامراجي تسلط خلاف هڪ بغاوت جاري آهي، جنهن وقت مودي تقرير ڪري رهيو هو ته ان وقت ڪشمير ۾ نوجوانن تي گولين جي بوڇاڙ جاري هئي، جيڪي پيڙهين کان وٺي ان قبضي خلاف هر هر بغاوت ڪري چڪا آهن. نام نهاد آزاديءَ جي ڏينهن رياستي جبر دوران ڪشمير ۾ وڌيڪ چئن نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو. اڱاري ڏينهن مرڪزي ڪشمير جي ضلعي بدگام جي علائقي نگام ۾ وڌيڪ ٽن ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو، تازن مظاهرن دوران قتل ٿيلن جو تعداد 70 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته درزنين شديد زخمي يا وري پيلٽ گن جي استعمال سبب نور کان محروم ٿي چڪا آهن. ڄمون ۽ ڪشمير جي وزير اعليٰ محبوبا مفتيءَ آزاديءَ واري ڏينهن جڏهن هندستان جو جهنڊو کولي جهولائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جهنڊو زمين تي ڪري پيو، سندس تقرير دوران ٻن سپاهين کي هندستاني جهنڊو هٿ ۾ کڻي بيهڻو پيو.
نام نهاد سيڪيولر هندستان ۾ اقتدار ۾ ويٺل هندو بنياد پرست، محڪوم ڪشميري ماڻهن جي تحريڪ جي ٻيهر اڀار ۽ مسلسل سبب گهڻو تپي باهه ٿيل ۽ پريشان آهن. بي جي پي جي حمايتي راجياسڀا جي هڪ ميمبر تي ايتري تائين چئي ڇڏيو ته سيڪيورٽي فورسز کي وڌيڪ جبر ڪرڻ گهرجي، ڇو جو اهو ڪشميري عوام جي پنهنجي فائدي ۾ آهي. رياستي جبر جيترو وڌندو آهي، ان سان رياستي ادارا ويتر ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندا آهن، کوڙ علائقن ۾ انتظامي معاملا وکري چڪا آهن ۽ قابض فوج جا حوصلا خطا ٿي چڪا آهن. ڏاکڻن علائقن ۾ حالتون وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳيون آهن. پوليس ٿاڻن مان ڀڄي رهي آهي ۽ ڪيئي اهلڪار پنهنجون ورديون ڦِٽي ڪري گهر ويهي رهيا آهن، انهن مان ڪجهه پوليس اهلڪار ته هندستان مخالف مظاهرن ۾ به ڏٺا ويا آهن.
اجوئي گوش ان حوالي سان لکيو آهي ته ”ڏکڻ جي ڪيئي علائقن مان انتظاميا غائب ٿي چڪي آهي، محبوبا مفتيءَ جي حڪومت عملي طور پنهنجي ذميوارين کان آجي ٿي چڪي آهي ۽ مرڪزي فورسز ڪٿي به نظر نه ٿا اچن، ايئن ٿو لڳي ته رياست ڏکڻ ڪشمير جي وڏي حصي کي آزادي ڏئي ڇڏي آهي، اندر وارن علائقن ۾ جتي فوجي ۽ نيم فوجي جٿن جي مقرري وڌيڪ آهي، اتي ڪنهن حد تائين مرڪزي عملداري نظر اچي پئي، پر هتي به مقامي پوليس ۽ سول انتطاميا جي غير موجودگي واضح نظر اچي پئي. ڄمون ۽ ڪشمير پوليس عملي طور ماٿريءَ مان غائب ٿي چُڪي آهي، وزير، پي ڊي پي ۽ بي جي پي سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبر ماٿريءَ ۾ آزاديءَ سان چُرپر ڪري نه ٿا سگهن. بي جي پي جا گهڻا ميمبر هن ماٿريءَ ۾ پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. جڏهن ته پي ڊي پي جا اسيمبلي ميمبر سرينگر ۾ پنهنجي سرڪاري گهرن ۾ سخت پهرن ۾ رهي رهيا آهن. وزيراعليٰ سميت پي ڊي پي جا اڪثر اسيمبلي ميمبر پنهنجي تڪن ۾ وڃڻ کان ڊنل آهن.
ڪجهه اطلاعن موجب محبوبا مفتيءَ سرينگر تائين عوامي سطح تي پنهنجي چرپر کي محدود ڪري ڇڏيو آهي. 2016ع واري سرڪشي ڪيئي حوالن سان 1990ع واري بعاوت کان مختلف آهي. پهرين صفن تي موجود ڪشميرين جو نئون نسل وڌيڪ جرئت مند ۽ باغي آهي. انهن اندر هڪ نئين جرئت، اُڻ تڻ ۽ اتحاد ڪشمير ۾ نوجوانن جو نئون نسل قومي آزاديءَ کي سماجي ۽ معاشي آزاديءَ سان ڳنڍي ٿو. انهن نوجوانن جون اهي خواهشون ننڍي کنڊ جي پاروٿين سرمائيداري رياستن ۾ ڪٿي به پوريون ٿي نه ٿيون سگهن. تنهن ڪري ڪشميري عوام جي هيءَ شاندار جدوجهد ۽ قربانيون سڄي خطي جي محڪوم ماڻهن، خاص ڪري نوجوانن تي وڏا اثر ڇڏي رهي آهي. هڪ خاص مرحلي تي پهچي ڪشمير جي موجوده تحريڪ طبقاتي جدوجهد تي مشتمل وڏي بغاوت ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. جنهن ۾ ابتدائي طور نوجوان نسل اڳين قطار ۾ هوندو.
سامراجي ڦرلٽ ۽ سرمائيداري جبر کي جاري رکڻ لاءِ برطانوي راڄ هندستان جي ورهاڱي ۽ ڪشمير جي تڪرار ذريعي هن قديم تهذيب کي جيڪي گهاوَ رسايا هئا اهي ئي زخم اثرائتي انداز ۾ سامراجي جبر ۽ مقامي استحصالي اقتدار خلاف وسيع بغاوت جي صورت ۾ ڀڙڪي سگهن ٿا. ظاهري طور مضبوط نظر ايندڙ مودي حڪومت ڪشمير جي معاملي ۾ وڦلي ۽ ڏڪي رهي آهي. بلوچستان، گلگت ۽ ڪشمير بابت بيهوده ۽ منافقاڻي نعريبازيءَ سان مودي کي ڪجهه به نه ملندو. انهن خطن جو عوام طبقاتي ۽ قومي جبر ۽ استحصال مان ڇوٽڪاري لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. حقيقت ۾ قومي آزاديءَ جي هر تحريڪ سڄي خطي جي پورهيت عوام جي طبقاتي اتحاد ۽ حمايت جي گهرجائو آهي، ڪنهن به تحريڪ جي حمايت ۾ موديءَ جهڙي درنده صفت جي لفاظي ان کي بدنام ۽ مجروح ڪري سگهي ٿي.
پاڪستان ۽ هندستان جي ڏيڍ ارب عوام کي هن سرمائيداري نظام تحت ڪا آسودگي ۽ بهتري ميسر اچي نه ٿي سگهي. محرومي، بيروزگاري، جبر ۽ استحصال جي خاتمي لاءِ ڏکڻ ايشيا جي پورهيتن کي هن نظام ان جي نگهبان حڪمرانن خلاف هڪ گڏيل طبقاتي جنگ وڙهڻي پوندي.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو