Sunday, August 14, 2016

شاعريء جي زبان ؛ اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ (حليم باغي )



اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ
چپن جي رڦڻي هتي جرم آ ــ اکين جي کينچل هتي ڏمر آ

اها وکن ۾ ڍرائي ڇو ڇو؟، اڃان ته تنهنجي چري وهي آ،
رکين جي پيرا رتيون ٿي ڏونگر، پٿر به تنهنجي اڳيان پتر آ.

اهي ته طوفان وڌيا پيا وڌندا، هينئر ته مانجھي هنيان نه هاريو،
سڌن سان ساگر سڪا نه ڪڏهن، گھرڻ سان گھٽبي نه ڪا لهر آ.

لڦن جي لالي ڀري ترين ۾ ــ گسن جي مٽي ڌري اکين ۾
هلي هلي بس ٿڪجي پياسين ــ گھڻو ٻڌايو اڃان سفر آ

ڪلين مان اکتا هڏين ۾ پيٺا، هڏين مان نڪتل جگر تي بيٺا،
والله! غضب ٿو ڪرين وڍيندڙ! اڃان به چئين ٿو گٿي نظر آ.

ڪرين پيو سو ڀلين ڪندو رهه، پڇاڻا ڇا جا؟ وراڻا ڇا جا؟
گھڙي جي آئي پڄي به وٺبو، اڃان ته توکي وڏي ڳهر آ.

اسان جا هي وڍ اسان جو پورهيو، اسان ته تن من سنڌوءَ تان واريو،
اڏيون اجاريو آڙاهه ٻاريو، اسان جو نينهن ڀي اڃان نٺر آ.

اسان ته سَنڌ سَنڌ زخم سٺاسين ــ اسان لُٽياسين اسان ڪُٺاسين
طبيب ڪن ڇا؟ حڪيم ڪن ڇا؟ ــ اسان جي جندڙي سڄي زهر آ

تنهنجي اکين ۾ اداسي ڇا جي؟ اڙي او شاعر! اڙي او باغي!
اڃان ته ڪوڙين ڪليون به ٽڙنديون ــ سنڌوءَ جي مٽي نه ٿي ڪلر آ


حليم باغي

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو