Sunday, August 14, 2016

وال پــــيــــپـــــــر : ايندو سڀ ڪو ڏسي، ويندو ڪوئي نه ڏسي


آرمي چيف جنرل راحيل شريف ادارن تي پارليامينٽ ۾ ڪيل تقريرن تي سخت رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ڪجھه ماڻهن جا چڙ ڏياريندڙ بيان ۽ سوچ قومي مفادن کي نقصان ڏئي رهي آهي. آءِ اس پي آر موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ اعليٰ سطحي سيڪيورٽي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪوئيٽا سانحي سميت نيشنل ايڪشن پلان، آپريشن ضرب عضب جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته سڄي قوم هٿياربند فوج سان گڏ آهي. اسان جي قربانين جو ثمر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويو آهي ان دوران ڪجھه ماڻهن جا غير سنجيده بيان قومي سوچ کي ڪمروز ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪجھه ماڻهن جا ڀڙڪائيندڙ رمارڪس امن ڪوششن کي نقصان ڏيڻ جي برابر آهن. انهن بيانن سان آپريشن ضرب عضب به متاثر ٿيو آهي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف ڊگھي جنگ ختم ٿيڻ جي ويجھو آهي.ڪوتاهيون ختم ڪرڻ کان سواءِ دهشتگردي ختم نه ٿيندي. اجلاس ۾ آرمي چيف نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ٿيڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته نيشنل ايڪشن پلان اسان جي ڪاميابين جي شروعات آهي. ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ دير آپريشن ضرب عضب لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري رهي آهي. هن چيو ته فورسز جو قربانيون ۽ محنت زيان نه ٿينديون. پاڪ سر زمين تان دهشتگردي کي ختم ڪري وٺنداسين
هڪ پاسي آرمي چيف جو انهن بيان تي ردعمل اڃا سامهون مس آيو پئي ته حڪمران نواز ليگ جي اڳواڻ ۽ گهرو وزير پاران پيپلزپارٽي تي سخت ڇوهه ڇنڊڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو.
ملڪ جي سياسي پارٽين پاران سياست بدران ذاتيات جي ڪتب آڻڻ جي ڪري ملڪ ۾ جهڙيون تهڙيون موجود سياسي قوتون وري پنهنجي پير تي ڪهاڙا هڻڻ لاءِ سندرا ٻڌي رهيون آهن. انهن ذاتي حملن، ذاتي بيان بازين ۽ ذاتي حساب ڪتاب چُڪتو ڪرڻ جي روش جي ڪري اهي سموريون سياسي قوتون نه رڳو غيرسياسي حصن جو کاڄ بڻجي رهيو آهن پر اهي هر روز اهڙو چارو پيدا ڪري رهيون آهن، جيڪو ڪنهن به معنا ۾ سياست جي خدمت ڪري نه ٿو سگهي ۽ گڏوگڏ اهي سڀ جي سڀ سماج ۾ اڻٺهڪندڙ بڻجي رهيا آهن.
ڪالهه ملڪ جي وفاقي گھرو وزير ۽ نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ چوڌري نثار علي خان پيپلزپارٽي جي قيادت سميت مختلف اڳواڻن ۽ مخالف ڌر جي سربراهه تي سڌا ۽ اڻ سڌا ذاتي حملا ڪيا آهن، هن اهي حملا محترما بينطير ڀٽو صاحبه جي دور کان شروع ڪري اڄ تائين جي معاملن کي پنهنجي پريس ڪانفرنس جو موضوع بڻايو آهي، جنهن ڪري ملڪ ۾ موجود دهشتگردي سان نبرڻ جا معاملا ٻئين ۽ ٽئين نمبر جا موضوع بڻجي پيا آهن. اها پريس ڪانفرنس هڪ ٻه ڏينهن ٽي وي ائنڪرن جي موضوع هوندي ۽ اتي منچ تي موجود سمورا سياستدان ۽ سياسي ڪارڪن سياست تي ڳالهائڻ بدران هڪٻئي جي ذاتي کي ئي لوئيندا.
موصوف گهرو وزير 90 منٽن جي هڪطرفي پريس ڪانفرنس ۾ پاناماليڪس ۾ حڪمران فيملي جي نالن جو بچاءُ به پيپلزپارٽي جي قيادت تي لڳل الزامن کي دهرائڻ سان ڪري ٿو. هن پنهنجي حملن کي وڌائندي چيو ته مون ٻڌو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ عمران خان هڪ ڪنٽينر تي گڏ ويهندا. پر عمران خان کي چوان ٿو ته بلاول کي ڪنٽينر تي ويهارڻ کان اڳ پڇي ته توهان جن محلن ۾ رهو ٿا انهن جو پيسو ڪٿان آيو؟ هي رڳو ان جو جواب ڏين ته 60 ملين ڪٿان آيا. ڊائمنڊ نيڪلس ڪنهن جي ملڪيت هئي ڪٿان آيا؟ چوڌري نثار چيو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن خلاف ڪير سنجيده ناهي. ڪرپشن تي ڪالهه جا مخالف اڄ وري ڪرپشن سان گڏ آهن. هن چيو ته اعتزاز احسن ۽ خورشيد شاهه کي منهنجي خلاف ڳالهائڻو آهي ته اچو ميڊيا کي استعمال ڪريون ٿا ۽ ڪورٽ لڳايون ٿا. صحافين جي ٽيم جوڙي وڃي جيڪا عوام کي سچ ٻڌائي. ائين به نه ته پوءِ جسٽس وجيهه الدين، جسٽس طارق ۽ انهن جهڙا ٻه ٽي ٻيا جج ٺاهيو، يا وري سپريم ڪورٽ هلو. هن چيو ته آئون هميشه چوندو آهيان ته پاڪستان ۾ ڪرپشن خلاف ڪير به سنجيده ناهي.  هن چيو ته مون تي تنقيد ڪندڙن کي مناظري جو چيلنج ڪريان ٿو.
ان پريس ڪانفرسن جي فطري ردعمل ۾ پيپلزپارٽي جي سينيٽر سعيد غني  وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان جي پريس ڪانفرنس کي دهشتگردي خلاف اتحاد ٽوڙڻ جي سازش قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو آهي ته چوڌري نثار دهشتگردن جي مارجڻ تي ڳوڙها ڳاڙهيندو رهيو آهي. هن چيو ته پروفيشنل وڪيل ڪنهن سان به گڏ ٿي سگھن ٿا. اعتزاز احسن ته نواز شريف جو ڪيس به وڙهيو آهي. هن چيو ته  پنجاب ۾ دهشتگردي خلاف ڪيتريون ڪارروائيون ٿيون؟ هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات جي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته اسين ڪنهنجي ذاتيات تي نٿا ڳالهايون. چوڌري نثار جيان ڪنهنجي عاشقين تي نٿا ڳالهايون. چوڌري نثار کي ان قسم جا بيان نٿا جڳائن، جيڪي هو ميڊيا اڳيان پيش ڪري رهيو آهي.
نواز ليگ توڙي پيپلزپارٽي ۽ پارليامينٽ ۾ موجود سمورين ڌرين کي گهرجي ته دهشتگردي خلاف محاذ کي مضبوط ڪرڻ بدران، ذاتي حملن جي سنگ باري کي روڪيو وڃي، اها ڪنهن کي به ڪم نه ايندي ۽ انهن جا زخم ڪيئي زمانا انهن جي جسمن ۽ دماغن تي موجود رهندا، جيڪا ڳالهه سياسي اتحاد لاءِ بنهه هاڃيڪار آهي.
سياست به ان سامونڊي جهاز وانگر آهي، جنهن کي ”ايندو سڀ ڪو ڏسي، ويندو ڪوئي نه ڏسي“. ان ڪري ملڪ جي منچ تي سياست هوندي ته اوهان ۽ پارٽيون به هونديون. پر جي ان جي بدران ذات کي اڳيان ڪيو ويو ته پوءِ ذاتي حوالا، ذاتي اثر رسوخ ۽ ذاتي لاڳاپا ته موجود رهندا پر سياست ويندڙ جهاز وانگر ڪنهن جي به نظر ۾ نه هوندي.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو