Tuesday, August 16, 2016

لاڳيتي دهشت

ڪوئيٽا ۾ 8 آگسٽ تي دهشت گرديءَ جو المناڪ واقعو بلوچستان ۾ جاري رت جي راند ۽ مختلف نوعيت جي قتل ۽ غارتگريءَ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪربناڪ انداز ۾ سامهون آندو آهي. پاڪستان طالبان جي هڪ ڌڙي ۽ داعش ٻنهي هن خودڪش حملي جي ذميواري قبولي آهي، جيڪو ڪوئيٽا جي سول اسپتال ۾ ڪيو ويو ۽ جنهن ۾ وڏي انگ ۾ وڪيلن سميت ستر کان وڌيڪ بي ڏوهي ماڻهن کي اجل جو شڪار بڻايو ويو. ان کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، جن مان اڪثر جي حالت نازڪ آهي. اهي وڪيل ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ قتل ٿيل پنهنجي هڪ ساٿيءَ جو لاش وصول ڪرڻ لاءِ اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ٿيا هئا.
الجزيره جي رپورٽ مطابق ”ان گروهه جي ترجمان احسان الله احسان هڪ اي ميل ۾ چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان جماعت الاحرار هن حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي ۽ اهڙي قسم جي وڌيڪ حملن جي ڌمڪي به ڏني آهي. تمام جلد ان واقعي جي وڊيو رپورٽ به جاري ڪئي ويندي.“ داعش به ان حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي. پنهنجي ويب سائيٽ اعماق ۾ هن چيو ته ”داعش جي هڪ شهيد انصاف وارو زارت جي ملازمن ۽ پاڪستاني پوليس جي اهلڪارن کي هڪ ميڙ ۾ پاڻ کي ڌماڪيدار مادي سان اڏايو.
پر پاڪستاني حڪومت، رياست ۽ ساڄي ڌر جي ميڊيا جو هڪ وڏو حصو آڱريون ڪنهن ٻئي پاسي کڻي رهيو آهي. هڪ ميڊيا رپورٽ مطابق اعليٰ فوجي ۽ سول قيادت کي يقين آهي ته سول اسپتال تي حملو ”ملڪ دشمن عنصرن“ جي ڪارروائي آهي ته جيئن پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي کي ناڪام بڻائي سگهجي.“ وزيراعظم چيو ته ”بغير ڪنهن شڪ جي پاڪستان جا دشمن پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي کي ناڪام بڻائڻ چاهن ٿا.
جنرل راحيل شريف جي قيادت ۾ پاڪ فوج اقتصادي راهداري منصوبي کي لڳل خطرن کي ختم ڪرڻ لاءِ نهايت شاندار ڪم ڪري رهي هئي. اهڙي طرح بلوچستان جي وڏي وزير هن حملي کان فوري پوءِ هن حملي جو الزام هندستان جي ڳجهي اداري ”را“ تي هڻي ڇڏيو. ساڄي ڌر ۽ مذهبي بنياد پرست ميڊيا به انهن ڳالهين کي ورجايو ۽ واضح طور ايئن لڳي رهيو هو ته ڄڻ ڄاڻي واڻي مذهبي بنياد پرستيءَ کي ذميواريءَ کان آجو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي هجي. پر پاڪستان جي هڪ معتبر اخبار 9 آگسٽ تي پنهنجي اداريي ۾ لکيو ته ”بلوچستان ۾ ٿيل دهشت گرديءَ جا ڪيئي پاسا آهن ۽ علحدگي پسندن ۽ مذهبي انتهاپسندن سميت ڪيئي گروهه اهي ڪارروايون ڪن ٿا پر طريقيڪار مان لڳي ٿو ته اها واردات مذهبي انتهاپسندن جو ڪم آهي. اهڙي طرح حڪمران ۽ سياست جي ڪيئي حلقن طرفان به ”ٻاهرين هٿ“ واري سرڪاري موقف تي به ڇتي تنقيد ڏسڻ ۾ آئي، جنهن مان لڳي ٿو ته حڪمران طبقن اندر رياست جي مسلسل ناڪاميءَ تي سخت ڳڻتي آهي.مثال طور سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته ”را“ تي الزام هڻڻ مان ڪجهه ڪين ورندو، ڪوئيٽا سانحو اسان جي ڳجهن ادارن جي ناڪامي آهي! هڪ انتهائي غير متوقع بيان اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سربراهه محمد خان شيرانيءَ ڏنو ته دشمن پنهنجي ئي گهر ۾ آهي، ”را“ يا ”موساد“ ناهي، اسان جا پنهنجا ٺاهيل ماڻهو آهن، قوم سان ڪوڙ نه ڳالهايو وڃي، هٿياربند تنظيمون ڪنهن جون آهن، ٻڌايو وڃي ته… هن رياست ۽ سياست جي پنهنجي نمائندن جي انهن بيانن منجهان معلوم ٿئي ٿو ته هر ڀيري ”پرڏيهي هٿن“ جي ڪئي ويندڙ لفاظي ڪنهن حد تائين کوکلي ۽ بي معنيٰ ٿي چُڪي آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ۽ هندستان جون ايجنسيون، ٻنهي ملڪن ۾ ٿيندڙ دهشت گرديءَ جي مختلف وارداتن ۾ ملوث آهن. پاڪستان جي اڳوڻي صدر ۽ فوجي سربراهه جنرل مشرف انٽيليجنس ايجنسين جي انهيءَ ڳجهي جنگ بابت پاڻ اقرار ڪيو هو. دي گارجين کي هڪ انٽرويو ۾ مشرف چيو هو ته ”پاڪستان ۽ هندستان جون پنهنجون پنهنجون پراڪسيون، ”ڳجهيون لڙايون“ آهن جيڪو هڪ غير صحت مند عمل آهي، مان ان ڳالهه جو اقرار ڪيان ٿو اهي پاڪستان، هندستان ۽ افغانستان مان ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهن، انهن کي بند ٿيڻ گهرجي، هندستان جي ”را“ ۽ پاڪستان جي آءِ ايس آءِ آزاديءَ کان وٺي هڪ ٻئي سان نبري رهيون آهن ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي. (دي گارجين 13 فيبروري 2015)
پر بلوچستان جي انتشار ۾ صرف ڀارتي رياست ئي ملوث ناهي. جڏهن کان بلوچستان ۾ قيمتي معدنيات ۽ هائڊرو ڪاربان جا وڏي تعداد ۾ سروي سامهون آيا آهن ان وقت کان ملڪي، علائقائي ۽ عالمي سامراجي ڪارپوريٽ سِرڻ بلوچستان تي ڪڙڪيل آهي ته جيئن انهن وسيلن کي ڦُري ۽ لُٽي سگهجي. اهڙي طرح هن خطي جي اهم بيهڪ جي ڪري به سامراجي طاقتن جا مفاد ۽ پاڻ ۾ ويڙهون هن خطي ۾ موجود آهن، بلوچستان جي اهم جاغرافيائي بيهڪ ۽ لاتعداد وسيلائي هتان جي رهواسين لاءِ عذاب بڻجي ويا آهن.
بلوچستان جي انتشار واري صورتحال ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ فرقيواريت جو مظهر نسبتن هڪ نئين تخليق آهي. هڪ طرف ان کي قومي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ ٻئي طرف هي بنياد پرست گروهه مختلف ملڪي ۽ سامراجي قوتن جي ڳجهن ويڙهاڪن طور سرگرم آهن. گذريل چند سالن ۾ بلوچستان ۾ هزاره شيعن جو وحشياڻو قتل عام ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ايران ۽ سعودي عرب جهڙيون مذهبي رياستون نه رڳو پنهنجي مذهبي بالادستيءَ لاءِ صرف پنهنجي وظيفي خوار ملن تي ڀاڙي سگهن ٿيون پر انهن کي رياست ۽ سياست اندر به ڌڙن جي ضرورت رهي ٿي.
سرمائيداري نظام ۽ ان سان سلهاڙيل سامراجي مفادن جي تحفظ لاءِ جديد اسلامي بنياد پرستي کي نه رڳو هن خطي ۾ پر سڄي دنيا ۾ آمريڪي سامراج ئي متعارف ڪرايو هو. افغانستان جي ”ثور“ انقلاب خلاف اهي مجاهد، آمريڪا ۽ سعودي عرب جي مالي، فوجي ۽ سياسي حمايت سان پاڪستاني حڪمرانن وڏي تعداد ۾ تيار ۽ برآمد ڪيا هئا. بعد ۾ جڏهن آمريڪي صدر ڪارٽر جي قومي سلامتيءَ جي صلاحڪار ”زبگانيو برزنسڪي“ کان هڪ فرانسيسي اخبار پڇيو ته آمريڪي سامراج اهي بنياد پرست ڇو خلقيا ته هن جو جواب هو ته ”اسان جي لاءِ وڌيڪ اهم هي هو ته سوويت سلطنت کي شڪست ڏيون“ نه ڪي چند انتهاپسند مسلمانن بابت فڪرمند ٿي وڃون”“ اهي ”چند انتهاپسند مسلمان“ تيار ڪرڻ جا نتيجا اڄ سڄي دنيا ۾ نظر اچي رهيا آهن. مذهبي جنون جي ان وبا صرف افغانستان کي ئي تاراج نه ڪيو آهي مورڳو سڄي خطي کي ئي باهه ۽ رت ۾ غرق ڪري رهي آهي.
هن وقت بلوچستان ۾ چين جا مفاد سڀ کان وڌيڪ آهن. ان گوادر جي بندر گاهه کان ويندي بلوچستان جي سون ۽ پتل جي ذخيرن تائين پهچ حاصل ڪري ورتي آهي. اولهه جو سامراج خاص ڪري آمريڪي، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ قربتن مان خوش ناهن ۽ ايئن گذريل ڇهن سالن کان بلوچستان ۾ هڪ ٻي ڳجهي ويڙهه پلجي رهي آهي.
قوم پرست قيادت جو سڀ کان وڏو مسئلو هي رهيو آهي ته اهي عوام کي تحرڪ پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن. اڄ بلوچستان جي قومي تحريڪ جي قيادت ان قومي جدوجهد کي سڄي پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي طبقاتي جدوجهد سان جوڙڻ کان نٽائي ٿي. پر بلوچستان جو عوام جنهن وحشت ۽ غلاميءَ جو شڪار آهي، سا هميشه جاري رهي نه ٿي سگهي، پورهيت ۽ مظلوم طبقا ضرور اٿندا، اهي نه صرف ملڪ جي صنعتي علائقن ۾ اٿندا پر بلوچستان ۾ به قومي ۽ طبقاتي جبر ۽ استحصال جي هن نظام خلاف تاريخ جي ميدان ۾ اٿندا.
اڄ ڪوئيٽا گهيري ۾ آيل ڪنهن شهر جيان لڳي ٿو ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به لڳ ڀڳ اهڙي ئي صورتحال رهي آهي، ان باوجود دهشت گرد بنا ڪنهن رنڊڪ جي ڪارروايون ڪندا رهيا آهن. دهشت گرديءَ جو ناسور ختم ڪرڻ ۾ رياست ناڪام آهي، ڇو جو ڪاري ناڻي تي پلجندڙ هي ناسور معيشيت، رياست ۽ سياست اندر گهڙي ويو آهي. ايئن رياست خود پنهنجو پاڻ سان آمهون سامهون آهي. پورهيت طبقي جي قيادت ۾ صرف هڪ عوامي تحريڪ ئي ان ناسور کي ڪچلي سگهي ٿي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو