Saturday, August 20, 2016

سنڌي ميڊيا ۽ سماجي تبديلي


اهو يقينن مڃيو ٿو وڃي ته ميڊيا. تمام تيز رفتاري سان پُوري دُنيا کي گھيري ڇڏيو آهي. دُنيا جي هر ڪُنڊ ڪڙڇ تي ميڊيا پنهنجو قدم رکيو آهي. سوال اهو ٿو اُڀري ته ميڊيا جو مُختلف شڪليُن سان دُنيا ۾ مُوجود هُجڻ مان ڇا مُراد آهي؟ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته هڪڙي شيءِ هر هنڌ موجود هُجي.؟ ان سوال جو جواب بلڪل آسان آهي. ميڊيا جو هر هنڌ هُجڻ مان مُراد ائين ئي آهي جيئن هڪڙو تمام گهاٽو وڻ هُجي جنهن کي بيشمار شاخُون هُجن ۽ اُن جُون شاخُون ڪافي ڪُشادي ايراضي تائين پکيڙيل هُجن. اهڙي طرح سان ميڊيا هڪ اهڙي گھاٽي وڻ مثل آهي جنهن کي بيشُمار ٽار هُجن. وڻ کي شاخُن جيئان ميڊيا جي بيشمار قسمن جُون شڪليُون آهن جيڪي دُنيا جي ڪُنڊ ڪُرڇ تي پهتل آهن.اهڙي طرح سان ميڊيا جا ڪيترائي قسم آهن جيڪي ٻهراڙيُن توڙي شهري علائقن ۾ موجُود هُجڻ سان گڏو گڏ پنهنجُون خدمتُون سرانجام ڏين پيا. جنهن ۾  سماجي ميڊيا (جنهن کي انگريزي زُبان ۾ سوشل ميڊيا سڏيو ٿو وڃي ۽ ان ۾ فيس بُڪ، ٽئيٽر، واٽس اپ، اي ميل ۽ ٻيا به قسم اچي وڃن ٿا)، اليڪٽرانڪ ميڊيا، (جنهن ۾ ٽيليويزن، ريڊيو، ڪمپيُوٽر، موبائيل فون وغيرهه اچي وڃن ٿا) پرنٽ ميڊيا (جنهن ۾ ڪتاب، جرنل، رسالا ۽ اخبارُون شمار آهن) اچي وڃن ٿا.
هاڻي وري انهن سڀني جو ٿورو رُخ موڙي ۽ تبديل ڪري هڪ ٻئي قسم جي ميڊيا پيدا ڪئي وئي آهي جيڪا اڃا به وڌيڪ تيز ۽ هر وقت هر هنڌ موجُود آهي. جنهن کي “انٽرنيٽ ميڊيا” چيو وڃي ٿو جنهن ۾ هر ميڊيا کي اُن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جيئن ته هٿن ۾ اخبار پڙهي سگهون ٿا پر هاڻي اها انٽرنيٽ تي به مُوجُود هُجڻ سان  اخبار جي گھر، دُڪان، شهر۽ ڳوٺ ۾ پُڄڻ کان پهريائين خبرُون پڙهي وٺُون ٿا، ان سان وقت جو بچاءُ تمام ٿو. ائين ئي هاڻي ان ميڊيا جو وهڪرو تيز ٿيندو پيو وڃي. انهيءَ سڄي عمل کي ڪيترائي نالا ڏئي سگھجن ٿا جن ۾ ميڊيا ۾ نواڻ، ميڊيا ۾ تيزي، مِيڊيا ۾ تبديلي ۽ ميڊيا جو اُڀار شامل آهن.
ميڊيا وري ٻولين جي حساب سان به موجُود آهي ڇو جو عوام به ٻولين جي حوالي سان ورهايل آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته ميڊيا تي ڪهڙيُون ذميواريُون آهن ۽ ان جا فرض ۽ خدمتُون ڪهڙيُون آهن؟  بيشڪ هي سوال مِيڊيا جي ڪمن جي ۽ موجُوده صورتحال جي تقابلي عڪاسي پيش ڪري ٿو. اسان وٽ بالخصوص سنڌ ۾ وڏي پئماني تي ميڊيا ڪم ڪري پئي جن ۾ ڪيترائي ٽيليويزن چينل ڪم ڪري رهيا آهن، کوڙ ساريُون اخبارُون ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچن پيُون، رسالا ۽ ڪتاب وغيرهه موجُود آهن. ۽ ميڊيا بابت ڪتابن، مختلف شعبن ۽ ٻين ادارن ۾ پڙهايو ۽ ٻُڌايو ويندو آهي ته ميڊيا جي خدمتن مان خاص خدمتُون “تعليم پُهچائِڻ، دُنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ جي خبر ڏيڻ ۽ انٽرٽين ڪرڻ شامل آهن.
تعليم ڏيڻ وارين خدمتن ۾ باالخصُوص ٻولي کي زندهه رکڻ آهي پوءِ جهڙي به ميڊيا جنهن خطي ۾ هُجي ته اُنهيءَ سرزمين جي ٻولي کي هٿي ڏيڻ، قائم رکڻ ۽ ماڻهن ۾ شعُور پيدا ڪرڻ وغيرهه اچي وڃن ٿا. اُن کان پوءِ ميڊيا جو ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ مان مُراد آهي ته ماڻهن کي ٻين قومن، مُلڪن ۽ رياستن ۾ ڇا پيو ٿئي ان سلسلي ۾ آگاهه ڪرڻ شامل آهي. ان کان پوءِ ٽئين نمبر تي انٽرٽين ڪرڻ مان مُراد آهي ته ميڊيا ڪجھه سماجي پروگرام، موسيقي، ڊراما ۽ فلمون وغيرهه مُتعارف ڪرائي. جيڪي ڏسي ماڻُهو گھڻو ڪُجھه حاصل ڪن ٿا.
هاڻي هي ته آهي ميڊيا جو اصل ڪم ته ميڊيا آهي ڇا، ميڊيا جي طاقت ڪيتري آهي ۽ اُن جا ڪم ڪهڙا آهن وغيرهه پر هاڻي ڏسجي ته واقعي ميڊيا انهن ڪمن ۾ پوري آهي يا اڻپوري آهي؟  ڏسجي ته ميڊيا سماجي تبديلي کي هٿي ڏني آهي يا نه ۽ موجوده دور ۾ڪهڙي حالت ۾ آهي.
موجوده حالت ۾ ته ميڊيا تيزي سان سنڌ ۾ وڌي رهي آهي پر جيڪي به ميڊيا جا فرض آهن اُنهن سڀني ۾ تمام اهم جيڪا لاءِ آهي اُها آهي “تبديلي”. هاڻي وري تبديلي کي به خُود ٻه رُخ آهن هڪڙو “صحيح ۽ ٻيو غلط”  آهي. هن مان مُراد مُنهنجو مقصد تبديلي تي نظر وجھڻ آهي ته ميڊيا جو تبديلي لاءِ ڪو جاکوڙي قدم آهي به يا نه؟ جيڪڏهن آهي ته صحيح رُخ ۾ يا غلط رخ ۾ آهي؟.
هن تقابلي جائزي وٺڻ لاءِ ٽيليويزن واري پسمنظر تي نطر وجھڻ بلڪل صحيح رهندو ڇو جو ٽيليويزن ۾ تبديلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ٻين قسمن جي ميڊيا کان وڌيڪ آهي، اهو ان ڪري جو هڪ ته ٻهراڙين ۾ وڏو تعداد اڻ پڙهيلن جو آهي، ٻيو ٻهراڙين ۾ گھٽ شرح ۾ اخبار پُهچي ۽ پڙهي وڃي ٿي، ٽيُون ته ٽيليويزن ٻهراڙي توڙي شهري علائقن جي تقريبن سمورن گهرن ۾ موجود آهي. جيڪا ٻارن، مردن ۽ عورتن کي مصرُوف ڪري پئي. شهري علائقن ۾ هڪ ته تعليم جي شرح ٻهراڙي جي نسبت کان گھڻي ڀاڱي وڌيڪ آهي ۽ اُتي اُردُو، سنڌي ۽ انگريزي ٻولي تي مبني ٽيليويزن چينل ڏٺا ٿا وڃن. پر هاڻي ٻهراڙيءَ ۾ به تقريبن ڪيبل جي ڪري سنڌي ۽ اُردو ٻولي جا ڊراما، پروگرام ۽ فلمُون ڏٺيُون وڃن ٿيُون پوءِ به اُتي ترجيح گھڻي ڀاڱي سنڌي ٻولي وارن چينلن کي ڏني وڃي ٿي. اڄ ڪلھه ڪي ڊراما جهيڙن تي ٻڌل ڪهاڻيُن تي هلي رهيا آهن جيڪي سنڌ جي بي شعور ماڻهن لاءِ هاڃيڪار آهن اُنهن عملن کي ئي قبوليو ٿو وڃي گهرن ۾ جهيڙا، جائيداد تي جھيڙا ۽ رشتن تي جھيڙا ته سالن کان هلندا پيا اچن. رهندو اهڙن قسمن جي ڊرامن کي پيدا ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. ٻهراڙين ۾ جتي جتي اهڙا جھيڙن تي ٻڌل ڊراما ٻار ڏسن ٿا ته روز ڏسڻ کان پوءِ اهي اهڙي ڪهاڻي جي راند کيڏندا آهن. جنهن ۾ سڀئي پاڻ تي ڊرامن ۾ اداڪارن جا نالا رکي ڪاٺيُن ۾ اڳڙيُون ٻڌي انهن کي بندوقن جي شڪل ڏئي ڪلهن ۾ ٻڌي جهيڙي جي صُورتحال بڻائي ڪاٺين کي بندُوق بڻائي لڪي ڪري هڪ ٻئي تي فائر ڪندا ۽ آواز وري وات مان گوليُن جي ڌماڪن جا ڪڍندا آهن. هاڻي جيڪڏهن ٻارن کي قلم کڻڻ سيکارڻ بدران اُنهن جي هٿن ۾ ڪاٺ جُون بندُوقُون ڏيڻ جو فن ننڍپڻ ۾ ڏنو ويندو ته اڳتي هلي اهي ڌاڙيل، چور ۽ ڊاڪُو نه بڻبا ته ٻيو ڇا ٿيندا؟
اسان جي سنڌ ۾ سماجي تبديلي جو لاڙو بلڪل اڻ لڀ آهي ان جي ڳولا جي لاءِ اسان جي ميڊيا ئي جاکوڙڪري سگھي ٿي جيڪڏهن انهن مٿي ذڪر ڪيل خاميُن کي ختم ڪري تعليمي پروگرام، تعليمي سُجاڳي مهم ۽ تعليم تي ٻڌل ڪهاڻيُن تي فلمُون ٺاهيُون وڃن ته سماجي تبديلي يقينن اچي ويندي. هتي ته صرف ميڊيا جي پکيڙ سان ميڊيا ۾ تبديلي ۽ ترقي آهي پر سماج ۾ تبديلي مان مُراد ٻولي کي زندهه ڪرڻ، اُن کي قائم رکڻ، تعليم کي سُجاڳ ڪرڻ، ماڻهن ۾ سُجاڳي پيدا ڪرڻ، اُنهن جو هڪ ٻئي جي ڏکئي وقت ۾ ڪم اچڻ،  ماحول ۾ امُن پيدا ڪرڻ، نفرتُون ختم ڪرڻ، چوري ۽ ڦُرن وارن واقعن کي ٻُنجو ڏيڻ، جهيڙن کي ختم ڪرڻ پوءِ چاهي ڪهڙي به قسم جا جهيڙا ڇو نه هُجن، ڪارو ڪاري جا واقعا، ننڍپڻ جُون شاديُون ختم ڪرڻ، نياڻين جي تعليم کي اُڀار ڏيڻ، نياڻين کي خانداني، ذاتي، ۽ جائداد جا حق ڏيڻ کان علاوهه به کوڙ سارا موضُوع سماجي تبديلي ۾ اچي وڃن ٿا. اهي مقصد ۽ ذميواريُون جيڪڏهن اسان جي ميڊيا جا ذميواري نڀائيندا ته سماجي تبديلي جلد کان جلد اُڀري اسان جي سامهون ايندي پوءِ اسان جي جيجل سنڌ دُنيا جي تختي ۽ نقشي تي سدا باغ بهار نظر ايندي
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو