Sunday, August 21, 2016

پنجاب ۾ آپريشن ۽ پاڪستان جي مفاد جي ڳالهه


ڏاڍو جڏهن ڪنهن کي ماري يا ظلم ڪري ته اُهو، اِها ڳالهه مڃيندو ڪونهي. ڀلا جيڪڏهن سندس ڏاڍائيءَ جي پت وائکي ٿي وڃي ته پوءِ دنيا کي ۽ خاص ڪري پنهنجي شڪار (Victims) کي ٻڌائيندو ته سڀ ڪجهه اُهو سندس جبر ۽ ڏاڍ جي شڪار ٿيل ڌر جي مفاد وٽان ٿو ڪري. ڀلا جيڪڏهن ان ڳالهه کان به ويو تڏهن به دين ڌرم يا وطن جو نالو وٺي هيڻي کي ماٺ ڪرائڻ وارو هٿيار ته وٽائنس ڪيڏانهن به ڪونهي ويو!
هونئن ته پهرئين ڏينهن کان ئي ڏاڍو بهرحال ڏاڍو رهيو آهي. اِهو آئين ۾ به ڏاڍو تسليم ٿيل آهي، چالاڪيءَ ۾ به ڏاڍو آهي ته لٺ ڌڪي ۾ ته هونئن ئي ڏاڍو آهي جو انگريزن چئي ڇڏيو ته ”ويڙهاڪ نسل“ اتي ئي جنم وٺندو آهي!
وري جڏهن ضياءَ آيو، سياست تي بندش پئي ۽ ان جي جاءِ تي وري ضياءَ برانڊ سياست کي جنم وٺائي ان کي زور وٺايو ويو، جنهن جو مکيه روپ آهي، هن ڌرتيءَ تي مقدس ڏهڪاءَ جو جنم وٺڻ ۽ پوءِ ملڪن توڙي قومن جون سرحدون اورانگهي سڄي ڌرتيءَ تي ان جو ڦهلجڻ. ڳالهه اها آهي ته مذهبي ڏهڪاءَ پسند ويڙهاڪن ۾ هڪڙا ته اُهي آهن، جن کي رياست جي دائمي پاليسين تي عمل ڪرائڻ ۽ ان مان ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي ۽ انهن جي پالنا ۽ سرپرستي مٿانهين سطح تي ٿئي ٿي، ائين ٻيا وري فرقي پرست ويڙهاڪ آهن، جيڪي پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي مسلڪ جي اختلاف جي بنياد تي مسلمان توڙي محبِ وطن مڃڻ لاءِ نه ته تيار آهن نه ئي انهن جي جيئرو رهڻ جي حق کي تسليم ڪن ٿا. سندن تربيت ئي ائين ڪئي وڃي ٿي ته ساڻن اختلاف رکڻ واري هر ڌر جو طبعي طور تي خاتمو آڻڻو آهي ۽ پوءِ صورتحال اها آهي جو مسلڪي اختلاف جي بنياد تي ٿيندڙ خونريزي الائي ته گهڻا دفعا اسان ڏٺي آهي. هتي اها ڳالهه پڌري ڪجي ته انهيءَ صورتحال جي پويان ٻاهرين ڪن ملڪن جي حاڪمن جا مفاد ئي ڪار فرما آهن، جن لاءِ اهي ويڙهاڪ اڻ سڌي يا اڻ ڌري (Proxy) جنگ ڪن ٿا ۽ عقيدي جي بنياد تي انهيءَ سڄي خونريزيءَ کي اهي پنهنجي مقدس جنگ سمجهي وڙهن ٿا. ان وچ ۾ اهم ڳالهه اها به آهي ته ان لاءِ کين اُنهن ملڪن مان سرڪاري توڙي خانگي سطح تي مالياتي ادائگي پڻ ٿيندي رهندي آهي. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته Money and faith are the most strong motivators. ۽ اها ڳالهه ڪنهن به حوالي کان ڳجهي به ڪانهي. پاڪستان جو ٻچو ٻچو اها ڳالهه ڄاڻي ٿو، پر اسان جي رياست توڙي حاڪمن ۾ جرئت ئي ڪانهي جو ان تي اعتراض واري سگهن، جنهن جو ڪارڻ آهي رياست تي غالب ڌرين جا مفاد!
نه فقط ايترو پر انهن ويڙهاڪن جون ملڪ جي اندر به نه فقط خانگي سطح تي پر رياستي سطح تي به مالي گهرجون پوريون ڪيون وڃن ٿيون. جنهن ڳالهه تي به اعتراض يا سوال ڪرڻ جي سخت منع آهي ۽ اها ڳالهه جوکي جي به آهي!
ڳالهه هيءَ آهي ته مٿي جيڪي به ڳالهيون لکيون ويون آهن، سي نيون ڪونهن، بار بار انهن جو ذڪر ۽ ورجاءُ ٿيندو پيو اچي. جيڪا ڳالهه اڄ ڪرڻي آهي سا اها آهي ته ملڪ ۾ يا ملڪ کان ٻاهر ويڙهه ڪرڻ واريون جييڪي به ڌريون آهن، جن مان ڪن کي Diplomatic زبان ۾ Non- state actorsچيو ٿو وڃي ۽ جن تي ڪيترائي سال اڳ، عالمي برادري ۽ خاص ڪري اسان جي ملڪ جي حاڪمن جي ان داتا ۽ آقا آمريڪا جي چوڻ تي بندش به وڌي وئي هئي. هتي ٻه ڳالهيون چٽيون ڪندا هلون ته هن ملڪ ۾ اهڙين ڌرين تي بندش عوامي راءِ جي حوالي کان ڪانه پوندي آهي، پر حاڪمن جا شوق پورا ڪرڻ وارين عالمي طاقتن جي حڪم تي ئي پوندي آهي ۽ ٻي ڳالهه (جيتوڻيڪ ان ۾ پهرين ڳالهه سان تضاد آهي) اها ته حقيقت ۾ ملڪ ۾ ڏهڪاءَ پسند، خونريز ويڙهاڪ تنظيمن جي فقط نالن تي بندش پئي آهي ۽ اهي تنظيمون ائين جو ائين قائم آهن ۽ پنهنجي ڌنڌي ۾ رُڌل آهن.
اصل ڳالهه اها آهي ته اهي تنظيمون جن تي رياستي دعويٰ موجب بندش پيل آهي، تن سڀني جون سواءِ ”تحريڪ طالبان پاڪستان“ جي هيڊ آفيسون پنجاب ۾ قائم آهن. اها ڳالهه به ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي، نه ملڪي ماڻهن کان نه ئي دنيا کان، پر پنجاب سرڪار جو زور انهيءَ ڳالهه تي آهي ته ”پنجاب اندر دهشتگردن جو ڪو وجود ئي ڪونهي، نالو ئي ڪونهي دهشتگردن جو!؟ مُنهن جي وڏي پڪائيءَ سان اها دعويٰ ڪرڻ ۾ حڪمران جماعت پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پنجاب جي Stalwart يعني چوٽيءَ جي ليڊرشپ ۽ پنجاب جو وڏو وزير ميون شهباز شريف ۽ سندس قانون وارو وزير راڻا ثناءُ الله ته ٻاڪا ڦاڙي، وڏي رعب تاب ۽ دهمان سان اها ڳالهه ڪندا آهن.
بندش پيل تنظيمن جي سرپرستي ۽ سهائتا ڪرڻ واري ڳالهه ڪجي ته به هن ملڪ ۾ خبرچار رکڻ وارين ڌرين جي ٻچاپڙائي وارو رويو پڌرو ٿي اڳيان ايندو. مثال طور پختونخواهه جي صوبائي بجيٽ ۾ اڪوڙا خٽڪ واري مدرسي ”مدرسئه حقانيه“ يعني ابوالطالبان مولانا سميع الحق واري مدرسي کي عمران خان واري جماعت پاران ٽيهه ڪروڙ روپيا ڏيڻ واري ڳالهه جيئن هُلي ته سڄي قومي ميڊيا ۾ حل پئجي ويو. مون کي بهرحال عمران خان سان ڪا همدردي ڪانهي، نه آئون سندس شخصيت کان متاثر آهيان نه ئي سياسي فلسفي يا سياست جي انداز کان- ۽ پوءِ عمران خان توڙي سندس پارٽي، توڙي پختونخواهه ۾ حڪومتي سطح تي پئي وضاحتون آيون (هونئن عمران خان جي طالبان سان محبت/ همدردي واري ڳالهه به ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي. موصوف سالن کان سڏجي ئي طالبان خان) پر 15-2014ع واري پنجاب جي بجيٽ ۾ حافظ سعيد واري تنظيم جماعت دعويٰ لاءِ سٺ ڪروڙ روپيا رکيا ويا ته ڪير ڪونه ڪڇيو!
لشڪر جهنگوي جي اڳوڻي مقتول سربراهه ملڪ اسحاق لاءِ ٻڌايو ويو ته اهو جڏهن به جيل ويو ته سندس گهر جو سڄو خرچ پکو پنجاب سرڪار ڏيندي هئي. اها ڳالهه پنجاب سرڪار، سرڪاري سطح تي تسليم به ڪئي هئي. هاڻي اِهي اُهي ڳالهيون آهن، جيڪي ظاهر ٿيون آهن، لڪل ڳالهيون ته الائي ڪيتريون هونديون!؟ پوءِ سائين جن به ملڪ اسحاق کي دهشتگرد طور جنم وٺرايو، جن کيس مچائي مواڙ ڪيو، کيس (ملڪي قومي مفاد کان ذاتي مفاد کي افضل سمجهڻ ڪري) ڍر ڏئي سرڪش بڻايو، تن ئي کيس پُٽ ۽ درجن ڏيڍ پوئلڳن سوڌو مارائي ڇڏيو) شايد ته ملڪ اسحاق ”بي چيو“ بڻجي ويو هو!؟ (اها ئي ڳالهه ٽي ٽي پي ۽ ايم ڪيو ايم لاءِ به ٻڌڻ ۾ اچي ٿي).
سو ڳالهه پئي ڪئيسون پنجاب ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي، لڳ ڀڳ ڏيڍ سال کن اڳ ”سرل الميڊا“ ڊان ۾ پنهنجي هڪڙي آرٽيڪل ۾ جنرل ڪياني بابت (سندس رٽائر ٿيڻ کانپوءِ) لکيو هو ته ڪنهن هنڌ هڪڙي صحافي جنرل ڪيانيءَ کان پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن نه ڪرڻ بابت سوال پڇيو، جيئن اڳي ئي پختونخواهه ۽ فاٽا ۾ پئي ٿيو ۽ اڄڪلهه سنڌ ۾ ڪيو پيو وڃي. جنرل ڪيانيءَ، الميڊا لکيو ته ان موقعي تي ته ڪو جواب ڪونه ڏنو، پر پوءِ سوال ڪرڻ واري صحافيءَ کي ڪنڊائتو سڏائي ٻڌايو ته ”پنجاب ۾ آپريشن ڪرڻ سان ملڪ ۾ ”بي چيني“ وڌندي ۽ آئون نٿو چاهيان ته منهنجي اڳواڻي جي ڏينهن ۾ اسان اندر اختلاف يا ڪا ڦڙڦوٽ جنم وٺي“. ان ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته جنرل ڪيانيءَ پنجاب ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ کان انڪاري ڪونه هو، پر کيس پنجاب ۾ ادارن طرفان آپريشن تي Reservations هئا ۽ ظاهر آهي ته ميون شهباز شريف، راڻو ثناءُ الله يا ڪو ٻيو پنجاب ۾ دهشتگردن جي هجڻ جو انڪاري ايڏو ته باخبر هرگز ڪونه هوندو، جيڏو باخبر جنرل ڪياني ٿي سگهيو ٿي.
هاڻي ڪن تازن واقعن جو ذڪر ٿا ڪريون، جيڪي وڏن ۽ لاڳيتن مطالبن کانپوءِ فقط ٽن هفتن ۾ NAP جي حوالن کان کنيل ننڍن قدمن طور اڳيان آيا آهن. 23 جولاءِ تي اوڪاڙي ۾ ڪيل آپريشن ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا، 31 جولاءِ تي شيخو پوري ۾ ڪيل آپريشن ۾ ست دهشتگرد ماريا ۽ ٽي ڀڄي ويا. 6 آگسٽ تي گجرات مان داعش سان لاڳاپيل هڪ دهشتگرد گرفتار ڪيو ويو (حڪمران، ملڪ ۾ داعش جي موجودگيءَ جو به لڳاتار انڪار ٿا ڪن). 12 آگسٽ تي راولپنڊي، گوجر خان ۽ ڪلر سيدان مان ڇهه دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا ۽ وٽائن سرگهون ۽ ٻيا به ڪيترائي موتمار هٿيار هٿ آيا. ساڳئي ڏينهن پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن مان ڪيترن ئي دهشتگرد تنظيمن جا هڪ سؤ ستر ويڙهاڪ جهليا ويا. 13/14 آگسٽ يعني آزاديءَ جي سالگرهه واري رات پنجاب جي گادي واري شهر لاهور جي ڪن علائقن ۾ آپريشن ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي دهشتگرد ٻَڌا ويا ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن! ياد رکڻ گهرجي ته آپريشن ڪرڻ وارن اهي دهشتگرد/ هٿيار سنوان سڌا، پنجاب اندر دهشتگرد نه هُجڻ واري دعويٰ ڪندڙن جي آنڊن مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيا آهن! پاڻ اهو به ته ٻڌو نه جيڪو علي حيدر جيلانيءَ طالبان جي قيد مان ڇُٽي اچي ٻڌايو! ان ٻڌايو ته کيس اغوا ڪرڻ کانپوءِ ٽي مهينا ته فيصل آباد (راڻي ثناءُ الله جو شهر جتي سندس پنهنجي قائم ڪيل تاثر موجب سندس حڪم ۽ راضپي کانسواءِ پن ئي ڪونه چري!) ۾ رکيو ويو هو (ائين بئريسٽر اويس شاهه کي وري سکر ۾ رکيو ويو هو، جنهن شهر کي وري خورشيد شاهه کان به وڌيڪ مولوي فضل الرحمان هاڻي پنهنجو شهر ٿو سمجهي!) ته پوءِ ٻڌايو وڃي ته ڇا اڃا به پنجاب ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ڇونه ڪيو وڃي؟ اسان اٻوجهن ۽ محڪومن کي اهو به ٻڌايو وڃي ته ڇا هتي به ائين آهي جيئن وڏيرڪي انصاف ۾ هوندو آهي، جنهن پٽاندر پنهنجو ڏوهي ٿيندو ئي ڪونهي!؟ اسان کي اهو به سمجهايو وڃي ته ڇا دهشتگردن خلاف آپريشن ملڪ جي مفاد ۾ ته آهي، پر ڇا پنجاب جي مفاد ۾ ڪونهي؟ ته ڇا پنجاب جا مفاد ڌار ۽ پاڪستان جا مفاد ڌار آهن ۽ پنجاب جا مفاد، پاڪستان جي مفادن کان بالا و اعليٰ (Supreme) آهن!؟
 (روزاني عبرت) 
 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو