Sunday, August 21, 2016

ناني جي ڪهاڻي ۽ منهنجو ايڪشن پلان


دنيا ۾ هر جاندار کي وقت به وقت ڪانه ڪا بيماري جي تڪليف ٿيندي آهي، ان ڪري هر ساهه واري جيان مون کي به سال ۾ ٻه ٽي دفعا سيءُ بخار ۽ کنگهه جي تڪليف ٿيندي آهي. پهرين ٻه ٽي ڏينهن ته ان طرف ڪو خاص ڌيان نه ويندو آهي، مڙئي خبر آهي جي اُصول تحت گاڏي هلندي رهندي آهي، پر ٽي چار ڏينهن اها ڪيفيت رهڻ بعد آئون اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو آهيان ته هي اڻ اعلانيل بيماري موسم جي تبديلي جي ڪري آهي يا باقاعده اعلانيل ڪا بيماري آهي؟ ان ڳالهه جي طئي ٿيڻ کانپوءِ آئون پنهنجن پٽن سان هوش هواس سان ان بيماري خلاف ايڪشن پلان تيار ڪندو آهيان ته هن خلاف ’الڪوهَل‘ وارين هوميوپيٿڪ دوائن سان ڪارروائي ڪجي يا ’اينٽي بائيوٽڪ‘ ايليو پيٿڪ دوائن سان ڪو قدم کڻجي؟ جيئن اڄڪلهه اسان جي ملڪ ۾ هر بيماري لاءِ ايڪشن پلان جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جنهن لاءِ وزيراعظم ڪالهه ڪراچي جو دورو به ڪري چڪو آهي. البته ملڪ ۽ سنڌ جي به ساڳي راقم واري صحت ۽ حالت آهي ۽ اِن ايڪشن پلان لاءِ دوائن ۽ سوچ ويچار جو عمل جاري آهي.
جڏهن آئون ننڍو هئس ۽ ڪڏهن ته ناني (مرحومه) کان سج لهڻ کانپوءِ ڪهاڻي ٻڌندو هئس ۽ ڪڏهن ته ناني خوشي سان ته ڪڏهن ضد ڪرڻ کانپوءِ ڪهاڻي ٻڌائيندي هئي، پر جڏهن به ۽ جيڪا به ڪهاڻي ٻڌائيندي هئي ته اِن جي شروعات هميشه ڪنهن نه ڪنهن ”بادشاهه سلامت“ جي حوالي سان ڪندي هئي ۽ چوندي هئي ته ”بابا هڪڙو هو ملڪ ۽ هڪڙو هو ان جو بادشاهه (ناني هر ڪهاڻي بادشاهه جي نالي سان شروع ڪري وري ساهي کڻي چوندي هئي ته بابا اصل بادشاهه ته الله سائين آهي) جيڪو هڪ زمين جي ٽڪري تي حڪومت ڪندو هو (بادشاهه ۽ رعيت جو قصو ان ۾ بيان ڪندي هئي) اها ڪهاڻي ٻڌندي ٻڌندي مون کي ننڊ اچي ويندي هئي ۽ ٻئي رات وري ناني ڪا نئين ڪهاڻي ٻڌائيندي هئي. جڏهن آئون ناني جي ڪهاڻين کان وڏو ٿيس ته سرڪاري ڪهاڻيون ٻڌڻ لڳس، ان ۾ پهرين پهرين هر مهيني جي پهرين تاريخ تي فيلڊ مارشل محمد ايوب خان ڏهن کان پندرنهن منٽ پنهنجي گذري ويل مهيني جي ڪهاڻي ۽ ايندڙ مهيني جا خواب ٻڌائيندو هو ۽ مون کي ننڊ اچي ويندي هئي، ان کانپوءِ صدر يحيٰ خان يڪي ڪهاڻي ملڪ کي ٻڌائي هليو ويو، جنهن کانپوءِ صدر ۽ سول چيف مارشل ايڊمنسٽريٽر طور ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پوءِ وزيراعظم طور رعيت کي عوامي ڪهاڻيون ٻڌايون، ان کانپوءِ ضياءُ الحق جي مشهور ڪهاڻي ”اسلام عليڪم ميري عزيز هم وطنو“ طويل دورانيه طور عوام ٻڌي بي حال ٿي ويو. مطلب ته تاحال روز اخبارن ۾ پڙهڻ لاءِ نئين سرڪاري ڪهاڻي نظر اچي ٿي ۽ ريڊيو ٽي وي تي ٻڌائي وڃي ٿي.
ملڪ ۾ بلدياتي ڪهاڻي ٻڌندي سال ٿي ويو آهي، پر اڃا تائين ”حاجي ۽ قاضي“ يعني ميئر ۽ چيئرمين جي تلاش جاري آهي، جيستائين اهو ناني ويڙهو هلي ان ۾ عوام جو ڪجهه نه ويو، پر منهنجي شهر جا اٿلجندڙ گٽر، بند پيل ناليون ۽ انهن جون ڦٽل سيوريج موٽر فيل ٿيل بجلي ڪير بحال ڪرائيندو؟ ٻين شهرن جي به حالت ساڳي هوندي. چوندا آهن ته ناني رڌڻ واري ۽ ڏوهٽا کائڻ وارا، ٽنڊوڄام جو ڏهٽو يعني چيئرمين مير خان محمد ٽالپر ٿيڻ وارو آهي، اها گلن جي سيج نه پر ڪنڊن جي سيج (جيڪا) ٽنڊوڄام ميونسپالٽي ۾ کيس ملي آهي، مبارڪ هجي، هڪ طرف شهر جي حالت ته ٻئي طرف ميمبرن جون فرمائشون ته ٽئين پاسي ”پارٽي ڊسپيلين“ جو به خيال رکڻو پوندو، تڏهن ’جهان‘ هلندو. بهرحال ڳالهه هئي ٻاراڻي کان وڏي ٿيڻ تائين ڪهاڻين جي، هاڻي منهنجا ٻار به ڪهاڻين لاءِ تنگ ڪن ٿا، خاص ڪري پُوٽي بي بي منهائل ۽ پوٽو عديل ۽ ياسر ان ڪري کين ناني مرحيات واريون ڪهاڻيون دل جي روشني سان ياد ڪيل ٻڌايان ٿو ته پوٽي منهائل انهن ۾ بادشاهه سلامت جي ذڪر تي ناراض ٿي سوال ڪري ٿي ته ڇو ڪهاڻي ۾ رڳو بادشاهه ڇو آهي؟ راڻي ڇو نه آهي؟ حالانڪه اهو سوال مون کي به پنهنجي ناني سان ان زماني ۾ ڪرڻ گهرجي ها، پر ان دور ۾ ملڪ جو ڪاروهنوار بادشاهه هلائيندا هئا، ان ڪري ڪنهن راڻي جو ذڪر ڪهاڻي ۾ نه هو ۽ نه ئي اڄڪلهه وانگر سياسي پارٽيون ۽ ڪا ناني هئي. البته ٻارن کي تازو هڪ ڪهاڻي ياد ڪري ٻڌايم ته ”هڪ طوطو ۽ ان جي گهرواري طوطِي هڪ سفر تي روانا ٿيا، اڏامندي اڏامندي کين رات ٿيڻ واري هئي ۽ سج لهي رهيو هو، هنن صلاح ڪئي ته هاڻ رات هتي رهي صبح جو باقي سفر ڪجي، پر هنن لاءِ مشڪل مسئلو اهو هو ته اهو علائقو بلڪل هڪ بيابان رڻ پٽ هو ۽ چند سڪل ۽ خشڪ وڻ زمين تي بيٺل هئا ۽ اڳتي جو سفر ڊگهو هئڻ سبب کين مجبورن هڪ سڪل وڻ تي رات گذارڻ لاءِ لهڻو پيو، کين اڃ ۽ بک ضرور لڳي هئي، پر هن رڻ پٽ ۾ سندن لاءِ ڪا شيءِ نه هئي، طوطو ۽ طوطي وڻ تي ويٺا رهيا، پاڻ ۾ ڪچهري به ڪندا رهيا، طوطي پنهنجي گفتگو ۾ طوطي کي چيو ته ”پاڻ پٺيان پنهنجي گهر پنهنجا طوطا ڇڏي آيا آهيون، خير سان هجن“ (هت واضح رهي ته راقم جي هن ڪهاڻي ۾ ذڪر ڪيل طوطي ۽ طوطن جو ناليواري ڪالم (ليکڪ) مائٽ، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر جي طوطن واري خاندان سان ڪو تعلق نه آهي)، وڻ تي ويٺل طوطي حيران ٿي چيو ته خبر نه آ ته ڇو هي سڄو ملڪ رڻ پٽ ۽ بيابان آهي، ڀر ۾ ويٺل سندس زال طوطي کيس جواب ڏنو ته بچي شل طوطن جا پيءُ منهنجو خيال آهي ته هي سڄي نحوست هن ملڪ ۾ ڪنهن نڀاڳي چٻري جي رهائش سبب ٿي آهي، اهو ٻڌي طوطو چپ ٿي ويو، ان وڻ جي ڀر ۾ هڪ ٻئي وڻ تي هڪ چٻرو به ويٺو هو، ان اها ڳالهه ٻولهه ٻڌي ته کيس ڏاڍي ڪاوڙ آئي، پر خاموش رهيو. صبح ٿيڻ شرط چٻرو اڏامي اچي طوطي ۽ طوطي سان مليو ۽ خبرچار پڇي ۽ کين چيو ته اوهان مهمان آهيو، ٻاهران ڪٿان آيا آهيو؟ ان بعد طوطي چٻري کي ٻڌايو ته ها اسان هڪ سفر تي وڃي رهيا آهيون، رات ٿي وئي ۽ هت رهياسين، ان کانپوءِ چٻري کين چيو ته ”رات اوهان پاڻ ۾ گفتگو ڪندي چيو ته هي ملڪ بيابان ۽ رڻ پٽ منهنجي (چٻري) ڪري ٿيو آهي. هاڻي ڏينهن ٿي ويو آهي، اچو ته اوهان کي هتي جي چڱي مڙس سان ملاقات ڪرايان ۽ ڪجهه کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ ڏيان، ان بعد ٽئي اڏامي چڱي مڙس وٽ پهتا، جتي هڪ درٻار لڳل هئي، پهرين طوطي عرف ميان مٺو ۽ طوطي يعني مائي مٺوڙي کاڌو پيتو، ان بعد ڀريل درٻار ۾ اچانڪ چڱي مڙس طرفان اعلان ٿيو ته ڪجهه مهينا اڳ اسان جي ملڪ جي معزز چٻري جي مڱيندي کي هڪ پرديسي طوطو زبردستي اغوا ڪري ويو هو ۽ ان سان پيار جو پرڻو به ڪري ڇڏيو هو. اڄ اسان جي بهادرن ان بدمعاشي طوطي کي گرفتار ڪري هتي پيش ڪيو آهي. اسان پنهنجن بهادرن کي نقد انعام ۽ ترقيون ڏيون ٿا ۽ اها مسمات طوطي پنهنجي معزز چٻري کي سندس گهرواري طور ڏياريون ٿا، جڏهن ته اهو لوفر طوطو ڪارو قرار ڏئي ملڪ بدر ڪرڻ جو حڪم ڏيون ٿا. اهو چئي چڱي مڙس بادشاهه سلامت کي ٻانهن مٿي ڪري چيو (تخليا) اهو ٻڌي طوطو روئيندو ٻاهر آيو.
ان کانپوءِ ٽئي ٻاهر نڪري آيا ته چٻري طوطي کي مخاطب ٿي چيو ته ”ادا طوطا جنهن ملڪ جو بادشاهه اکيون ۽ ڪن هئڻ جي باوجود به پکين ۾ طوطي ۽ چٻري جي جنس سڃاڻي نه سگهي ۽ اهڙا فيصلا ڪري ته پوءِ ملڪ ۾ ڀينگ ٿي ويندي ۽ پوءِ هڪڙو ملڪ ته ڇا پر سڄي دنيا ئي رڻ پٽ ۽ بيابان بڻجي ويندي، ان کانپوءِ چٻري طوطي کي چيو ته ادا هي تنهنجي زال آهي، طوطي شل پاڻ ۾ خوش هجو، باقي هن ملڪ ۾ منهنجو ڪو ڏوهه ڪونهي ۽ نه ئي ڪنهن چٻري جو ڪو قصور آهي، جنهن ملڪ ۾ هن قسم جا فيصلا ٿيندا ته يقينن ان ملڪ جي اهڙي ئي حالت ٿيندي.
اها ڪهاڻي ٻڌي منهنجا ٻار سمهي رهيا. بهرحال هي هئي ناني جي ماضي واري ڪهاڻي، جيڪا اڄ به ساڳي آهي ۽ منهنجو ايڪشن پلان. آئنده جي ڪهاڻي ۽ پلان ڇا هوندو؟ اهو ته وقت ظاهر ڪندو، پر ان ۾ ڪو خاص گهڻو فرق نه هوندو، صرف چهرا ڦرندا، هٿ ڦرندا پر قلم لکڻ وارا ساڳيا ۽ آرڊر حڪم ’ناني‘ وارا ساڳيا هوندا، ٻار صرف ڪهاڻي ٻڌي سمهي ننڊ ڪندا آرام سان!!

(روزاني عبرت)  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو