Saturday, August 20, 2016

مراد علي شاھه صاحب! لاڙڪاڻي جي گھٽين ۾ به اچو ۽ ڏسو….


سيد مراد علي شاھه وڏ وزارت سنڀالڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو حيدرآباد پهتو ته حيدرآباد ۾ صفائي سٿرائي جو ڪم ڪيو ويو، سالن کان پيل گند ڪچرو هٽايو ويو تنهن هوندي به وڏي وزير کي روڊن تي پاڻي بيٺل نظر آيو ۽ اُها صفائي نظر نه آئي جيڪا هئڻ گھرجي ، هي ته اُهي روڊ هئا جن تان وڏي وزير جي گاڏي گذري پئي سگھي باقي شهر جو ڇا حال هوندو اُها حيدرآباد جي رهواسين کي خبر هوندي اِها به چڱي ڳالھه آهي ته وڏو وزير دوري دوران شهر کي گھمي ڏٺو ۽ سندس چوڻ موجب هو پنهنجي مرضي مطابق روٽ سان هلي رهيو آهي ظاهر آهي جيڪڏهن حيدرآباد انتظاميا جي مطابق روٽ تي هلي ها ته کيس حيدرآباد بلڪل صاف سٿرو نظر اچي ها ۽ حيدرآباد جي انتظاميا وڏي محنت ڪش نظر اچي ها ڪراچي جي روڊن تان بيٺل پاڻي ۽ گند ڪچرو هٽائڻ واري مهم کان پوءِ کيس دعوت آهي ته شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي ۾ به اچي ۽ اتان جي بازارن ، گھٽين مان به گھمي ڦري وڃن خاص ڪري شيخ زيد واري رستي تان ضرور گذرن جيڪو بس ٽرمينل ڏانهن وڃي ٿو جنهن رستي سان رتوديرو ، نئو ديرو. ميروخان  ٽرئفڪ وڃي ٿي انهيءِ رستي سان حيدرآباد ۽ ڪراچي لاءِ پڻ گاڏيون وڃن ٿيون هن ئي رستي سان قمبر توڙي شهدادڪوٽ ٽرئفڪ هلي ٿي هن رستي سان اهم آفيسون پڻ آهن ڪمشنر آفيس ، ريڊيو پاڪستان ، پوليس ٽريننگ سينٽر ، ايجوڪيشن آفيسون ، ڪامرس ڪاليج ،  تعليمي بورڊ ، سينٽرل جيل ،  شيخ زيد چلڊرن اسپتال ، شيخ زيد وومن اسپتال وغيره آهن جڏهن ته شهر جي وڏي آبادي رهي ٿي ان کان سواءِ لاڙڪاڻي شهر جا مختلف قديمي محلا جيڪي گندگي جو ڍير بڻيل آهن ، وي آءِ پي روڊ جوحشر ڇا آهي اُهو سڀ ڪجھه اچي پاڻ ڏسي وٺن ته کين خبر پوندي ته شهيدن جي شهر سان ڪهڙو حشر ڪيو ويو آهي سو به ان اقتدار ۾ جيڪو شهيدن جي نالي تي سندن وٽ گذريل 8 سالن کان آهي ظاهر آهي ته 8 سالن جو گند هڪڙي ڏينهن ۾ ته صاف ڪونه ٿيندو نه ئي سندس اقتدار جي ڏيڍ ٻن سالن ۾ صاف ٿيندو اُهو ان ڪري 8 سالن جي اقتدار ۾ پ پ وارا مشرف دور جو گند ئي صاف نه ڪري سگھيا آهن ته وري ڏيڍ ٻن سالن ۾ پنهنجو 8 سالن وارو گند ڪٿان صاف ڪري سگھندا ………
. پر ايترو ته اوهان جي اچڻ سان ڪجھه صفائي سٿرائي ته ٿي  وڃي ٿي سو لاڙڪاڻي جو عوام به اوهان جو منتظر آهي ته ڪڏهن ٿا لاڙڪاڻي اچو ۽ لاڙڪاڻي جي روڊ رستن ، گھٽين مان چڪر لڳايو ………. اصل ۾ ڏسجي ته اِهو ڪم وڏي وزير جو آهي ڪونه…….. پر ڇا ڪجي جو هيٺين انتظاميا جو ناڪاره بڻيل هجي ته پوءِ وڏي وزير کي ئي روڊ ، رستا ڏسڻا پون ٿا ، حقيقت ۾ اسان واري هيٺين انتظاميا کي شاباس هجي جو هنن پنهنجي نااهلي سبب ئي وڏي وزير کي روڊ رستن ۽ گھٽين جا چڪر ته لڳرايا آهن وڏي ادب سان  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه کي گذارش آهي ته سائين ڀل اوهان روڊ رستن تي اچو ۽ جائزي واري جذبي سان ڦوٽو سيشن وارا دورا ڪيو پر اِهو به اصل ۾ انتظامي نا اهلي کي ظاهر ڪري ٿو سنڌ جو وڏو وزير جنهن جو حڪم ئي ڪافي هجي ٿو اُهو پاڻ اچي شهر جي روڊن ، رستن جو جائزو وٺي جيڪو اصل ۾ سينيٽري انسپيڪٽرن ، ٽي او ، ٽي ايم او ، يا هاڻ  ٽائون ، ميونسپل. يوسي چئيرمنن جو ڪم آهي پر اهو اوهان پاڻ ڪري رهيا آهيو……! سائين اوهان جتي به ويندا اتي ٽٽل ڦٽل روڊ به ٺاهيا ويندا ، صفايون سٿرايون به ڪيون وينديون ، روڊن تي بيٺل پاڻي به هٽايو ويندو پر اِهو ڪو ڪمال ناهي ۽ نه ئي ڪو وڏو ڪم آهي …………….! ڪمال ۽ وڏو ڪم تڏهن چئبو جڏهن اوهان نه به اچو ته اوهان جي حڪمن تي عمل ٿئي هيٺين انتظاميا متحرڪ هجي ٽي ايم او ، ٽي او ، اسسٽنٽ ڪمشنر پاڻ به بيهي شهرن جي صفائي ڪرائين ۽ عوام جي خدمت جا فرض نڀائن پر ائين ٿيندو ڪونه ڇو ته ٽي ايم او ۽ اي سي گڏجي ملازمن جي پگھارن ۾ ڪٽوتيون ڪندا ۽ کين اڻپوريون پگھارون ڏيندا ته پوءِ صفائي سٿرائي ڪٿان ڪرائي سگھندا.
خير اسان کي خام خيالي مان نڪرڻ گھرجي وري به اوهان جي بهتري واري سوچ تي اميد رکڻ گھرجي ۽ اميد آهي ته اوهان لاڙڪاڻي ايندا ۽ لاڙڪاڻي جون گهٽيون روڊ رستا گھمندا ، حالت پاڻ ڏسندا ته لاڙڪاڻو شهيدن جو شهر آهي  ۽ شهيدن جي پارٽي کي هر دور ۾ ووٽ ڏيندڙن جو شهر آهي يا مخالفن جو شهر آهي ……..! سچ ته اِهو آهي ته لاڙڪاڻي جو عوام اِهو سوچي رهيو آهي ته کين ڪهڙي ڏوھه جي سزا ڏني پئي وڃي جڏهن ته ووٽ به پ پ کي ڏين ٿا ۽ حڪومت به پ پ جي آهي هتان ڪوبه مخالف ايم پي اي ، ايم اين اي به ناهي … هاڻي ته وري مئير ، ضلعي چئيرمين ، ميونسپل ، ٽائون ، يوسي چئيرمين به اڪثريتي پ پ جا هوندا ان هوندي به عوام ٻٽي عذاب ۾ ڦاٿل ڇو آهن جو انهن کي صفائي سٿرائي به مهيا ڪندڙ مڪاني ادارا به فائدو نٿا ڏئي سگھن اُهي به وڏيرن حوالي آهن.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو