Saturday, August 20, 2016

ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جي انتها!


انڊيا جي گاديءَ واري هنڌ نئين دهليءَ کان سرينگر تائين سياسي حلقن جو گوڙ پنهنجي جاءِ تي پر ڪشمير ۾ ڪيترن ئي هفتن کان جاري هند مخالف احتجاجي تحريڪ هر نئين موت سان شديد ٿيندي پئي وڃي. مظاهرن جو زور ٽوڙڻ جي لاءِ پهرين ئي مسلسل ڪرفيو، فون ۽ انٽرنيٽ رابطن تي پابندي ۽ رات پيٽ ۾ شهرين کي حراسان ڪرڻ جون ڪارروايون جاري آهن پر اربع ڏينهن کان رات جو به ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل جي سپلاءِ روڪي وئي آهي. جڏهن ته کير، سبزيون ۽ ٻيون غذائي جنسون کڻي ايندڙ گاڏين کي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت به نه پئي ڏني وڃي.
موت جو تازو واقعو اربع جي شام ڏاکڻي ڳوٺ کهريو شار ۾ پيش آيو. مقامي رهواسين مطابق فوجي اهلڪارن رات جو ڳوٺ تي حملو ڪري ڪيترن ئي نوجوانن کي گرفتار ڪري ڪئمپ ۾ قيد ڪيو آهي. رات جو انهن نوجوانن تي جسماني تشدد ڪيو ويو، جنهن دوران 30 ساله ليڪچرار شبير احمد اجل جو شڪار بڻيو آهي. خميس جي صبح جڏهن شبير جو مڙهه کهريو پهچايو ويو ته اُتي ڪهرام مچي ويو.
ان کان اڳ 14 ۽ 15 آگسٽ تي سخت ترين ڪرفيو دوران مظاهرين تي فائرنگ جي واقعن ۾ 6 نوجوان مارجي ويا هئا.
واضح رهي ته 8 جولاءِ تي هٿياربند ڪمانڊر برهان واني جي پوليس آپريشن ۾ مارجڻ کانپوءِ واديءَ ۾ هند مخالف احتجاجي لهر ڦهلجي وئي هئي. ان تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ فوجي ڪاررواين ۾ هينئر تائين 66 ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته  5000 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن، جن مان 500 ماڻهو، اکين ۽ ٻين جسماني عضون ۾ لوهه جا ڇرا يا پيليٽس لڳڻ سبب بينائيءَ کان محروم ٿي ويا آهن.
انڊين پارليمان ۾ ڪشمير جي صورتحال تي بحث ٿيو آهي. پارلياماني اجلاس کانپوءِ انڊيا جي وزيراعظم نريندر موديءَ گذريل هفتي نئين دهليءَ ۾ ڪشمير جي صورتحال متعلق ڪُل جماعتي اجلاس جي صدارت ڪئي پر ان اجلاس ۾ محض ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ڪشمير ۾ ’قوم دشمن سرگرمين“ کي برداشت نه ڪيو ويندو.
15 آگسٽ تي انڊيا جي يوم آزادي جي موقعي تي نريندر مودي تاريخي لال قلعي مان خطاب ڪندي پاڪستاني صوبي بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو ذڪر ڪري ڪشمير جي صورتحال کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ ڪشمير ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر عبدالله پاران ٻين مخالف گروپن سان گڏجي فوتين جي عدالتي تحقيقات جو مطالبو ڪندي، انڊين صدر پرناب مکرجي سان ملاقات جو اعلان ڪيو آهي پر ان سياسي سرگرمين جو زميني صورتحال تي ڪو به اثر مرتب ناهي ٿيو. مبصر چون ٿا ته نريندر مودي ۽ مقامي وزير اعليٰ محبوبه مفتي هينئر تائين جيڪي به بيان ڏنا آهن، انهن سان عوامي غم ۽ غصي ۾ اضافو ئي ٿيندو پيو وڃي. مثال طور 15 آگسٽ تي محبوبه مفتي پاران انڊيا زنده آباد جو نعرو هڻي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن کي اپيل ڪئي ته ”بندوق ۽ تشدد سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.“ معاشي ماهر اعجاز ايوب چوي ٿو ته ”انهن بيانن مان لڳي ٿو ته حڪومت حالتن کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ سياسي کان وڌيڪ فوجي وسيلن کي استعمال ڪرڻ ڪرڻ چاهي ٿي.“ واضح رهي ته خميس ڏينهن ڏکڻ ڪشمير ۾ واقع هندوئن جي مقدس امرناٿ گپا جو 48 هون عرس پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو. ياترين جي حفاظت تي 10 هزار نيم فوجي اهلڪار مقرر هئا، ياترا ڊيوٽي کان فارغ ٿيڻ بعد ان فورس کي شهرن، ڳوٺن ۽ حساس هنڌن ۾ اضافي طور مقرر ڪيو پيو وڃي.ان کان اڳ چار هزار اهلڪارن جو اضافي دستو نئين دهلي کان ڪشمير پهچي چڪو آهي. ڪشمير ۾ ڏيڍ لک پوليس اهلڪار، 60000 سي آر پي ايف ۽ ٻي فورسز جا اهلڪار اڳ ۾ ئي هند مخالفن سان مهاڏو اٽڪائي رهيا آهن.
اڳوڻن شدت پسندن تي مشتمل غير مستقل هٿياربند اهلڪارن جو تعداد به 30000 هزار آهي، جڏهن ته رياست جي ڳوٺن ۽ سرحدن تي پنج لک ڀارتي فوج تعينات آهي.
محقق ۽ ڪالم نويس ياسر مير چوي ٿو ته ”ڪجهه مهينن ۾ اترپرديش ۽ ٻين رياستن ۾ چونڊون ٿيڻ واريون آهن، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت ڪشمير جي حوالي سان سياسي رعايت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ۽ مقامي وزيراعليٰ محبوبه مفتي به پنهنجي سياسي مجبورين باعث مودي کان رعايت جو مطالبو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. اهڙي صورتحال ۾ اسان کي خدشو آهي ته عوامي تحريڪ کي دٻائڻ جي لاءِ هڪ ڀرپور ڪريڪ ڊائون ٿيندو.“ واضح رهي ته ڪشمير ۾ گذريل 27 سالن دوران حڪومت هند جي پاليسي رهي آهي ته هن کي مخمل جي دستاني ۾ فولادي هٿ سان تعبير ڪيو ويندو آهي. يعني وڌيڪ سخت گير عنصر کي قيد ڪيو وڃي ۽ اعتدال پسندن سان ڳالهين جو اهڙو سلسلو شروع ڪيو وڃي، جنهن جو ڪو به واضح نتيجو نه نڪري سگهي.
ياسر مير چوي ٿو ”هن ڀيري مودي سرڪار مخمل جي دستاني کي اڇلائي ڇڏيو آهي ۽ صورتحال سان منهن ڏيڻ جي لاءِ دهلي جو فولادي هٿ واضح ٿي ويو آهي. “
(روزاني عبرت)  

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو