Saturday, August 20, 2016

وال پــــيــــپـــــــر ؛13 لک ڇِرا هڻي آزاديءَ جي ڪشمير هلچل دٻائڻ جا ڀارتي جتن


گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مُون ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ بي گناهه ماڻهن جي مارڻ جي نندا ڪندي اتي وڌيڪ تشدد روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. اها خاطري هُن وزيراعظم ميان محمد نواز شريف پاران ڏانهنس موڪليل ان خط جي جواب ۾ چئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي وزيراعظم والاريل ڪشمير جي معاملي کي گڏيل قومن جي ٺهرائن آهر حل ڪرڻ ۽ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران بي انتها ظلمن کي روڪڻ لاءِ سندس ڪردار جي ادائگيءَ جي اپيل ڪئي
بان ڪي مُون ٻنهي ملڪن تي زور ڀريو آهي ته ڪشمير مامري جي امن ڀرئي حل ۽ خطي ۾ امن واسطي ٻئي ملڪ پاڻ ۾ ڳالهيون ڪن.  بان ڪي مون پنهنجي جوابي خط ۾ وزيراعظم ميان نواز شريف جي انهن قدمن جي ساراهه ڪئي جيڪي خطي ۾ امن واسطي هو کڻي رهيو آهي. هن اها پڻ خواهش ڏيکاري ته گڏيل قومن جي ايندڙ اجلاس ۾ ساڻس ملاقات ڀيري انهن سمورن معاملن تي پڻ ڳالهايو ويندو.
ڪشمير واديءَ ۾ 8 جولاءِ تي حريت پسند ڪمانڊر مظفر واني جي قتل خلاف احتجاج ۽ ٿيندڙ مظاهرن کي ڪچلڻ لاءِ ڀارتي فوج بي لغام تشدد ڪري رهي آهي، جنهن کي ڪابه جهل ۽ روڪ نظر نه ٿي اچي. گذريل 42 ڏينهن کان ڄمون ڪشمير ۾ ڪرفيو نافذ آهي، 70 کان مٿي ڪشميري قتل ۽ هزارين ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن، انهن ۾ مظاهرا ڪندڙ سوين احتجاجي پڻ گرفتار ڪيا ويا آهن.
ڀارتي سرڪار ڄمون ڪشمير ۾ جيڪي ڪجهه ڪري رهي آهي ان کي پنهنجي ملڪ جو اندروني معاملو سڏي رهي آهي. ايستائين جو ماڻهن کي مارڻ لاءِ تشدد کي ڪتب آڻڻ به هنن لاءِ ”اندروني مامرو“ آهي.
ڀارت جي نامياري اخبار ”هندو“ ڪالهه اها رپورٽ جاري ڪئي آهي، جيڪا ڀارت جي ”پاڇي پوليس“ (رزروِ پوليس) جي آءِ جي  پاران ڄمُون ڪشمير هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي آهي. ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل 32 ڏينهن ۾ 8  جولاءِ کان 11 آگسٽ جي 32 ڏينهن ۾ 3500 ڪارتوس ڪتب اندا جنهن ۾ 13 لک ڇِرا هيا. ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مظاهرو ڪندڙ 400 ڄڻن جي اکين ۾ اهي ڇِرا هنيا ويا ۽ انهن وٽ قانون هٿ ۾ کڻندڙن سان اهو ئي طريقو هيو. هن رپورٽ ۾ چيو آهي ته 2010ع ۾ به مظاهرو ڪندڙن خلاف ”پمپ ايڪشن گن“ وسيلي اهي ئي ڪارتوس ڪتب آڻي ٺاپر ڪئي وئي هئي. جي اهو هٿير هٽايو ويندو ته ماڻهو به گهڻا مرندا ۽ سڪون واري فضا به قائم ٿي نه سگهندي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واديءَ ۾ امن واسطي 14 قسمن جا هٿيار ڪتب آندا پيا وڃن، جنهن ۾ ڳاڙها مرچ مليل دستي بم، مرچائي بال، بجليءَ جا شيل شامل آهن. جڏهن ته مظاهرو ڪندڙن کي اڳتي وڌڻ ۽ ٽڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ 8650 ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا ڪتب آندا ويا. جڏهن ته فولادي گولين بدران 2671 پلاسٽڪ گوليون پڻ استعمال ڪيون ويون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪوشش ڪري اهي سمورا هٿيار مظاهرو ڪندڙن جي چيلهه کان هيٺ نشانو وٺي هلايا ويا.
اها رپورٽ جيڪا ڀارتي پوليس اداري پاران عدالت ۾ پيش ڪرڻ سبب ان جي درست يا غلط هجڻ وارو سوال پاڻمرادو ختم ٿي ويو آهي ۽ ان سان گڏ ڀارتي سرڪار جي عوام دشمن روئي جا سڀ شاهڪار سامهون اچي ويا آهن.
سڄي دنيا جي عوام کي ڄمون ڪشمير جي عوام سان ٿيندڙ انسان سوز ظلمن خلاف آواز بلند ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي ڀارت تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي ته جيئن اهي سمورا ظلم بند ٿي سگهن. ڀارت جي سرڪار کي ان غيرانساني روئي، ڪتب آندل جنوني طريقن ۽ پنهنجا حق گهرندڙن خلاف خطرناڪ ايڪشن کي نه رڳو بند ڪرڻ گهرجي پر ڄمون واديءَ ۾ انسانن کي پنهنجي گهرن توڙي شهرن ۾ آزاد فضا ۾ رهڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو