Sunday, August 7, 2016

نصيحت ڀريون ڳالهيون؛ “نماز تنهنجي خالق سان تنهنجي اهم رابطي جو سبب آهي،...”


چار نصيحتون
اي منهنجا فرزند! نماز پڙهه، نيڪين جو حڪم ڏي، براين کان منع ڪر، ان رستي۾ جيڪي مصيبتون۽ پريشانيون اچن ان تي صبر ڪر، اهو وڏ ن ڪمن منجھان آهي.
الله جي معرفت قيامت جي ياد سڀني عقيدن جو بنياد آهي. حضرت لقمان بنيادن کي مضبوط محڪم ڪرڻ کان پوء وڌيڪ اهم عمل يعني نماز جي مسئلي کي پيش ڪندي پنهنجي فرزند کي چيو، پٽ نماز کي قائم رک.
نماز اهميت وارو عمل
اي پٽ نماز کي قائم ڪر... ڇو جو نماز تنهنجي خالق سان تنهنجي اهم رابطي جو سبب آهي، نماز دل کي سجاڳ، روح کي صاف شفاف ۽ زندگي کي روشن ڪندي آهي، نماز گناهن جي اثر کي ڌوئي صاف ڪري ڇڏيندي آهي،  نماز ايمان جي نور کي روشن ڪري ٿي، انسان کي براين کان
روڪي ٿي.
جيئن ته قرآن۾ الله سائينءَ جو ارشاد آهي: ...
نماز کي قائم ڪر، بيشڪ نماز براين ۽ بڇڙاين کان روڪڻ واري آهي. نماز۾ ٻن قسمن جون چڱايون پاتيون وڃن ٿيون، هڪ هي ته براين کان روڪڻ واري آهي ٻيو الله سائينءَ جو ذڪر به آهي، ذڪرِ خدا بهرحال هڪ وڏي شي آهي. مقصد هي آهي ته انسان۾ برائي نه به هجي بلڪه برائي جو امڪان
به نه هجي، تڏهن به ان کي نماز قائم ڪرڻ گھرجي، ڇو جو نماز الله جو ذڪر آهي نماز کان مٿي ٻي ڪابه شي نه آهي. 53
اڪثر ماڻهو هي سوال ڪن ٿا ته اسان کي خبر نه آهي جو اسان جون نمازون الله جي بارگاهه۾ قبول پيون آهن يا نه؟! ان جو جواب هڪڙي روايت۾ موجود آهي، امام صادق رضه فرمائن ٿا: جيڪڏهن ڪنهن کي ڏسڻو هجي ته ان جون نمازون قبول پيون آهن يا نه؟ ته پو اهوڏسي ته ان جون نمازون ان کي گناهن کان روڪن ٿيون يا نه؟ جيترو هو گناهن کان پري ٿيو آهي اوتري مقدار۾ ان جون نمازون قبول پيون آهن.
رسول خدا صه فرمايو: سڀ کان بهترين عمل اوّل وقت تي نماز پڙهڻ آهي، جيڪڏهن نماز قبول پئي ته پوء ٻيا عمل به قبول  ٿيندا.
نماز ڪنهن به حالت معاف ڪونهي، ابوثمامه ميراوي عاشور جي ڏينهن حضرت امام حسين  جي خدمت۾ حاضر ٿيو۽ عرض ڪيائين: مولا آئون توهان تي قربان وڃان، منهنجي دل چاهي ٿي  ته نماز توهان جي پويان پڙهان پوء شهيد ٿي وڃان، حضرت امام حسين  فرمايو
تو نماز کي ياد ڪيو، الله سائين تو کي نمازين مان قرارڏئي ڇڏيو.
حضرت لقمان پنهنجي پٽ کي نماز جي نصيحت ڪئي، پيغمبر اڪرم  فرمايو
جڏهن توهان جا ٻار ستن سالن جا ٿي وڃن ته انهن کي نماز جو حڪم ڪريو جڏهن هو نون سالن جا ٿي وڃن نمازنه پڙهن ته انهن کي تنبيهه  ڪريو، جڏهن ٻارهن سالن جاٿي وڃن ته انهن کي جدا سمهاريو.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو