Sunday, August 14, 2016

پاڪستان ۾ سنڌ جو مَقام


آغا نور محمد پٺاڻ
اسين جڏهن پنجاب گھمڻ وياسون. لاهور، گجرات، گجرانوالا، فيصل آباد ۽ سيالڪوٽ ڏٺو سون ته سنڌ ڏاڍي ياد آئي. لاهور ته اسان کي ائين لڳو ڄڻ يورپ جو شهر آهي. اهڙو ئي حال فيصل آباد، گجرات ۽ سيالڪوٽ ۾ نظر آيو. ڏکڻ پنجاب جنهن کي اسان سرائڪي علائقو به چئون ٿا جنهن لاءِ اهو مشهور آهي ته اتي ايتري ترقي ڪانهي پر اسان جڏهن ملتان وياسون ته ڏاڍي حيرت ٿي. جنهن ملتان جي باري ۾ اهو مشهور هيو ته ”گرد، گرما، گداوگورستان“ وارو شهر آهي. يعني اتي مٽي، گرمي، پينو فقير ۽ قبرستان گھڻا آهن پر هاڻي اهو پڪن رستن، روڊن، خوبصورت عمارتن ۽ فلاءِ اوور پُلن ۽ ميٽرو بسن جو شهر نظر آيو. ان کان علاوه ملتان سان گڏ بهاولپر، رحيم يار خان، صادق آباد جي حالت به تمام سڌريل نظر آئي. صادق آباد ۽ رحيم يار خان جا شهر لاڙڪاڻي ۽ سکر کان بهتر نظر آيا.
وري اسان خيبر پختون خواهه جو دؤرو ڪيو سون ته پشاور ته صاف سٿرو شهر نظر آيو پر ايبٽ آباد، مانسره، بالاڪوٽ، ڪوهاٽ، مينگوره، مردان به صاف سٿرا شهر نظر آيا، سوال اهو آهي ته جيڪا حڪومت شهرن جو ڪچرو صاف نٿي ڪري سگھي ته باقي ٻيو ڪهڙو ڪم ڪندي. ان ۾ ڪهڙي اميد ڪري سگھجي ٿي.
خيبر پختون خواهه ته هاڻي ٽوئرزم مان به ڪروڙين ۽ اربين روپيه ڪمائي رهيو آهي. هن سال جي تعداد ۾ سموري ملڪ سياح سوات، مانسره، بالاڪوٽ ناران، ڪاغان، سيف الملوڪ گھمڻ لاءِ آيا. اوهان اندازو لڳايو ته ڪيڏو نه انهن ڪمايو هوندو. ان جي مقابلي ۾ اسان وٽ، منڇر، ڪينجهر ۽ ٻين ڍنڍن جو ڪهڙو حال آهي، گورک ڪيتري ترقي ڪئي آهي؟؟؟
دنيا جي سڀ کان وڏي قلعي رني ڪوٽ ڪيتري ترقي ڪئي آهي؟؟؟
جڏهن اسان چين وياسون ته اسان انهن جي دانشورن، صحافين کي ديوار سنڌ چئي فوٽو ڏيکاريوسون ۽ انهن کي ديوار چين سان مشابهت ۽ مماثلت ڏسي ڏاڍي حيراني ٿي.
اڳي اسان وٽ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جا شهر ترقي يافته شهر پوري سنڌ ۾ مشهور هيا پر هاڻي اهي گند ۽ ڪچري جي ڍيرن جا شهر نظر اچن ٿا. بارش جي موسم جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. جو جيڪو شهر ڪنهن زماني ۾ پاڻي ۾ ڌوپجندو هيو اتي هڪ ڏينهن جي بارش جي ڪري گھٽي گھٽيءَ ۾ پاڻيءَ جا تلاءَ بڻجي وڃن ٿا ۽ انهن جي نيڪال جو ڪو نظام ڪونهي ۽ نه وري ڪنهن جو توجه آهي. اسانجو اڳيون وزير اعليٰ به صفائي جون تاريخون ڏيندو هليو ويو پر صفائي نه ٿي. اسانجي مقابلي ۾ پاڙيسري صوبن ۾ صفائيءَ جو ڪم ڏاڍو بهتر آهي. امن امان جي صورتحال تي گفتگو ڪرڻ اجائي آهي. چون ٿا ته ٽارگيٽ ڪلنگ کي گھٽايو ويو آهي پر اسٽريٽ ڪرائيم اڳي کان چؤنڻو وڌي ويو آهي. ڪراچيءَ ۾ بسن ۾ سفر ڪندڙ مسافر وڏي ويل ۾ آهن. ۽ ڳليءَ ۾ گھمندڙ ڪاٽڪو، چور ۽ ڌاڙيل پنهنجون ڪاروايون جاري رکندا ٿا اچن. اسانجي هڪڙي دوست جيڪو خود صحافي به آهي. ان کان گلستان جوهر جي ٿاڻي جي سامهون موبائل فون جي ڦر ڪئي وئي، اِهو ڪراچي جو حال آهي. باقي حيدرآباد، شڪارپور، جيڪب آباد، مورو، نوشهروفيروز، لاڙڪاڻو، دادو، خيرپور، سانگهڙ، بدين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. اتان جا رهواسي ٻڌائين ٿا ته اهي شهر گند جا ڍير ٿي ويا آهن. ميرپورخاص ۾ اسان گوشت مارڪيٽ ۾ گوشت وٺڻ وياسي ته اتي گوشت مارڪيٽ ۾ گٽرن جو پاڻي وهندي نظر آيو، هاڻي گوشت وڪڻندڙ ڪاسائين مارڪيٽ کي ڇڏي محلن ۽ گھٽين ۾ جانور ذبح ڪري گوشت وڪڻي رهيا آهن، اهو ئي حال ٻين شهرن جو آهي. ڪٿي به ڪو روڊ رستو صحيح ٺهيل ڪونهي. چون ٿا ته بلدياتي عملو فقط مفت ۾ پگھارون کڻي ٿو. اڃا تائين اهو نظام بحال نه ٿي سگھيو آهي. نه ڪو چيئرمين آهي، نه ڪو ضلعي ناظم. اها ذميداري ڊپٽي ڪمشنرن کي ڏني وئي آهي. جيڪي نٿا نباهي سگھن.
اچو ته هڪ قدم پوئتي هلون، ”هن ڌرتيءَ جي گولي تي“ آمريڪا ۽ يورپ به آهن. اهي نه رڳو ترقي يافته آهن پر سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ عام زندگيءَ جي بهتر معيار کي اڃا به وڌيڪ ترقي ڏيارڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهن.
ٻيو روس آهي جيڪو تيل ۽ گئس جي پيداوار سبب تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي. ان کانپوءِ اسين چين، جپان، ڪوريا، ملائشيا ۽ سنگاپور کي ڏسون ٿا جيڪي پڻ پنهنجي عوام جي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. ايتري حد تائين جو برازيل، ميڪسيڪو ۽ ترڪي به تيزيءَ سان اڳتي وڌي چڪا آهن.
”هن ڌرتيءَ جي گولي تي موجود سنڌ“ کي ويجهڙائي کان ڏسون ٿا ته دنيا ئي ٻي نظر اچي ٿي. اسان جو پاڙيسري ڀارت آهي جنهن ۾ به بي انتها غربت آهي ۽ عوام ڪيترين ئي پريشانين جو شڪار آهي پر ان جي اوسر جي رفتار مان خبر پوي ٿي ته اهو ملڪ به ويجهي مستقبل ۾ اسريل ملڪن ۾ شمار ٿيڻ لڳندو. اسان جي سامهون عرب ملڪ آهن جيڪي تيل جي دولت سان مالا مال آهن. کين هن وقت تمام گھڻيون آسانيون ته آهن ۽ ترقي يافته دنيا جي هر سهولت ميسر آهي پر عدم استحڪام،جنگين ۽ تباهين جو شڪار آهن.
ان گولي جو سفر ڪندا جڏهن اسين پاڪستان پهچون ٿا ته اسان کي ڪراچي. لاهور ۽ اسلام آباد جي شڪل ۾ ڪي قدر ترقي نظر اچي ٿي پر هتي به عدم استحڪام، اندروني ۽ بيروني جنگين سبب پريشانيون نظر اچن ٿيون.
گھمندا ڦرندا جڏهن سنڌ پهچون ٿا ته رڳو 20 سيڪڙو ماڻهن کي ڪجھ سهولتون مليل نظر اچن ٿيون. جڏهن ته 80 سيڪڙو ماڻهون انتهائي غربت واري حالت ۾ نظر اچن ٿا. ڇا سنڌ جو مستقبل ۾ ڪو مقام آهي؟ هاڻي تازو سائين سيد مراد علي شاه صاحب سنڌ جو وڏو وزير منتخب ٿيو آهي ۽ سندس جذبو ۽ محنت قابل قدر آهي شايد اميد ڪري سگھجي ٿي ته سائين پنهنجي خداداد صلاحيتين سان سنڌ جي صورتحال کي ڪجھ سڌاري پر سوال آهي ته ڇا دبئي ۾ ويٺل اسانجا اصل حڪمران ان کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏيندا؟ جيڪڏهن سائينءَ کي ڇهه مهينا به آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ته شايد هو ڪجھ ٻوٽو ٻاري سگھندو ۽ سنڌ جي صورتحال ڪجھ سگهاري ٿيندي. سڀ کان پهريائين سنڌ ۾ ڪرپشن جو خاتمو ٿيڻ کپي ۽ فيصلا ميرٽ تي ٿيڻ کپن. خاص طور تي تعليم، صحت ۽ زراعت جي شعبن ۾ ترجيحي بنيادن تي ڪم ٿيڻ کپي. ان کانپوءِ پوليس جو شعبو خيبر پختونخواهه وانگر سياسي مفادات کان آزاد هئڻ کپي.
شال اسانجو سائين مراد علي شاهه جيڪو خود هڪ باهمت پيءُ جو بهادر فرزند آهي هن صوبي لاءِ ڪجھ تاريخ ٺاهي سگھي هونءَ به سائين چئي ٿو ته قول کان وڌيڪ فعل اهميت وارو هوندو آهي. اسانجي دعا آهي ته سائين مراد علي شاهه مرادون ماڻي.
(روزاني عوامي آواز)   

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو