رينجرز اختيارن واري معاملي تي ڊگهي عرصي کان وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ۾ هلندڙ سرد جنگ هاڻي گرم جنگ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. جيتوڻيڪ رينجرز جي اختيارن جو مدو ختم ٿيڻ بعد هر ڀيري سنڌ ۽ وفاقي سرڪار ۾ ”تون ڇا مان ڇا“ ٿيڻ ته پراڻي ڳالهه آهي ۽ اسان کي هر ڀيري الزام تراشي وارو ميدان گرم نظر ايندو آهي، پر اڳتي هلي معاملا صحيح ٿي ويندا آهن ۽ ساڳين اختيارن وارو مدو وڌي ويندو آهي، پر هن ڀيري وارو طوفان ڪجهه تيز نظر اچي رهيو آهي. هڪڙي وڏي وزير فائل اڌ ۾ ڇڏي، نئين وڏي وزير جي حوالي ڪيو ۽ نئين وڏي وزير ان سمري تي صحيح ته ڪري ڇڏي، پر وفاق ان کي اڻپورو ۽ محدود قرار ڏئي منظور ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ وفاقي گهرو وزارت جو مؤقف اهو آهي ته ”سنڌ حڪومت جي سمري آرٽيڪل 147 تحت ناهي، رينجرز کي صرف ڪراچي تائين محدود ڪيو ويو آهي....“ چيو پيو وڃي ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ حڪومت واري سمري جو قانوني توڙي آئيني حوالي سان ڏاڍو ”باريڪ بيني“ سان جائزو ورتو ويو، جنهن کانپوءِ اها ڳالهه محسوس ڪئي وئي ته هي سمري ان ”شڪل و صورت“ واري هرگز به ناهي جنهن جو خاڪو وفاقي گهرو وزارت جوڙي ڏنو هو يا وري هن جي ذهن ۾ هو. سياسي ذريعا هن پٺيان اصل ڪهاڻي اها ٻڌائين ٿا ته وفاقي سرڪار رينجرز جي اختيارن کي صرف ڪراچي تائين محدود رکڻ بدران سڄي سنڌ تائين ڦهلائڻ جي خواهشمند هئي، جيڪا خواهش سنڌ حڪومت پوري نه ڪئي ۽ هن ساڳئي پراڻي دائري کي ئي اوڪي ڪيو، جيڪو طئي ٿيل هو. بهرحال ان معاملي تي بحث مباحثي ۽ الزام تراشين جو هڪ طوفان برپا آهي، جيڪو چئني ڪنڊن ۾ گردش ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ صوبائي صلاحڪار سعيد غني جو چوڻ آهي ته چوڌري نثار وائسراءِ بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪري، اي پي سي ۽ اسيمبلي فيصلي جي روح موجب رينجرز کي اختيار ڏنا آهن، رينجرز کي خاص اختيار ڏيڻ چوڌري نثار نه پر سنڌ حڪومت جو اختيار آهي. سعيد غني جي ان ڳالهه کي وري چوڌري اعتزاز احسن هٿي وٺرائيندي چيو آهي ته آئيني طور وفاق صوبي ۾ رينجرز کي اختيار ڏئي ئي نه ٿو سگهي. رينجرز هجي يا ڪو ٻيو ادارو اهو صوبائي حڪومت جي ماتحت هوندو آهي.
حڪومت 18هين ترميم تحت صوبائي خودمختياري چئلينج نه ٿي ڪري سگهي. چوڌري اعتزاز احسن جو اهو به چوڻ آهي ته وفاق جي ڪجهه ماڻهن رينجرز اختيارن کي ذاتي معاملو بڻائي ڇڏيو آهي. آرٽيڪل 147 سان وفاق ٽڪرائي ٿو ته اها آئين جي خلاف ورزي آهي.
ٻئي پاسي قانون بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب جو وري اهو چوڻ آهي ته رينجرز کي رڳو سنڌ ڇو سڄي ملڪ ۾ اختيار ڏنا وڃن، جوابدار ڪراچي مان ٻين علائقن سان گڏ ٻين صوبن ۾ به وڃي سگهن ٿا..... هن وفاقي گهرو وزير اڳيان هڪ سوال به اڇليو آهي ته وفاقي گهرو وزير ٻڌائي ته رينجرز کي اڳ ڪهڙي آرٽيڪل تحت سڏايو ويو هو؟ سُڌ سماءَ واري صوبائي وزير مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته چوڌري نثار ملڪ ۾ ٽڪراءَ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، ڪنهن جي فرمائش تي رينجرز کي سڄي سنڌ ۾ ڪارروائين جا اختيار نه ٿا ڏئي سگهجن. رينجرز کي سڄي سنڌ ۾ آپريشن جو اختيار ڏئي، سنڌ حڪومت جي رٽ ختم ڪئي پئي وڃي؟
بهرحال هر پاسي کان رينجرز معاملي تي بيانن جي ڌُم متل آهي. ان سلسلي ۾ وفاقي سرڪار طرفان جيتوڻيڪ اهڙو بيان اڃا تائين سامهون نه آيو آهي، جنهن کي مٿي ڏنل بيانن جو جواب سمجهجي، پر ان جو جواب نه ايندو، اهو به ممڪن نه ٿو لڳي. هن وقت تائين شايد ٻئي ڪنهن جو نه به پر چوڌري نثار جو جواب ضرورت اچي چڪو هوندو.
رينجرز جنهن کي ڪراچي آپريشن لاءِ خاص اختيار ڏنا ويا هئا ۽ اها حقيقت آهي ته ان آپريشن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ ڪافي حد تائين امن پڻ قائم ٿيو آهي. آپريشن کان اڳ جيڪا اتي دهشتگردي، ڀتاخوري، اسٽريٽ ڪرائيمز جي حالت هئي، ان کان اسين سڀ واقف آهيون. اهڙو هڪ ڏينهن به نه هوندو هو، جنهن تي ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو واقعو نه ٿئي، اٺ ڏهه ماڻهو مارجڻ ته روز جو معمول هو، پر ڪڏهن ڪڏهن اهو انگ چاليهه پنجاهه تي به پهچندو هو، جنهن کي تڏهوڪي سرڪار اهو جواز ڏئي جسٽيفاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته ڪراچي ۾ ڪروڙين ماڻهو رهن ٿا ۽ جتي ڪروڙين ماڻهو رهندا هجن اتي ڏهه ٻارنهن ماڻهو روز مارجڻ ڪو وڏو مسئلو ناهي، هرو ڀرو ميڊيا ان کي اشو بڻايو آهي! رڳو ايترو ئي نه پر ان لاءِ باقي سڄي سنڌ جا مثال ڏنا ويندا هئا ته سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ واقعن کي انگن اکرن ملائي سلائي ڏسبو ته ايترا قتل ضرور ٿين ٿا، جيترا ڪراچي ۾ ٿين ٿا، ان ڪري گهٻرائڻ جي ڳالهه ناهي، هي ذاتي دشمنين ۾ ماڻهو مارجي رهيا آهن.... اهو مثال ڏيڻ وقت ان حقيقت جو قطعي به خيال نه رکيو ويندو هو ته هي سڀ ڪجهه انتظامي نااهلي جو ثبوت آهي ۽ هي ڳالهه ڪرڻ جو ٻيو مطلب پنهنجا عيب پاڻ اگهاڙا ڪرڻ ئي آهي. بهرحال هڪڙو دور هو جيڪو گذري ويو. ڪراچي آپريشن جي نتيجي ۾ اتي صورتحال ڪافي حد تائين بهتر ٿي آهي، واقعن ۾ به وڏي حد تائين گهٽتائي آئي آهي، پر اڃا حالتن کي مڪمل طور تي پرامن نه ٿو چئي سگهجي. اڃا به دهشتگرد موقعو ملندي پنهنجون وارداتون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا، جنهن جو تازو مثال مشهور قوال امجد صابري جو قتل، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پٽ جو ڏينهن ڏٺي جو سرعام اغوا ٿيڻ ۽ فورسز جي گاڏي مٿان حملو ۽ ٻيا واقعا آهن. بهرحال ڪراچي ۾ ته امن امان جي مڪمل طرح قيام تائين آپريشن جو سلسلو جاري رکڻ جي ضرورت آهي، اها عوام جي به خواهش آهي، باقي آپريشن جو اهو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌائڻ ۽ سڄي سنڌ لاءِ اختيار ملڻ هڪ الڳ معاملو آهي، جنهن تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي گڏجي ويهي صلاح مشورو ڪرڻ گهرجي. وفاق کي اها حقيقت سمجهڻ کپي ته 18هين ترميم کانپوءِ معاملا گهڻا تبديل ٿي ويا آهن. هاڻي صوبن کي اڳ جيان آڱر جي اشاري سان هلائي نه ٿو سگهجي. رينجرز واري معاملي تي وفاقي سرڪار جو طرز انداز ۽ رويو انتهائي جذباتي قسم جو آهي، جيڪو معاملي کي وڌيڪ منجهائي رهيو آهي. هي نج قانوني ۽ انتظامي معاملو آهي، جنهن کي گڏجي ويهي حل ڪري سگهجي ٿو، ان کي ميڊيا تي ”ڏي سوال ۽ وٺ جواب“ وارو اشو نه بڻائڻ کپي.
هي معاملي ۾ بهتر ائين ئي ٿيندو ته صورتحال کي سياسي اشو بڻائڻ بدران ان جي حل جو ڪو رستو ڪڍيو وڃي. رينجرز معاملو هجي يا ڪو ٻيو معاملو، وفاقي سرڪار کي حڪم هلائڻ ۽ زوري پنهنجي مرضي مڙهڻ بدران صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي. ڇو ته اعتماد واري ماحول ۾ ڪيل فيصلا پائيدار ۽ سٺا نتيجا ڏيندڙ هوندا آهن. هن وقت وفاق ۽ سنڌ ۾ هڪٻئي جي سياسي مخالف پارٽين جي حڪومت آهي. خيبرپختونخواهه ۾ به نواز حڪومت جي مخالف پارٽي جي حڪومت آهي، اهڙي صورتحال ۾ معمولي معمولي ڳالهه تي به ٽڪراءُ ٿيڻ جا هر وقت امڪان موجود رهن ٿا. ان ڪري ان صورتحال ۾ ماحول کي اعتماد وارو بڻائڻ جي گهرج آهي. ڪٿي جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي سُئي اٽڪي به بيهي ٿي ته ان جي رواني لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن، هڪٻئي سان سٺي ماحول ۾ ڳالهائڻ گهرجي ته جيئن مسئلي جو حل نڪري اچي. ڳالهه کي عزت ۽ انا جو مسئلو بڻائي ان کي انتها تي نه کڻي وڃجي. رينجرز جي اختيارن سميت جيڪي به معاملا آهن، اهي هڪٻئي سان گڏجي ويهي، جمهوري ۽ قانوني انداز ۾ حل ڪرڻ گهرجن.
(روزاني عبرت)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو