ڌرتي جي پراڻن ماڻهن جي حوالي سان گڏيل قومن پاران هر سال ڏينهن ملهايو ويندو آهي جنهن کي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ملهايو ويندو آهي مگر آئون سمجهان ٿو ته پاڪستان ۾ انهي تي ڪنهن جي نظر اڃان تائين ناهي پئي ڇو ته شايد هتي سڀ حملي آور ئي آهن، ڪاهون ڪندڙ ئي آهن. هتي لکين دنيا جا ۽ ڌرتي جا اصلوڪا وارث پڻ آهن جن کي هن عالمي ڏينهن جي موقعي تي وڌ کان وڌ اڳتي اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڌرتيءَ جي وارثن جو آواز ٿي سگهون حوصلو ۽ جذبو ٿي سگهون.باقي گڏيل قومن عالمي عدالتن، ملڪي ۽ صوبائي پارليانمينٽ، ملڪي ۽ بين القوامي انساني حقن جي ادارن کي اصلوڪن ماڻهن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي ۽ عملي طور انهن جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرجي ته جيئن هي دنيا جي پراڻي مخلوق پنهنجي جيئڻ جو صحيح معني ۾ گس ڳولي سگهي.سنڌ حڪومت کي هن موقعي تي ڪوبه ڪڏهن به اهڙو پريشر نه ڏنو ويو آهي جنهن سان هو دنيا جي اصلوڪن رهواسين جي حقن جي لاءِ ڪجهه ڪري يا ڪرڻ جو سوچي، جيڪر ڌرتي جي هنن وارثن لاءِ حڪومت جو هي رويو رهيو ته اسان جو جيئڻ ۽ ڌرتي بچائڻ وارو خواب خواب ئي رهجي ويندو. اسان ڌارين جي لوڌن کي روڪي نه سگهنداسين، هاڻ وقت آهي سمورن سماج سڌارڪن، سياسي، اڳواڻن سول سوسائٽي، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي ته هو اڳتي اچي ڌرتي جي وارثن جي حقن جي لاءِ آواز ٿئي گونجار ٿئي.
ڌرتي جا اصلوڪا رهواسي، موهن جي دڙي جا وارث، سنڌ ۾ امن، پيار، محبت، همدردي، پنهنجائپ، ثقافت، هم آهنگي جي تاريخ جا معتبر ۽ محترم ڪردار، سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ ۽ حيثيت جا رکوالا، ڌرتي تي حملي آورن سان مهاڏو اٽڪائي جيئڻ لاءِ وطن سان سان وفا ڪندي گذاريندڙ، درياءُ بادشاهه ۽ ڌرتي ماتا جون پوڄائون ڪندي گذاريندڙ، ڌرتي جي خوشحالي ۽ شادابي لاءِ هميشه ورت رکندڙ، هٿ مٿي کڻي ڌڻي در ٻاڏائيندڙ سنڌ جا ڌرتي ڌڻي ۽ هاڻوڪي دور جا خانه بدوش، رولاڪ، پينو، ڀٽڪندڙ، ويراڳي، جوڳي، سنياسي ۽ لاڏائو قبيلا، ڪولهي، ڪنڀار، ڀيل، مهاڻا، ميگهواڙ، مڱڻهار، جت، باگڙي، اوڏ، جوڳي، سامي، سنياسي، ڪبوترا، رٻاري، گرگلا، لوهار، وغيره جن مان اڪثر قبيلا موهن جي دڙي کان اڳ جي تاريخ رکن ٿا، جنهن جو مثال مهاڻا، ڪنڀار، ڪولهي وغيره آهن.دنيا جي پراڻي تهذيبي تاريخ رکندڙ هي قبيلا جن تاريخ جي لکندڙن کي انساني تاريخ جا ثبوت ڏنا آهن، جن تاريخ تي تحقيق ڪندڙن کي هنر، ڪِرت جي بنياد تي پڪيون شاهديون ڏنيون آهن، جن تاريخ جي ڪتابن ۾ بحث جو موقعو ڏنو آهي، وضاحت، سوالن، جوابن، تنقيد ۽ تجربن لاءِ اڻميو مواد پيش ڪيو آهي. تاريخ هنن قبيلن کي ڌرتي جي وارث کان لاوارث، خانه بدوش جي حيثيت ۾ پيش ڪيو آهي، جتي تاريخ هنن کي ڌرتي جو وارث انسان ثابت ڪري ٿي، اتي تاريخ هنن کي خانه بدوش، ڀٽڪندڙ، رولاڪ، پينو، لاڏائو، لاوارث نه صرف لکي ٿي بلڪ هي لکن جي تعداد ۾ تاريخ جا مهذب وارث دنيا جي اڳيان هاڻي به موجود آهن.تاريخ ۾ هي وارث رهندڙ قبيلا جن تي تحقيقي ۽ تنقيدي جائزن کان پوءِ اها حقيقت سامهون آهي ته هي ڌرتي جا پراڻا سنڌي آهن، انهي دور جي سنڌ جي سرحدن تي نظر وجهنداسين ته خبر پئجي ويندي ۽ ڳالهه صاف ٿي سامهون اچي ويندي، ڪافي ليکڪن هنن کي ڏکڻ اوڀر هندستان کان آيل قبيلا لکيو آهي، جيڪي چون ٿا ته آرين جي حملن کان پوءِ هي هندستان طرف ڀڄي ويا هئا ۽ پوءِ ٻيهر ويجهڙ ۾ هي واپس خانه بدوش ٿي لڏيندا آيا آهن، انهي ڳالهه ۾ صداقت ته پنهنجي جاءِ تي آهي مگر سنڌ جون انهي دور واريون سرحدون به ڏور تائين پکڙيل هونديون هيون انهي کي مد نظر رکي انهن قبيلن جي آمد واري تاريخ کي درست ڪري سگهجي پيو.
خير اهو بحث پنهنجي جاءِ تي مگر هي قبيلا سنڌ جا تاريخي وارث آهن اسان انهي ڳالهه تي زور ڏينداسين، جتي هي اسان جو تاريخي ورثو آهن، مثال آهن، وجود آهن، حقيقت آهن جنهن کان ڪو انڪاري به نٿو ڪري سگهي، انڪار ته هنن قبيلن جي پر امن، پيار، پريت ۽ پرامن معاشري واري تهذيبي زندگي کان ڪير نٿو ڪري سگهي، هي قبيلا تاريخي وجود رکندي پاڻ سان تاريخ جون هڙون گڏ کڻي هلي رهيا آهن، سوال اهو آهي ته هي خانه بدوش ڇو ٿيا؟ جنهن تي محققن جا ليک موجود آهن جن مان ثابت ٿيو آهي ته هي آرين جي حملن وقت هتان ڀڄايا ويا ۽ انهي کانپوءِ خانه بدوشي ۾ رهيا، ابتدائي زندگي ۾ شڪاري رهيا آهن، جهنگلن ۾ رهندڙ، خوراڪ شڪار جي تلاش ۾ خانه بدوشي تي مجبور ٿيا آهن. انهيءَ جو مثال هاڻ به اڳيان آهي هاڻوڪا مهاڻا جن جا گهر به ٻيڙين تي آهن، جن جو معاشرو به ٻيڙين تي آهي، ته دنيا به ٻيڙين تي کين جتي روزي ملندي آهي اتي گهر اڏيندا آهن، ڍنڍن، ڍورن، دريائن سمنڊن جا ڪنارا هنن جو گهر هوندا آهن، جيئن جوڳي جنهن جوءِ ۾ سُڪار هوندو اتي وڃي مرليون وڄائيندا ۽ نانگ نچائيندا آهن، جيئن جَتَ ۽ رٻاري لاڙ کي سکيو ستابو، بئراجي علائقو سمجهي لڏي وڃي اتي پکا اڏيائون ڇو ته هنن جي اٺن لاءِ لاڻي ۽ پاڻي جا دٻا موجود هئا پوءِ ته جيڪو حشر ساڻن ٿيو اهو پاڻ به سمجهن ٿا ته ٻيا به، جيئن ڪولهي، ڀيل ڪڙمت ڪندڙن جو گهر زميندار جي چيٽ ڪتي تي هوندو آهي فصلن تي گهرن جي ٺڪاڻن جو ثبوت ملي ٿو هي ماڻهو گهڻو ڪري ٿانيڪا نٿا رهي سگهن. ڪبوترا، سامي، جندواڙا به شهرن جي ڀر ۾ ڪچري جي ڍيرن تي، شاخ، واهه، واٽرن جي ڪپن تي يا گٽر نالن مٿانهن پنهنجا پکا اڏيندا آهن يا کُلين پوٺن پڌرن تي لوهارن جيان پوءِ شهرن مان پيا پيٽ جو پورائو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪو پورائو صدين کان ناهن ڪري سگهيا. اوڏ مٽي جا ڪوڏ به تهذيب جا اڏيندڙ ماڻهو قلعن، محلاتن، ڪوٽن کان وٺي ڪچن گهرن تائين سنڌ ۾ شاهڪار اڏاوتن جو مثال موجود آهي.
ڪشور ڪمار آسواڻي نهٽو ٿر
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو