)پيپلزپارٽي ضلعي ميونسپل ڪميٽين ۽ ميونسپل ڪارپوريشن لاءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پ پ جي سينيئر وزير نثار کهڙي پاران 30 ضلعي ڪائونسلن لاءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ نالن جو اعلان ڪيو. ٺٽي ضلعي لاءِ غلام قادر چيئرمين ۽ ممتاز جلباڻي وائس چيئرمين، سجاول ضلعي لاءِ عثمان ملڪاڻي ۽ چيئرمين ۽ ارباب ڪامران وائيس چيئرمين، مٽياري ضلعي لاءِ مخدوم فخر الزمان چيئرمين ۽ صالح شاهه وائيس چيئرمين، بدين ضلعو اصغر هاليپوٽو چيئرمين ۽ ملڪ ناصر وائيس چيئرمين، ٽنڊي محمد خان ضلعي لاءِ شيزان شاهه چيئرمين ۽ امين لاکو وائيس چيئرمين، دادو ضلعي لاءِ اشرف سولنگي چيئرمين ۽ بلال خان شهلياڻي وائيس چيئرمين، قاسم آباد لاءِ ڪاشف شورو چيئرمين ۽ اقبال وائيس چيئرمين، ٽنڊي ڄام لاءِ مير خان محمد چيئرمين ۽ لياقت علي مهر وائيس چيئرمين، عمر ڪوٽ نور حسن شاهه چيئرمين ۽ ملڪ محمد چانڊيو وائيس چيئرمين، ٿرپارڪر ضلعي لاءِ غلام حيدر سميجو چيئرمين ۽ ڪرني سنگهه سوڍو وائيس چيئرمين، سکر لاءِ اسلم شيخ چيئرمين ۽ شاهزيب شاهه وائيس چيئرمين، ملير لاءِ سلطان مراد چيئرمين ۽ رفيق جت وائيس چيئرمين، سانگهڙ لاءِ خادم حسين چيئرمين ۽ جمال الدين آرائين وائيس چيئرمين، ميرپور خاص لاءِ مير انور ٽالپر چيئرمين ۽ حاجي محمد خان وائيس چيئرمين، شڪارپور لاءِ آغا حسين الدين چيئرمين ۽ امير علي وائيس چيئرمين، لاڙڪاڻو لاءِ خان سانگرو چيئرمين ۽ عبدالحئي شاهه وائيس چيئرمين، گهوٽڪي لاءِ حاجي خان مهر چيئرمين ۽ صفدر چاچڙ وائيس چيئرمين، خيرپور لاءِ شهريار وساڻ چيئرمين ۽ ڪاشف ٻانڀڻ وائيس چيئرمين، جيڪب آباد لاءِ محمد پناهه اوڍو چيئرمين ۽ اسماعيل کوسو وائيس چيئرمين، ڪشمور لاءِ محبوب بجاراڻي چيئرمين ۽ نويد گولو وائيس چيئرمين مقرر ڪيا ويا.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو