سنڌ ۾ ڇپجندڙ اخبارن توڙي سوشل ميڊيا تي متحرڪ سنڌي ماڻهن جي اڪائونٽس جو جائزو وٺبو اڪثر ڪري پوري سنڌ مسائلستان نظر ايندي آهي، لوڊشيڊنگ ۽ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو، بدامني، مارا ماري، ڦرلٽ، تعليم ڏانهن لاپرواهي واري سوچ، ڪرپشن ۽ نه ختم ٿيندڙ احتجاج!!! اهو سڀ ڏسي ڪري ذهن ۾ سوال اڀرندا آهن ته هي ايترا مسئلا سنڌ ۾ ڇا لاءِ آهن ڇا جي کوٽ آهي سنڌ ڌرتي تي، سنڌي عوام آخر ڪڏهن صحيح معنيٰ ۾ سجاڳ ٿيندو، سنڌ جي عوام۾ حقن لاءِ گڏجي جدوجهد واري سوچ آخر ڪڏهن بيدار ٿيندي، ڪڏهن اسان الڳ، الڳ ديڳڙيون چاڙهڻ واري سوچ کان پاسو ڪنداسين اهي ۽ ٻيا ڪيترائي سوال ذهن کي جنجهوڙيندا آهن پر ڪو به جواب نه ملندو آ. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ اُها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا نٿي ملي، قدرتي وسيلن سان مالا مال، پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي حساب سنڌ سڄي سون آهي!!! پر هي سون انهن جي حوالي ڪيو ٿو وڃي جيڪي سنڌ ڌرتي کان فائدو وٺي عوام کي اونداهي ۾ رکن ٿا. سنڌي عوام سان ايتري ناانصافي آهي جو سنڌي ماڻهن کي ڪالهه ڪلهوڪا آيل ٻاهريان ماڻهو به ڌمڪائين ٿا، سنڌ جا ٽڪرا ڪرڻ واري سوچ جو وڏي واڪي اظهار ۽ ان لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ رڌل نظر اچي رهيا آهن پر افسوس جو سنڌ جو عوام سنڌ سان ته پاڻ به صحيح نموني سچو نظر نه پيو اچي.
سنڌ جي سمورن مسئلن جي پاڙ تعليم جي کوٽ ۽ پاڻ ۾ ٻڌي نه هئڻ آهي، جيڪڏهن سنڌ جو عوام پنهنجي مدد پاڻ تحت تعليم لاءِ جاکوڙي، سنڌ جي هر علائقي خاص ڪري ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهو پاڻ پنهنجي ايندڙ ۽ حاضر نسل کي محنت سان پڙهائڻ لاءِ بهتر قدم کڻن، گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي اولاد تي ڌيان ڏين ته هوند سنڌ جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، سنڌ سان محبت ڪندڙ، پڙهيل لکيل نوجوان جيڪي پنهنجي ڌرتي لاءِ ڪجهه ڪرڻ ٿا چاهين ته سنڌ جي تعليم لاءِ پنهنجي وت ۽ وس آهر ڪجهه نه ڪجهه ڪن، سنڌ اندر ڪاپي ڪلچر جي حوصلا شڪني ڪري نئين نسل جي نوجوانن، ٻارڙن جي تعليم تي ايترو ڌيان ڏيڻ گهرجي جو ڪنهن کي به ڪاپي جي ضرورت ئي نه پوي، سڀني کي خبر آهي ته سنڌ اندر ڪاپي ڪلچر جي بيماري هڪ سازش تحت پکيڙي وئي هئي، هاڻي سڀني کي ان جي پاڙ پٽڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي هن وقت انتهائي ضرورت آهي، انڪري سنڌ کي بي خوف لٽيو ٿو وڃي.جنهن ڪري ٻاهريان آيل توڙي ڪالهه به سنڌ سنڌين جي هئي. اڄ به سنڌ سنڌين جو آهي جيڪو ڪرڻو آهي سنڌ جي عوام کي ڪرڻو آهي سنڌ جي عوام کي سجاڳ ٿيڻو پوندو. سنڌ جي ماڻهون کي ان ڳالهه جو علم هئڻ گهرجي ته سنڌ جي ترقي سنڌ جي عوام سان ممڪن آهي. اڄ جيڪڏهن سنڌ سان عوام ته ٻاهران ڪو آيل سنڌ ٽوڙڻ جي سازش ڪري ٿو ته ان ۾ سنڌ جي عوام کي منهن ۾لپاٽ هڻڻ جي برابر آهي اسان سنڌ ۾ رهندڙ پاڻ کي سنڌي سڏايون ٿا. پر جڏهن سنڌ جي ڳالهه شروع ٿا ڪريون.ته اسان جا پنهنجا سنڌي حڪمرانن هوندي به اسان کي ٻاهران آيل ماڻهون ڌمڪائين ٿا. سنڌ جي عوام کي پاڻ ۾ هڪ ٿيڻ گهرجي. سنڌ ۾ مختلف پارٽيون آهن.پر سب ڪو الڳ ديڳڙيون ٺاهڻ جو سوچي ٿو. سڀ ملي ڪري ڇو نه هڪ ديڳ لاهيون!!!!!!!!!!!
سنڌ جي ترقي تڏهن ممڪن آهي. جڏهن ٻڌي ايڪو اتحاد قائم ٿيندو. سنڌ ۾ ڪنهن به شيءِ جي ڪمي نه آهي. سنڌ ۾ ڪجهه مسئلا آهن. سنڌ جي عوام کي پاڻ ۾ وچ وارا ويڙهائڻ ٿا. ۽ سنڌ جي عوام اٻوجهن وانگر وڙهڻ لاءِ تيار ٿي پوندو آهي ته پوءِ ٻاهرا تماشو ڏسندا آهن.. جيڪو سنڌ لاءِ اڪيلو آواز کڻندو آهي ان کي گوليون هڻي ماري ڇڏيندا آهن. سنڌ جي ترقي ۽ سنڌ عوام کي جيڪڏهن حق وٺڻا آهن ته ٻڌي اتحاد قائم ڪيو. هڪ قوم ٿي ڳالهايو . جڏهن ته سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ تي وڃي پهتي آهي.سنڌ جي عوام کي گهمراهه ٿو ڪيو وڃي. توهان پنهنجي ايندڙ ۽ هلندڙ نسلن کي سڌارڻ لاءِ سمجهه اوجاگر ڪيو. سنڌ ڌرتي هڪ عظيم ڌرتي آهي جيڪي ماڻهون سنڌ جي عوام خلاف سازشون ڪن ٿا. انهن جي چيلهه تڏهن چٻي ٿيندي جڏهن سنڌ جي عوام ۾ بهتر نموني تعليم هوندو. گهڻو ڪري سنڌ جا نوجوان ائين سوچنيدا آهن ته بابا فون ڪري پاس ڪرائيندو. اسان کي ڪهڙي پرواهه! پر انهن نوجوانن کي اهو ڪير ٻڌائيندو ته سنڌ جي ترقي انهن جي هٿ ۾ آهي جڏهن انهن ۾ علم نه هوندي ته اهي پنهنجي حق، ۽ نفعو ، نقصان جي سڃاڻپ ڪئين ڪندا؟ هن دنيا ۾ ماڻهن کي سڃاڻڻ لازمي آهي. جڏهن توهان ۾ علم جو گڻ هوندو ته توهان ماڻهن کي سڃاڻيندو . هي ڪراچي ۽ حيدرآباد سنڌين جي آهي. ۽ سنڌين جي ئي رهندي. سنڌ جي نوجوانن کي منشيات ۽ ٻين شين ڏانهن ڌيان ڇڪرايو ٿو وڃي. انهن ۾ جيڪڏهن بهتر نموني تعليم هوندي. تڏهن نوجوان پاڻ کي مظبوط ڪندا. پنهنجي اولاد کي بهتر بڻائڻ ۽ انهن کي ڪامياب ڏسڻ ٿا چاهيو!!
(روزاني عوامي آواز)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو