مدد علي سنڌي
سمجهه ۾ اها ڳالهه نٿي اچي، ته ڪيترن اهم معاملن کي ڄاڻي واڻي اختلافن جو نشانو ڇو پيو ٺاهيو وڃي، جڏهن ته ڪيترا اهڙا معاملا ۽ مسئلا آهن، جن تي ڪو به اختلاف پيدا نه ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن انهن مسئلي تي اختلاف پيدا ڪيو ٿو وڃي، ته ان معاملي جا سياسي مفاد ضرور آهن. پر ڪجهه معاملن تي سياسي مفاد هر طرح سان نقصانڪار هوندا آهن، جن جي ڪري مجموعي طور تي نقصان پهچندو آهي. ڇا اها هڪ حقيقت ڪونهي ته سنڌ ۾ گذريل اٽڪل 20 سالن کان صوبائي توڙي وفاقي حڪومتن جي مصلحت پسنديءِ سياسي مقصدن جي خاطر، معاملن کي پوئتي رکيو ويو ۽ نتيجي ۾ سنڌ صوبو، ڊگهي مشڪلات سان دوچار ٿيو. مثال طور سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جو آهي، اتي ڪيتري وقت کان وٺي هڪڙا مخصوص خيال رکندڙ گروهه، سياست تي حڪومتي فيصلن تي ايترو ته اثر انداز ٿيا، جو ڪراچي شهر جهڙوڪر بدامني جي باهه ۾ ٻري ويو. ٽارگيٽ ڪلنگس، ڀتا مافيا، اسٽريٽ ڪرائيم، خونريزي پنهنجي مقصدن لاءِ ڪرائڻ ڄڻ هِن شهر جي سڃاڻپ ٿي وئي ۽ هر حڪومت انهن مخصوص گروهن جي آڏو بيوس ۽ لاچار بڻي بيٺي هئي. خدا جي پناهه. ڀتو نه ملڻ تي هڪ فيڪٽري کي ڪيميڪل سان باهه ڏني وئي، نتيجي ۾ 300 پورهيت جن ۾ عورتون ۽ نوجوان شامل هئا، سڙي رک ٿي ويا، پر اهو گناهه ڪندڙن جو وار به ونگو نه ٿيو، ڇو آخر ڇو؟ آخرڪار اهي ڪهڙا سبب هئا جنهن جي ڪري ڪراچي کي بدامني جي باهه ۾ ڌڪو ڏيندڙن لاءِ قانون جي حڪمراني لاڳو نه ڪئي وئي. اڄ اهي سوال پنهنجي جاءِ تي ڏاڍا اهم آهن. ان کانسواءِ به ڏوهن جا هزارين مثال آڏو آهن. هي ڪراچي شهر، لاوارثن جو شهر هو، جنهن کي جيئن پئي وڻيو، تيئن پئي پنهنجو راڄ هلايو ۽ حڪومت جهڙوڪر خاموش هئي ۽ اهو سلسلو جيئن عرض ڪيم ته 20 سالن کان جاري آهي.
بهرحال ملڪ بچائڻو آهي، ڪراچي سميت سنڌ کي انهن عناصرن کان آزاد ڪرائڻو آهي ته پوءِ سنڌ سرڪار کي توڙي وفاق کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. مثال طور ڇا رينجرز ڪراچي ۾ امن نه قائم ڪرايو آهي؟ ڇا اها حقيقت ڪونهي ته رينجرز ڪراچي جو وڃايل امن بحال ڪري هڪ تعريف جوڳو ڪم ڪيو، ۽ پوءِ ان جي سنڌ ۾ موجودگي بابت اختلاف ڇو ٿو پيدا ڪيو وڃي؟ آخرڪار ڇا لاءِ خود سنڌ حڪومت رينجرز جي ڪراچيءَ ۾ موجودگي بابت فيصلي ڪرڻ کان ٿي ڪيٻائي. اهي اهڙا سوال آهن، جن جا جواب مطمئن جوڳا حاڪمن نه ڏنا، يا مسئلي جو عقلمندانه حل نه ڳوليو ويو ته پوءِ غلط فيصلن جا مستقبل تي اثر پوڻ لازمي ڳالهه آهي. تازو رينجرز اختيارن واري معاملي تي وفاق ۽ سنڌ ۾ ڇڪتاڻ بدستور برقرار آهي، سنڌ سرڪار طرفان رينجرز جي خاص اختيارن ۾ مشروط واڌ جو آرڊر جاري ڪندي رينجرز جي خاص اختيارين جي سنڌ اسيمبلي مان منظوري وٺڻ کي لازمي قرار ڏنو ويو، جنهن موجب رينجرز قانون موجب طئي ٿيل اختيار اورانگهي ڪا به ڪارروائي نه ڪري سگهندي. وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت جي سنڌ رينجرز جي اختيارين ۾ توسيع واري سمري کي رد ڪري ڇڏيو، وفاقي گهرو وزارت جي قانوني ماهرن جي ٽيم سنڌ حڪومت جي رينجرز اختيارن بابت سمري کي آئين جي آرٽيڪل 147 تحت نه هجڻ ۽ سنڌ رينجرز جي خاص اختيارن کي ڪراچيءَ تائين محدود کي غير آئيني قرار ڏيندي رينجرز کي سموري سنڌ ۾ خاص اختيار ڏيڻ کي ضروري قرار ڏنو. سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب ”ايپڪس اجلاس ۾ طئي ٿيو هو ته ڪراچي کان سنڌ جي ٻين ضلعن ڏانهن فرار ٿيندڙ ڏوهارين کي قانوني دائري ۾ رهي گرفتار ڪرڻو آهي.
هوڏانهن هڪ ڌر جو اهو به چوڻ آهي ته پنجاب پوليس سنڌ جي سرحدن ۾ اچي ڪري ڏوهارين کي کنڀي ويندي آهي پر انهن جي خلاف قدم نٿو کنيو وڃي. بهرحال اهو هڪ علحده پر معروضي مسئلو ضرور آهي. ان کان هٽي ڪري پاڻ کي ڏسڻو آهي ته اهم مسئلن کي تڪراري ڇو ٿو بڻايو ويو. جيتريقدر امن امان جو تعلق آهي ته ان بابت صورتحال ڏسي ڪري فيصلا ڪيا ويندا آهن، ڇا ٽنڊو محمد خان، سانگهڙ، ٿرپارڪر جون حالتون ڪراچيءَ جهڙيون هيون يا آهن؟ سنڌ سرڪار جو موقف اهو آهي ته آپريشن جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌائڻ جو مقصد سنڌ حڪومت جي اٿارٽي کي ختم ڪرڻ آهي، ڪنهن کي به فرمائش تي اختيار نه ملندا.“ ساڳئي وقت پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي موقف موجب ته”وفاقي گهرو وزارت کي سمري رد ڪرڻ جو اختيار ئي نه آهي، چوڌري نثار آئين جي دائري کان ٻاهر نه نڪري 25 جماعتون پنجاب ۾ رينجرز جي مقرري مطالبو ڪري رهيو آهي، پر چوڌري نثار کي اپوزيشن جو مطالبو نظر نٿو اچي. آئين سنڌ رينجرز جي حوالي سان جيڪي اختيار ڏئي ٿو سنڌ حڪومت ايئن ڪيو آهي،
جيڪڏهن چوڌري نثار سڄي سنڌ ۾ رينجرز چاهي ٿو ته پوءِ پنجاب ۾ ڇو نه رينجرز کي اختيار ڏنا وڃن، ڇا پنجاب ۾ ڏوهه گهٽ آهن؟“ اهو موقف ٿيو پيپلزپارٽي جو ساڳئي وقت وري وفاقي حڪومت جو تازو موقف حڪومتي ترجمان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پيپلزپارٽي جي قيادت پاران رينجرز جي اختيارن جي حوالي سان بيان ۽ تنقيد حيران ڪندڙ ۽ سمجهه کان ٻاهر آهي، جڏهن ته گذريل ٻن هفتن کان سنڌ ۾ رينجرز بنا اختيارن جي موجود آهي ۽ خاطرين جي باوجود ان معاملي ۾ اڳڀرائي نه ٿي آهي، هاڻي اهي بيان ٿيا، واسطيدار ڌرين جا پر جيستائين رينجرز اختيارن واري معاملي تي وفاق ۽ سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جو تعلق آهي، ان بابت ڪجهه نظر رکندڙن جو چوڻ آهي ته ”سڄي سنڌ ۾ آپريشن جي ضرورت ناهي، سنڌ جي اندرين علائقن ۾ ڪراچي جهڙيون حالتون موجود نه آهن، خاص طور تي هن وقت جڏهن پ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن، اهڙين حالتن ۾ ٻن وڏين پارٽين جي وچ ۾ اختلاف هروڀرو ملڪ جي سياسي ماحول کي خراب ڪري سگهن ٿا. يقيناً هن معاملي جي پويان ڪجهه معاملا لڪل آهن، مثال طور ٻنهي پارٽين جا ڪجهه مطالبا به آهن، پيپلزپارٽي پاناماليڪس تي عمران خان سان نه وڃڻ جي بدلي ۾ وفاقي حڪومت کان سنڌ ۾ رينجرز کي روڪڻ جهڙا مطالبا مڃائڻ چاهي ٿي، سنڌ حڪومت رينجرز جي اختيارن واري معاملي تي آئيني طور تي بهتر موقف پئي رکي.“ ٻئي طرف امن امان کي قائم رکڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، جڏهن ته امن امان کي قائم رکڻ هڪ نج انتظامي ڪم آهي، جنهن کي ڪنهن به ريت سياسي بڻائي بهتر نٿو رکي سگهجي ۽ جيڪڏهن امن امان جي مسئلي کي سياسي بنايو ويو ته پوءِ نتيجو اهو نڪرندو جنهن جو مٿي ذڪر ڪيوسين، ته ڪراچي شهر دهشتگردي جو مرڪز ٿي ويو هو. يقينن انتظامي طور تي بهتر قدم کڻي ئي صوبي جي حالتن کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، پر ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ ۾ انتظامي ۽ سياسي مسئلن کي ڌار ڌار حل ڪيو وڃي، رينجرز جي سڄي سنڌ ۾ اختيارن وارو معاملو آئيني طور وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ويهي مرضيءَ سان حل ٿيڻ گهرجي، اها ئي وقت جي اهم گهرج آهي، باقي معاملي کي بتنگڙ هرگز نه بڻايو وڃي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو