ياسر ٻٻر
ننڍن صوبن خاص ڪري سنڌ سان وفاق جو ويڳاڻو ورتاءُ ڪا نئين ڳالھه ناهي، پر جڏهن وفاق ۾ حڪومت نون ليگ جي هوندي آهي ته اهي اذيتون وڌي وينديون آهن، ايف سي ايوارڊ کان وٺي صوبن جي ٻين مجموعي حقن جي حوالي سان ٻيائيءَ واري روش وفاق ۽ خاص ڪري نون ليگ سرڪا جو پسند جو مشغلو رهي آهي. تاريخ شاهد آهي ته پيپلز پارٽي جنهن کي چئني صوبن جي زنجير ڪوٺيو ويندو آهي، جڏهن به اقتدار ۾ آئي آهي ته هن سمورن صوبن کي برابريءَ واري اک سان ڏٺو آهي ۽ سڀني صوبن تي هڪ جيترو ئي ڌيان ڏنو آهي هڪ جيتريون ئي ترقياتي رٿائون شروع ڪيون وينديون آهن. حالانڪ سنڌ پي پي پي جو مضبوط قلعو يا ڳڙھ رهي آهي انڪري جيڪڏهن پي پي پي چاهي ها ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ تي وڌيڪ ڌيان ڏئي ها پر هن سنڌ جي ڀيٽ ۾ وري به پنجاب کي وڌيڪ ترجيح ڏني آهي انڪري جو پنجاب ملڪ جووڏو صوبو آهي ۽ اهو به ته پنجاب واسين کي اهو تاثر نه ٿيڻ گهرجي ته ڪو پي پي پي صرف سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ پارٽي آهي پر اها ته وفاق جي علامت ۽ چئني صوبن جي هڪ جيتري نمائندگي ڪندڙ پارٽي آهي.
پي پي پي جڏهن به ۽ جيڪي به سنڌ اندر ترقياتي رٿائون شروع ڪيون آهن، نواز حڪومت اچڻ شرط ئي انهن کي رد ڪرڻ، بند ڪرڻ يا متاثر ڪرڻ وارا ڪارناما ضرور ڏيکاريا آهن، جڏهن مرڪز ۾ نواز ليگ جي حڪومت هجي ۽ سنڌ ۾ پي پي پي جي حڪومت ته پوءِ نوازليگ کي اها ڳالهھ ڪڏهن به هضم ناهي ٿيندي، ان ڪري طرح طرح جا هٿ ٺوڪيا اشوز پيدا ڪري سنڌ حڪومت کي ڊسٽرب ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون آهن. ماضيءَ جيان هن ڀيري به سنڌ ۾ پي پي پي جي حڪومت نواز ليگ لاءِ اک ۾ ڪنڊي جيان چڀي رهي آهي، جنهن ڪري بهاني بهاني سان سنڌ حڪومت تي وفاق جو زيادتين وارو عمل هلندڙ آهي.
سنڌ حڪومت کي رينجرز جي اختيارن واري معاملي تي وفاق جي ضد جي ڪري کوڙ سارين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، ان حوالي سان چوڌري نثار جا بيان چڙ ڏياريندڙ ۽ معاملي کي ٻيا رخ ڏيڻ جا جتن هئا، اختيارن جو معاملو سئون سڌو هڪ انتظامي معاملو هيو پر ان کي سياسي بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون جنهن کي وڏي وزير جي صلاحڪار مولابخش چانڊيو پهريون ڀرپور جواب ڏنو پر ان جي باوجود چوڌري نثار ۽ سندس ڪمپني پنهنجي ڪار سان لڳي رهي جنهن کان پوءِ پي پي پي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ مجبور ٿي چوڌري نثار جي اهڙي روش تي ڳالهايو ۽ چيو ته چوڌري نثار پنهنجي ڪم سان ڪم رکي، وفاق ننڍن صوبن کي نشانو بڻائڻ بجاءِ انهن سان گڏجي ڪم ڪري.
وفاق جي حوالي سان سنڌ حڪومت کي جيڪي به خدشا آهن انهن جا هٿ ٺوڪيا جواز پيدا ڪيا ويا آهن جنهن جي ڪري صوبي اندر سياسي توڙي انتظامي حوالي کان غير يقيني صورتحال جنم وٺندي رهي ٿي. ان ڏس ۾ قومي اسمبليءَ جي اجلاس ۾ پي پي پي جي نويد قمر پوائنٽ آف آرڊر تي پ پ جي پارلياماني ليڊر سيد نويد قمر سنڌ ۾ رينجرز اختيارن جي حوالي سان پيدا ٿيل صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت آئين جي آرٽيڪل 147 تحت رينجرز جون خدمتون حاصل ڪيون آهن، سنڌ حڪومت جو اختيار آهي ته ڪٿي رينجرز کي اختيار ڏيڻا آهن ۽ ڪٿي نه ڏيڻا آهن، وفاقي گهرو وزارت کي اهو اختيار نه آهي ته صوبي جي سمري کي ان بنياد تي رد ڪري ته رينجرز ڪراچي کانسواءِ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به پوليس جي سفارش تي مدد فراهم ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته وفاق طرفان جيڪا زبان استعمال ڪئي پئي وڃي، اها نوآبادياتي طرز جي آهي، ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ سميت ملڪ جو ڪو علائقو نو آبادياتي نه آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت جي عمل سان پاڪستان کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي.
هن وقت صورتحال اها آهي ته سنڌ حڪومت جي اٽل موقف کان پوءِ مجبور ٿي، وفاقي سرڪار رينجرز جي سنڌ ۾ مقرري جي مدي ۾ هڪ سال ۽ خاص اختيار سڄي سنڌ بدران صرف ڪراچي ڊويزن ۾ ئي وڌيڪ 90 ڏينهن ڏيڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن، وفاقي گهرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪندي چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جي درخواست تي سنڌ ۾ رينجرز جي مقرري، هڪ سال جي واڌ ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ 90 ڏينهن لاءِ خاص اختيار ڏيڻ جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن،
رينجرز جي سنڌ ۾ مقرري جي مدي ۾ 19 جولاءِ 2017ع تائين اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته رينجرز امن امان جي صورتحال جي بهتري لاءِ پوليس جي مدد لاءِ موجود هوندي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته وفاقي سرڪار موجوده حڪومتي سيٽ اپ لاءِ بچيل باقري عرصي دوران پنهنجي روايتي حرڪتن کان پاسو ڪندي صوبن سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي آماده ٿئي ٿي يا وري اهي ئي حرڪتون ورجائيندي رهندي جيڪي ماضيءَ ۾ نواز حڪومت پاران ننڍن صوبن جي حڪومتن کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪيون وينديون رهيون آهن. سياسي تجزيا ڪندڙ ته ان ڳالھه کي ورجائي رهيا آهن ته نواز سرڪار جي حق ۾ اها ڳالھه آهي ته اها جمهوريت جي بقاءَ لاءِ ننڍن صوبن ۾ موجود حڪومتن سان سهڪاري رويو رکي هلي ته جيئن کيس منهن ۾ پيل پريشانين سان سولائيءَ سان نبري سگهي.
(روزاني عوامي آواز)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
پنهن جي راء هتي لکو